انڊلٺ جي رنگن جهڙو انڊيا پويلين ايڪسپو 2020 دبئي (حصو پهريون) ڀون سنڌي  

1080 Shares

جارجيئن ڪئلينڊر(Georgian Callender)  مطابق ھِن سياري (ڌرتي)، جنھن تي اسين رھون ٿا، ھندو مئٿالاجي(Mythology)  سڀني مئٿالاجين کان قديم آھي. نه صرف اِھو پر ھندستاني تھذيب/سڀيتا(Civilization)  به دنيا جي سڀ کان پراڻي بلڪه شاھوڪار ۽ خوشحال تھذيب رھي آھي. اچو ته دنيا جي سڀني کان پراڻي ھندو مئٿالاجي ۽ ھندو سڀيتا جي جنم ڀومي ھندستان جو ايڪسپو 2020 دبئي ۾ سجايل پويلين ڏسون.

ايڪسپو جي الفور سان زون ۾ واقع انڊيا پويلين جي مهاڙي(Facade)  تي مٿي ديوار تي هڪڙي پاسي عربي ۾ الهند ته ٻئي پاسي انگريزي ۽ هندي ۾ انڊيا لکيل آهي. 8750 ميٽر اسڪوائر ايريا تي ڦهليل هي پويلين مستطيل جي شڪل ۾ آهي. 192 ملڪن جي پويلينس مان هي ايڪسپو جو ٽيون نمبر وڏو پويلين آهي ۽ چار ماڙ آهي. هن پويلين جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگKulreja Architects  جي ڪيل آهي ۽ هن پويلين تي ڪل لاڳت ستر ملين ڊالر (13 ارب 5 ڪروڙ 65 لک رپيا) آئي آهي. هي پويلين ايڪسپو جي انهن چند پويلين مان هڪ آهي جيڪي ايڪسپو جي ختم ٿيڻ کانپوءِ به رهندا، جن کي ماڻهو ڪڏهن به چاهين ته ڏسي سگهن ٿا. پويلين جي گرائونڊ فلور کي ڇڏي باقي ٽن منزلن(Floor)  جي مهاڙي(Facade)  تي چرندڙ ڦرندڙ بلاڪ لڳل آهن جن ۾ 600 کان مٿي اسڪرين پينل لڳل آهن. عام طور تي هنن چرندڙ ڦرندڙ بلاڪن واري ڊزائين جي اسڪرين تي ٽي رنگ اڇو، ڳاڙهو ۽ نارنگي حرڪت ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري هي رنگ برنگي پويلين هر وقت ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيو رهي ٿو. ان کانسواءِ هر شام جو هنن ٿري ڊي (3 D) اسڪرينن تي مختلف تصويرون ۽ وڊيوز هلن ٿيون. ڪيڏي مهل هندستان جي 75 سالن جي سفر جا قصا تصويري ۽ ڊزائنن جي شڪل ۾ هلن ٿا ته ڪيڏي مهل مهاتما گانڌيءَ جو لٺ هٿ ۾ ۽ لنگهوٽي پاتل فوٽو ڪاري رنگ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيڏي مهل سونهري رنگ ۾. هن مهاڙي تي ڪيڏي مهل ڀارت جي جهنڊي ۾ اشوڪا چڪرا ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيڏي مهل هندستان جي تهذيب ۽ مئٿالاجي سان جڙيل تصويرون. ڪيڏي مهل باليووڊ جي اداڪارن جا فوٽو ظاهر ٿين ٿا ته ڪيڏي مهل باليووڊ سندرين جا من مهڻا چهرا اسڪرين جي زينت بڻجن ٿا. ڪيڏي مهل مهاڙي (Facade) تي ڀارت ۾ ماڻهن کي لڳايل ڪووڊ وئڪسين جا انگ اکر ظاهر ٿين ٿا ته ڪيڏي مهل علاقائي هنرن جون تصويرون وغيره. ان کانسواءِ پويلين جي مهاڙي تي ڀارت جي قومي ڏينهن، عيد ۽ خوشي جي تهوارن ۽ خاص موقعن جي حوالي کان مختلف رنگ به رنگي عڪس به اڀاريا وڃن ٿا.

پويلين جو مين گيٽ مستطيل ۽ سونهري رنگ جو آهي جنهن جي مٿان عربي ۾ اهلن و سهلن مرحبا، هندي ۾ نمسڪار ۽ انگريزي ۾ ويلڪم لکيل آهي. هونئن ته هزارين سالن کان هندستان 19000 ٻولين ۽ 700 قبيلن جو ديس به رهندو آيو آهي ۽ ان جو شمار دنيا جي سڀني کان پراڻين تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، پر هن وقت جن ٻولين کي ملڪ ۾ قومي ٻولين جو درجو حاصل آهي انهن جو تعداد 22 آهي. مين گيٽ جي ٻنهي پاسن تي انهن ٻولين ۾ ڀليڪار لکيل آهي جن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ”ڀلي ڪري آيا.“

ايڪسپو 2020 دبئي ۾ هر ملڪ جي پويلين جو ڪو نه ڪو مرڪزي خيال يا ٿيم(Theme)  آهي جيڪو ان ملڪ جي تهذيب، ثقافت، مزاج ۽ ترقي کي ظاهر ڪري ٿو. انڊيا جي پويلين جو ٿيم آهيOpenness, Opportunity Growth. پويلين جي مين ٿيم کي ذهن ۾ رکندي وري ان پسمنظر ۾ ننڍا ننڍا ٿيم(Sub Themes)  تجويز ڪيا ويا آهن، جن تي مختلف سيڪشن ترتيب ڏنا ويا آهن، جيڪي انڊيا جي تهذيب ۽ تمدن، دنيا سان لاڳاپن، ملڪي ترقي ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ورتل اپائن جي ترجماني ڪن ٿا. پويلين جي انهن ننڍن ننڍن ٿيمس ۾ هيٺين نقطن (شين) کي اجاڳر ڪيو ويو آهي.

(1) آبهوا ۽ ساهوارن جو ماحول (2) پاڻي (3) صحت ۽ خوشحالي (4) خوراڪ ۽ زراعت (5) ڄاڻ ۽ سکيا (6) خلائي تحقيق (7) ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقي (8) ملڪ جي گولڊن جوبلي (9) آمد و رفت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن (10) برداشت (سهپ) ۽ باهمي سهڪار ۽ (11) بين الاقوامي ٽارگيٽس.

هي ننڍا ننڍا ٿيم جيڪي پويلين جي مين ٿيم جي عڪاسي ڪن ٿا، انهن کي ذهن ۾ رکندي پويلين جو جيڪو لوگو(Logo)  ٺاهيو ويو آهي، اهو گول آهي ۽ ٽن رنگن تي مشتمل آهي. هي لوگو هندستان ۾ ٻڌ مذهب جي دور جي مها راجا اشوڪ جي چڪرا (اشوڪ چڪرا) جيڪو هندستان جي جهنڊي ۾ به شامل آهي، جي پسمنظر ۾ ٺاهيو ويو آهي. هي لوگو ٻَڌي، ذميواري(Commitment)  ۽ مختلف ڪميونٽين جي ڳانڍاپي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي گڏجي هندستان جو مضبوط مرڪز (پلر) ٺاهين ٿيون. ھي لوگو انڊيا کي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي جمهوريت ۽ تيزي سان ترقي جي راهن تي گامزن هئڻ جي علامت کي ظاھر ڪري ٿو. هن لوگو ۾ ڪيسري(Saffron)  رنگ طاقت ۽ بهادري کي ظاهر ڪري ٿو، اڇو رنگ امن ۽ سچ جي علامت آهي ۽ سائو رنگ ملڪ جي ذرخيزي، ترقي ۽ سڀاڳائي جي سڃاڻپ آهي.

ڀارت جي پويلين جي مين ٿيم ۽ ننڍن ننڍن ٿيمن جي روشني ۾ هن پويلين ۾ ايڪسپو جي هلندڙ ڇهن مهينن دوران 150 کان مٿي ڪلچر، فنون لطيفه ۽ بزنس جي حوالي کان تقريبون ۽ فنڪشن ترتيب ڏنا ويا آهن. 26 گهڻ رخيون(Multi Lateral)  ڪانفرنسون ٿيڻيون آهن. هندستان جي 36 رياستن جا ڪلچرل شو، رسمون ۽ کاڌا متعارف ڪرايا ويا آهن. انڊين کاڌن ۽ فاسٽ فوڊ جي مد ۾ هوٽل ۽ اسٽال لڳايا ويا آهن. ملڪ جي 27 فيلڊن ۾ ڪاروبار جي آگاهي ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. پويلين جي مهمانن کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فلم انڊسٽري باليووڊ جون چونڊ هڪ سئو فلمون ڏيکارڻ جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي. پويلين جي مين ۽ سب ٿيمن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پويلين جي ڪهڙي سٽاءُ (ترتيب) سجائي وئي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا سانگ رچايا ويا آهن، اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ لاءِ اچو ته انڊيا جي پويلين جي اندر هلون.

جيئن ئي توهان پويلين جي مين گيٽ کان اندر داخل ٿيندا ته سامهون بيٺل ساڙهي پاتل سندري منهن تي مرڪ سجائي توهان کي هٿ جوڙي نمسڪار چوندي. ٿورو ئي اڳيان هلندا ته توهان پهچي ويندا پويلين جي پهرئين سيڪشنCosmetic India  ۾. هن سيڪشن ۾ ڀارت جي خلائي سفر متعلق ڄاڻ ڏنل آهي. ڀارت جي خلا جي ڄاڻ سان لاڳاپيل اداري Indian Space Research Organization (ISRO) طرفانMars Orbit MOM Mission تحت منگليان-1(Mangalyaan-1)  سيٽلائيٽ يا خلائي جهاز (Spaceship) لانچ ڪيو ويو هو. منگليان-1 پنهنجو سفر 5 نومبر 2013 کان شروع ڪيو ۽ 24 سيپٽمبر 2014 ۾ مريخ جي مدار ۾ پهتو. هي خلائي جهاز (راڪيٽ) مريخ جي مدار ۾ 19 جون 2017 تائين رهيو. ان جي ڏنل ڄاڻ مان مريخ تي هزارين ڪلو ميٽرن ۾ اٿندڙ طوفان ۽ ٻين ڳالهين جو پتو پيو. هن خلائي مشن تي ڪل لاڳت 4.5 بلين رپيا (74 ملين ڊالر) آئي. هن سلسلي جو ٻيو راڪيٽMangalyaan-2  خلا ۾ 2024 ۾ اماڻيو ويندو.

انڊيا جي خلائي اداريISRO  چنڊ تي پنهنجو خلائي راڪيٽ چندريان-1 (Chandryaan-1) 22 آڪٽوبر 2008 ۾ موڪليو جيڪو 14 نومبر 2008 ۾ چنڊ جي مٿاڇري تي لٿو ۽ پورو هڪ سال يعني 28 آگسٽ 2009 تائين مدار ۾ چڪر لڳائيندو ۽ معلومات پهچائيندو رهيو. هڪ اندازي موجب اهو خلائي راڪيٽ خلا ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ وري هڪ راءِ اها به آهي ته اهو راڪيٽ هن وقت به فعال حالت ۾ خلا ۾ موجود آهي ۽ معلومات موڪليندو رهي ٿو. هن خلائي مشن تي ڪل لاڳت 3.86 بلين رپيا (51) Million Dollar آئي. ان کانپوءِISRO  طرفان چنڊ جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ان سلسلي جو ٻيو خلائي راڪيٽChandryaan-2  جولاءِ 2019 جي 22 تاريخ تي خلا ۾ روانو ڪيو ويو جيڪو 20 آگسٽ 2019 ۾ چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو. 7.5 سالن جي هن خلائي سفر جي پروجيڪٽ ۾ چندريان-2 کي چنڊ جي چوگرد 9000 چڪر لڳائڻا آهن. جيتوڻيڪ هن خلائي راڪيٽ ۾ فني خرابيون به ٿيون آهن، پر هن وقت تائين به اُهو فعال آهي ۽ چنڊ جون تصويرون ۽ ٻي معلومات موڪليندو رهي ٿو. هن اسپيس ڪرافٽ تي ڪل لاڳت 9.70 بلين رپيا آئي. انڊيا جي خلائي ريسرچ جي اداريISRO  طرفان چنڊ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِChandryaan-3  آگسٽ 2022 ۾ لانچ ڪيو پيو وڃي.

ان کان علاوہ هن سيڪشن ۾ انهن اسپيس ڪرافٽس ۽ خلا بازن جا ماڊل مختلف لوڪيشنز تي رکيا ويا آهن. ساڳئي وقت چنڊ ۽ مريخ جي پٿرن جهڙا نمونا پڻ هتي رکيا ويا آهن. ڇت ۾ چنڊ، مريخ ۽ ٻين سيارن جا ماڊل سيٽ ڪري خلا بابت معلومات فراهم ڪئي وئي آهي. هن ئي سيڪشن ۾ هڪڙو وڏو ڌرتي نما ڪئپسول ٺاهيو ويو آهي جنهن جي ديوارن تي مختلف ڊجيٽل اسڪرين لڳل آهن، جن جي ذريعي توهان ڀارت جي خلائي سفر بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. هن ئي سيڪشن ۾ مختلف هنڌن تي ننڍا وڏا ڪمپيوٽر اسڪرين به لڳل آهن جن کي توهان خود آپريٽ ڪري خلائي سفر جو مزو ۽ ڄاڻ وٺي سگهو ٿا. هڪ وڏي شيلف (ٽيبل) تي هڪ وڏو اڌ گول ماڊل انڊيا جي چنڊ ۽ مريخ جي خلائي سفر جي حوالي کان سيٽ ڪيو ويو آهي. جنهن تي ويدڪ سنسڪرت ۽ انگريزيءَ ۾ خوبصورت ڪوٽيشن لکجي اچن ٿاLokah Samastah Sukhino Bhavanti. انگريزي ۾May Every one in Whole World be Happy جنهن جو مطلب آهي، شل سموري دنيا ۾ هرجيو خوش (سکيو) هجي.

هي ويدڪ ٻول(Quotation)  ته واقعي ڀلي آهي، پر انسان هن ڌرتيءَ تي تيسين خوش نه رهي سگهندو ۽ نه ئي آسودگي ماڻي سگهندو جيسين هن ڌرتي تي رنگ، نسل، مذهب، فڪرن ۽ طبقاتي اڻبرابري جون لڪيرون ڇڪيل آهن. ڀارت جا حڪمران ۽ ڪرتا ڌرتا اڄاتل خلا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ته آسمان ۾ راڪيٽ موڪلين ٿا، پر افسوس! جو هو پنهنجي ڌرتي (وطن) جي ماڻهن جي اوگھڙ ڏسي نٿا سگھن ۽ اُنھن جو درد ڄاڻندي به اکيون پوري ٿا ڇڏين. انسان ڀلي خلائن ۾ اڏامي، پر جيستائين ھن ڌرتي تي انسان دکي آهي، تيستائين هيءَ ڌرتي سک، امن ۽ آشتي ماڻي نٿي سگهي.

ان سيڪشن ڏسڻ کانپوءِ پاڻ هلون ٿا گرائونڊ فلور تي ئي ٺهيل ٻئي سيڪشن ۾. ڀارت جتي پراڻين سڀيتائن جو ديس آهي، اُتي هي رشين منين جو به ديس آهي. هتي ئي مهاتما گوتم ٻڌ بڙ جي هيٺان ويهي نرواڻ ماڻيو. گرو وشسٽ جو گيان هجي يا لارڊ شوا جو آستانو، اڄ به ڀارت جي پهاڙن ۾، وادين ۾ يا ندين جي ڪنارن تي ساڌو سنت پنهنجو آسڻ وسائيندي نظر ايندا. ڀارت ۾ جتي جاپ يا ڌيان(Meditation)  انهن آسڻن جو محرڪ رهيو آهي ته اتي وري يوگا، ورزش ۽ صحت مند مانسڪ کاڌو ۽ جڙين ٻوٽين (آيور ويدڪ) جو استعمال به انهن جي وڏي عمر ۽ صحتمند ۽ سڪون واري زندگيءَ جو بنيادي سبب رهيو آهي ته جناب! هن سيڪشن ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جيڪو ڀارت جي پراڻي سڀيتا جو حصو آهي ۽ اهو تسلسل هن وقت تائين به هلندو اچي ٿو. هن سيڪشن ۾ توهان کي غارن ۽ غفائن جو ماحول ملندو. پهاڙ، واديون ۽ وهندڙ چشما نظر ايندا، جتي ان رمڻيڪ ماحول ۾ يوگي پنهنجي ڌيان گيان ۾ محو ملندا. اهو مصنوعي ٺاهيل ماحول ڪلا ۽ ٽيڪنالاجي جي آميزش سان جوڙيو ويو آهي. هتي مختلف مجسما(Sculptures)  ٺاهي نصب ڪيا ويا آهن جن کي ڏسي ماڻهو ڪلاڪارن جي پورهئي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. هونئن به هندستان ۾ مجسما سازي جو فن عروج تي آهي. ڇاڪاڻ ته لاتعداد مندر ۽ ڪليسائون هئڻ ڪري انهن مجسما سازن (سنگتراشن) جي وڏي مارڪيٽ آهي ۽ کين معاوضو به ٺيڪ ٺاڪ ملي ٿو جنهنڪري سندن گذر سفر به سولو ٿئي ٿو. جڏهن ته پاڻ وٽ ويچارا فنڪار قدرداني نه هئڻ سبب لانگها ڪاٽي ڪسمپرسي جي حالت ۾ مريو وڃن. هن سيڪشن ۾ مختلف اسڪرينن تي يوگا ۽ ميڊيٽيشن جي حوالي کان به مختلف ڊاڪيومينٽريون هلنديون رهن ٿيون. هتي وڻن ٽڻن، گلن، ٻوٽن ۽ جبل جي پٿرن کي سجائي سندر آستان ٺاهيا ويا آهن. هندستان جي آيور ويدڪ علاج ۾ ڪم ايندڙ جڙي ٻوٽيون پڻ هن سيڪشن جو حصو آهن ۽ انهن جي ڄاڻ، علاج ۾ استعمال ۽ فائدن جي معلومات ڪمپيوٽر اسڪرينن کي آڱرين سان ڇهي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جن ۾ لکت ۾ تصويرن کانسواءِ آڊيوز (آواز) ۾ به ڄاڻ ملي ٿي. ان کانسواءِ هن سيڪشن ۾ ڊجيٽل اسڪرينن تي يوگا، ميڊيٽيشن يا ورزش جون ڊاڪيومينٽريون به هلنديون رهن ٿيون. هن ئي سيڪشن ۾ جتي يوگا ۽ ميڊيٽيشن جي مختلف طور طريقن جي انداز سان مجسما سجايل آهن ته اتي وري هڪ يوگا ماسٽر به ويهاريل آهي جيڪو نه صرف يوگا جا لائيو(Live)  ڪرتب ڏيکاري ٿو بلڪه توهان چاهيو ته ان جي شاگردي ۾ پاڻ به يوگا ۽ ميڊيٽيشن جي پريڪٽس ڪري جان ٺاهيو ۽ وقتي طور ئي صحيح دنيا جي خفن مان نڪري سڪون ۽ صحتمند زندگي جو لطف وٺو. اتان گهمي ڦري ايسڪيليٽر تي چڙهي ھاڻ پاڻ هلون ٿا فرسٽ فلور تي.

هن سيڪشن کي نالو ڏنو ويو آهي ڪرشماتي انڊيا(Charismatic India) هن ڪافي ڊگھي گئلري ۾ توهان کي انڊيا جي سڀيتا، ميٿالاجي، ديوين، ديوتائن، موروثي ڪلچر، علاقائي رنگ، تاريخي جهڳين، ريتن رسمن، گهريلو هنرن، عمارتي آرڪيٽيڪٽ، باليووڊ سئنيما، فنون لطيفا (ادب، آرٽ، موسيقي، نرت، ڪلا وغيره ۽ قدرتي منظرن تي مبني ڊاڪيومينٽريون چئني پاسن فل ديوارن تي مسلسل هلنديون نظر اينديون. ڪمال فن ۽ ٽيڪنالاجي سان ٺاهيل هي ڊاڪيومينٽريون توهان کي هڪ دفعو هندستان جي اندر وٺي وينديون ۽ توهان نه صرف پاڻ کي انھن جي وچ ۾ محسوس ڪندا، پر توهان هندستان جي سونهن، سوڀيا ۽ رنگينين سان جڙيل مڌر ۽ فطرتي آوازن کي پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ڪندا. هنن لڳاتار هلندڙ ڊاڪيومينٽرين ۾ توهان کي انڊيا جي ثقافتي اوڇڻن تي ڀرت، چٽ ۽ گل ڪاري به ملندي ته باليووڊ انڊسٽري سان جڙيل خوبصورت چهرن جون تصويرون به. هنن شاهي ديوارن ۾ هلندڙ ڊاڪيومينٽرين ۾ توهان کي رشي، مني، غفائن، پهاڙن ۽ ندين جي ڪنارن تي تپشيا ڪندي به ملندا ته ڪٿڪ ۽ ٻين مختلف نرت ڪلائن تي سندرين جي پايل جي ڇنڇن به ملندي ته طبلي جي ٿاپ به نظر ايندي. هنن ڊاڪيومينٽرين ۾ توهان کي جتي هندستان جي خوبصورت جڳهين اُجين، مائونٽ آبو، نيني تال، بامبي، جا دلفريب منظر به ملندا ته اتي وري توهان کي هندستاني قسمين قسمين کاڌن کانسواءِ علاقائي تهذيبن جا رنگ روپ به پسڻ لاءِ ملندا. هنن ڊاڪيومينٽرين ۾ جتي توهان کي هندستاني آرڪيٽيڪٽ کي پسڻ جو موقعو ملندو ته اتي توهان کي آرٽ ۽ ڪلا جا فني شاهڪار به ڏسڻ لاءِ ملندا. هنن ڊاڪيومينٽرين ۾ ٻڌ ڌرم سان وابسته اجنتا ايلورا غارن جي ڄاڻ به موجود آهي ته هندو ڌرم ۾ جنسي فڪر تي ٺهيل کاجو رائو جي مندرن جون مورتيون به ملنديون جن ۾ سيڪس ڪرڻ جا مختلف انداز تراشيل آهن. هنن ڊاڪيومينٽرين ۾ توهان کي جامع مسجد دهلي ۽ خواجه اجمير شريف جي درگاهه جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ملندي ته تاريخي مندرن جا گهنڊ گهڙيال به ٻڌڻ لاءِ ملندا. هن گئلري جي ڊاڪيومينٽرين ۾ توهان کي ثقافتي شيون، علاقائي تهوار (فيسٽيول)، اشوڪ جو چڪرا، موهن جي دڙي جو ڍڳو، مهاتما گوتم ٻڌ جون مورتيون، مغل شهزادين جا هار سينگار ۽ ناز نخرا، مغل دور جون عمارتون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملندو. هن گئلري جي پوري ڇت وري آرسي (شيشي جي ٺهيل) آهي. جنهن ۾ ترتيب ڏنل عڪس لڪ لڪوٽي کيڏندي رنگ ۽ روپ مٽائيندا رهن ٿا ۽ روح کي ڏاڍا وڻن ٿا. 

هن ڪرشماتي گئلري ۾ باريڪ آرٽ(Miniature Art)  ۽ 3 D ٽيڪنالاجي جي آميزش سان ننڍا ننڍا ماڊل ٺاهي شوڪيسن ۾ سجائي رکيا ويا آهن. اهي تاريخي جڳهيون جن جا منيئچر ماڊل هتي رکيا ويا آهن، يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائٽ ۾ شمار ٿين ٿا ۽ انهن ننڍن ماڊلن جي آرڪيٽيڪٽ جيوميٽري ۽ پئٽرن ڪمال جو ٺاھيل آهي. ٿورو ذڪر انهن ماڊلن جو تاريخ جي حوالي کان به ٿي وڃي.

1- تاج محل: هي منيئچر مغل بادشاهه ۽ راڻي ممتاز محل جي محبت جو يادگار سمجهيو وڃي ٿو. 1648-1632 جي عرصي دوران ٺهيل هن تاج محل ۾ پاڻ کي ته شاهاڻو شوق نظر ٿو اچي. مغل بادشاهه شاھجھان جنهن ڇهن کان مٿي شاديون ڪيون. ممتاز محل کان اڳ به هن جون ٻه شاديون ڪيل هيون ۽ ممتاز محل جي مرڻ کانپوءِ به هن ٽي شاديون ڪيون. جڏهن ته ڪنيزن جو تعداد ان کان علاوه آهي. شاهجهان جي ممتاز محل سان اهڙي ڪهڙي محبت هئي جنهن جو گهڻو راڳ آلاپيو وڃي ٿو؟ گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ته اها محبت سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي، پاڻ ته ان کي شاهاڻو شوق ئي چونداسين باقي تاج محل کي محبت جو داستان جي علامت ڊڪليئر ڪرڻ وارا شاعر حضرات ڄاڻن اُنھن جو ڪم ڄاڻي، ان ۾ پنهنجو ڇا وڃي!؟ رهي ڳالهه تاج محل جي ته اهو پاڻ ڏسي آيا آهيون اهو واقعي ڪاريگري جو شاهڪار آهي. جهڙي سندس سونهن سوڀيا آهي تهڙي ئي خوبصورت آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ. اهو ئي سبب آهي جو ان جو شمار دنيا جي ستن عجوبن ۾ ٿئي ٿو.

2-سورج ديوتا(Sun God) : هن گئلري ۾ هڪڙي ئي وڏي شوڪيس ۾ سورج ديوتا جا ٽي مندر سجايل آهن. سورج (سوريا) مندر هندستان جي اوڙيسا رياست جي ڪونارڪ(Konark)  شهر ۾ آهي ۽ هي مندر 13 صدي جي زماني جو آهي. شوڪيس ۾ رکيل سوريا ديوتا جي مندرن جا هي ٽي منيئچر ماڊل سج جي اڀرڻ، ڌر تتي (ٽاڪ منجهند جو سج) ۽ سج جي لهڻ جي طرفن کي ظاهر ڪن ٿا.

3-ڪاشي وشواناٿ ٽيمپل: هي لارڊ شوا جو مندر هندستان جي اتر پرديش صوبي جي ڪاشي (ورناسي) ۾ واقع آهي جيڪو هندن جو مقدس آسٿان ۽ تيرٿ به آهي ۽ هندن جي مقدس ندي گنگا جي ڪناري تي ٺهيل آهي. وشواناٿ جي معنيٰ آهي ڪائنات جو مالڪ(Lord of Universe)  جيڪو شوا جو لقب آهي. هي قديم مندر آهي جنهن کي 1194ع ۾ قطب الدين ايبڪ راجا ڪنوج سان جنگ ۾ تباهه ڪيو ۽ ان کي ڊاهي اتي رضيه مسجد ٺاهي وئي. 1230ع ۾ گجرات جي هڪ واپاري التمش بادشاهه جي دور ۾ ان کي ٻيهر جوڙايو ۽ سڪندر لوڌي (1517ع-1489ع) جي حڪمراني ۾ ان کي وري تباهي جو دور ڏسڻو پيو. وري اڪبر بادشاهه جي دور ۾ راجا مانسنگهه ان کي نئين سر ٺهرايو ۽ 1585ع ۾ توڏر مل ان کي اصل حالت ۾ جوڙايو، پر برهمڻن مندر ۾ پوڄا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ جو راجا توڏر مل جي ڌيءَ مغل شاهي خاندان ۾ پرڻيل هئي. جهانگير بادشاهه جي وقت ۾ ويرسنگهه هن مندر جي تعميرات کي اڃان به خوبصورت بڻايو. 1669ع ۾ بادشاهه اورنگزيب ان مندر کي ڊاهي ان جي جڳهه تي گنواپيGanvapi  مسجد ٺهرائي. 1742ع ۾ مراٺي بادشاهه ملهار رائو هولڪر، مسجد کي ڊاهي اتي وري مندر جوڙڻ جو سوچيو، پر اوڌ جي نواب جي مداخلت تي جئپور جي مها راجا مندر جي تعميرات لاءِ ٻي (الڳ) زمين خريد ڪئي، پر مندر اتي ٺهي نه سگهيو. 1780ع ۾ مها راجا ملهار رائو جي ڌيءَ اهليا ٻائي هولڪر مسجد جي پاسي ۾ مندر جوڙايو. 1835ع ۾ پنجاب جي مها راجا رنجيت سنگهه جي زال مها راڻي داتار ڪئور جي ياد ۾ مندر جي قبي(Dome)  کي سونو بنائڻ لاءِ هڪ ٽن سون ڏنو ۽ 1841ع ۾ هن مندر جي جڙاءُ لاءِ رگهو جا بوسليIII  تمام گهڻي مقدار ۾ چاندي عطيو ڏني. 1860ع ۾ نيپال جي رانا ست فوٽو اوچو پٿر مان ٺهيل ڍڳي جو پتلو تمغي ۾ ڏنو. هي وشواناٿ ٽيمپل گولڊن ٽيمپل جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هن سڄي تفصيل ۾ توهان پڙهيو ته رڳو هن مندر جي عمارت تي تهه(Coat)  ڪيل سون ۽ چاندي ٽنن ۾ آهي ۽ روزانو باسون باسيندڙ ۽ ياترين پاران مندر تي چڙهندڙ سون، چاندي ۽ پئسا ان کانسواءِ آهن. توهان اندازو لڳايو ته هي ته هڪ مندر ۾ ڪٺي ٿيل مال ملڪيت جو تفصيل آهي، ته سڄي ڀارت جي مندرن ۾ موجود سون، چاندي ۽ پئسن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ اهي انگ اکر شايد هزارين کربن کان به وڌي وڃن. مون هڪڙي سروي ۾ پڙهيو هو ته جي هندستان جي مندرن ۾ پيل اڻ ميي خزاني جي عوام ۾ ورهاست ڪئي وڃي ته هر ماڻهو جي حصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار لک رپيا ايندا ۽ ايئن ڪرڻ سان هندستان مان غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي ختم ٿي ويندي، پر شينهن جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌي ڪير؟ هتي ته ڀڳوان ڌنوان ۽ بندو بيحال آهي بس ماٺ ئي ڀلي آهي.

…(هلندڙ)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments