خاص

انجير ۾ لِڪل اڻ کُٽ فائدا

انجير جو شمار مشهور ميون ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي استعمال جي بهترين صورت ان کي خشڪ کائڻ آهي. انجير جي اندر پروٽين، مٺاڻ، ڪيلشيم، فاسفورس هجي ٿو. ٻنهي قسمن جي انجير يعني خشڪ ۽ تازي ۾ اٽامن اَي ۽ سي وڏي مقدار ۾ هوندي آهي، جڏهن ته وٽامن بي ۽ ڊي گهٽ مقدار ۾ هوندي آهي. خشڪ انجير پنهنجي اندر شامل نمڪيات ۽ غذائي مادن سبب اهم غذائن ۾ شامل ٿيندو آهي. بلند اينٽي آڪسيڊنٽ مادن سبب انجير ڪينسر جا خليه جڙڻ جي عمل کي روڪي ٿو. ان حوالي سان ڪيل تحقيقن موجب خشڪ انجير رت ۾ چرٻي جي مقدار کي گهٽ ڪري دل کي صحتمند رکي ٿو. ڪيلشيم، پوٽاشيم ۽ ميگنيزيم جهڙيون نمڪيات رکڻ سبب انجير هڏن کي مضبوط بڻائي ٿو ۽ اهو ئي نه پر جسم ۾ فولاد جي کوٽ به پوري ڪري ٿو. گڏوگڏ انجير وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ به گهڻو فائديمند آهي.