اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن کي نه ڇڏيندس: سردار شاھ
صوبائي وزير سردار شاھ چيو آھي ته اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن کي نه ڇڏيندس، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کان آرڊر لاءِ رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن کي نه ڇڏيندس، تعليم کاتي جي آفيسرن سان اجلاس ۾ ڳالھائيندي سردار شاھ چيو ته ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي جو ماڻهو تنگ ڪري ته ٻڌايو، کين گرفتار ڪرائي سخت سزا ڏياريندس، غريب ماڻهن جي اهل اولاد کان نوڪرين لاءِ پئسا وٺڻ وڏو گناهه آهي، ٻارن کي حرام جي ڪمائي نه کارايو، معصوم ٻارن جي تعليم تي ڏيان ڏنو وڃي.