اندر جو ابليس 7 جولاءِ 2019 تي هري پور ۾ ٿيل واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻي طارق عزيز شيخ Aug 2020

هُو تمام معتبر، شريف ۽ نيڪ ماڻهوءَ طور سڃاتو ويندو هو. چهري تي وڌيڪ ڪاري ۽ ڪجهھ اڇي ڏاڙهي رکيل هئس، مٿي تي اڇي ڄاريءَ واري ٽوپي ۽ ڪلهن تي پوتڙو پاتل رهندو هئس، مسجد جو پيش امام هو. دين جا سمورا معاملا اوڙي پاڙي وارا کانئس پڇڻ ايندا هئا. جمعي جي نماز جو ڊگهو خطبو ڏيندو هو ۽ گهڻو ڪري جنت دوزخ جو موضوع کڻندو هو، ٻڌندڙ سندس تقرير مان ڏاڍا متاثر ٿيندا هئا. هن جو ڪردار بزرگ ۽ معلم وارو هو، هر ڪنهن کي مٿس اکين پُور اعتماد هو.

فجر جي نماز کانپوءِ جڏهن مسجد نمازين کان خالي ٿي ويندي هئي ته ٿوري دير بعد مسجد مدرسي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. ٻار ناظره تعليم وٺڻ لاءِ ايندا هئا. ٻارن سان انتهائي سنجيده رهندو هو، ڄڻ سندس روپ ۾ ڪو جلالي انداز نروار ٿي ويندو هو. ٻار تمام حساس هوندا آهن، ڊپ ۾ روئندا جلدي آهن ته پرچائڻ تي کلندا به جلدي آهن. پيش امام جي مزاج ۽ انداز کي به ٻار ايئن سمجهي ويا هئا جو سندس اک جي اشاري سان هلندا هئا. پيش امام جي رهائش مسجد سان لڳ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ هئي ۽ اُتي ئي هن جو هڪ ڪنڊ ۾ رڌڻو به ٺهيل هو جتي  ٻارن کان ٿانو ٿپا ڌوئاريندو هو.

هڪ ڏينهن پيش امام وٽ تمام ٿورڙا ٻار قرآن پڙھڻ لاءِ آيا هئا، شايد برسات تيز پئي هئي انهيءَ ڪري ٻارن کي موڪل ڏئي ڇڏي هئائين، پر هڪ ٻارنهن تيرنهن ورهين جي ٻارڙي نسيم کي موڪل نه ڏنائين. جڏهن ٻارڙيءَ ڏٺو ته ڪو به ٻار ناهي ته پاڻ به پيش امام کان وڃڻ جي اجازت ورتائين. پيش امام چيس ته ٺيڪ آهي روز جيان ٿانو ڌوئي ڏئي ته تنهنجي موڪل.

ٻارڙي ڪمري جي ڪنڊ ۾ ٿانون ڌوئڻ لاءِ زمين تي پيل ننڍڙي منجيءَ تي ويٺي ته انهيءَ مهل پيش امام جي نيت معصوم ٻارڙيءَ تي خراب ٿي. وسندڙ برسات ۾ به تيزي اچي وئي، ٻارڙيءَ کي پاڻمرادو ڊپ ورايو، ڄڻ ڪنهن خطري کي ڏسي ورتو هجيس. هن کي اڳي ڪڏهن به ايئن ڊپ محسوس نه ٿيو هو، جيئن انهي وقت لڳس. ٻارڙي ڇرڪ ڀري اُٿي ته سندس پُٺ پيش امام سان ٽڪرائجي جيڪو خبر ناهي ڪڏهن کان مٿس بيٺل هو ۽ کيس تڪي رهيو هو. ٻارڙيءَ کي پيش امام جو ٽڪرايل وجود به ڏاڍو بُرو لڳو هو ڄڻ هن کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مرد جو اهڙو بُرو ۽ خوفائتو وجود لڳو هو نه ته پنهنجي پيءُ سان ڏينهن ۾ ڏھ ڀيرا ڀاڪر ڀري سڪون حاصل ڪندي هئي ۽ پيءُ جي ٻانهن وچ ۾ ته ٻارڙي ڪنهن محفوظ ڪوٽ ۾ اچي ويندي هئي.

پيش امام کيس هڪڙي ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي هنڌ ڏانهن وٺي پئي آيو ته ٻارڙي گهر وڃڻ لاءِ زور ڀريو. پيش امام هن کي اک ڏيکاريندي چُپ چاپ سندس چوڻ مڃڻ لاءِ چيو. ٻارڙي نه چاهيندي به ڊپ ۾ هن سان گڏ هنڌ تي ويٺي ۽ پيش امام جا هٿ سندس جسم تي ڦرڻ لڳا. سخت ۽ مضبوط هٿ ٻارڙي جي ڪمزور جسم ۽ هڏين ۾ چڀڻ لڳا. پيش امام هن کي پنهنجي شھوت جو کاڄ بنائڻ شروع ڪيو ته ٻارڙي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پيش امام کان پري ٿيڻ لاءِ طاقت لڳائي، پر پيش امام ڇڙٻ ڏئي هڪ سٽ ڏئي پنهنجي مرضي سان ٻارڙي کي هنج ۾ ويهاريو. هو پيش امام جي پوري وڪڙ ۾ آيل هئي. آخرڪار ٻارڙيءَ رڙيون ڪري هن کان پاڻ ڇڏائڻ شروع ڪيو جنهن تي پيش امام سندس وات تي هٿ رکيو ۽ ٻيهر جبري ڪار ڪرڻ لڳي ويو. هن پنهنجي سگھه جو پورو فائدو کڻندي بُک ختم پئي ڪئي، ٻارڙي لاچار ڪجھه نه پئي ڪري سگهي ڄڻ بگهڙ جي وات ۾ هرڻ جو ٻچو شڪار ٿيندو آهي. ٻارڙي ڪمزور هجڻ باوجود بُرائي تي مزاحمت ڪئي ۽ پيش امام جي آڱرين کي چڪ پاتائين، پيش امام جو هٿ ٻارڙيءَ جي وات مان ڇڏايو ته ٻارڙي رڙيون اڳي کان وڌيڪ زور سان ڪندي رانڀاٽ ڪيا. انهيءَ وقت ٻاهران ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو ۽ هڪدم پيش امام جي ڪمري جو دروازو کڙڪيو. ٻارڙي هن جي هنج مان پاڻ ڀڄندي دروازي طرف پُڳي ته پويان پيش امام ڪپڙن کي سنڀاليندو  در تائين سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌو. ٻارڙي ايتري دير ۾ در جي ڪنڍي کولي ڇڏي ۽ ٻاهر بيٺل ماڻهن پيش امام جو اصل روپ ڏسي ورتو. ٻارڙي پنهنجي گهر پهتي ۽ پيش امام پوليس اسٽيشن پهتو.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments