انڊيا جي مشغول ترين اسٽيشن

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

انڊيا جي مشغول ترين اسٽيشن

الطاف شيخ

انڊيا جي مختلف شهرن: ممبئي، ڪلڪتي، دهلي، جئيپور، مدراس (چينائي) امرتسر يا ٻين شهرن مان بنارس پهچڻ لاءِ توهان هوائي جهاز، بس يا ٽرين ذريعي پهچي سگهو ٿا. بنارس ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي ورانسي (بنارس) جنڪشن يا مغل سرائي جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ کپي. اگر توهان آگره/تندلا کان اچي رهيا آهيو ته پوءِ مغل سراءِ اسٽيشن تي لهڻ بهتر آهي نه ته بنارس جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ سڀ کان بهتر آهي. اها ئي ڳالهه توهان کي ٻيا به ٻڌائيندا. دراصل بنارس جي پوزيشن اسان جي حيدرآباد واري سمجھڻ کپي ۽ مغل سراءِ جنڪشن ڄڻ ته ڪوٽڙي جنڪشن آهي. هاڻ جيڪو ماڻهو بولان گاڏي ذريعي ڪوئيٽا ۽ دادو وغيره کان ايندو ان لاءِ بهتر آهي ته ڪوٽڙي اسٽيشن تي لهي پوي جِتان رڪشا ۾ حيدرآباد هليو وڃي. باقي جيڪي خيرپور ۽ نوابشاهه کان اچي رهيو آهي انهيءَ لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي لهڻ صحيح آهي.

بنارس جنڪشن جيڪا ورانسي ڪئنٽ ريلوي اسٽيشن به سڏجي ٿي اتر پرديس رياست جي سڀ ۾ اهم ۽ وڏي ريلوي اسٽيشن آهي جيڪا بلڪل شهر جي مرڪز ۾ آهي جيئن ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن ڪراچي جي پراڻي شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي جنهن جي چوڌاري بولٽن مارڪيٽ، هوٽلون، آفيسون ۽ اسڪول ڪاليج آهن. تيئن بنارس جي ريلوي اسٽيشن آهي جنهن جي ڀر ۾ گرلس انٽر ڪاليج، راج بالڪا ڪاليج، هنومان مندر، سٽي ان هوٽل، پلازه هوٽل، گلوري هوٽل، ڊان هوٽل ۽ سري رام گيسٽ هائوس جهڙيون اهم عمارتون آهن.

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن بنارس شهر کان 15 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهي. هن ريلوي اسٽيشن تي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ريلوي مارشلنگ يارڊ آهي. اهو ٻارهن ڪلو ميٽر ڊگهو آهي جنهن ۾ روزانو 1500 وئگن ڪم آندا وڃن ٿا. هِتي جي هڪ ريلوي انجنيئر ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن انهن گاڏن جو تعداد 5000 تي به پهچيو وڃي. انڊين ريلوي جي وئگنن جي رپيئر  جو پڻ وڏو ورڪ شاپ مغل سراءِ ۾ ئي آهي. مٿين انجنيئر ۽ ٻين ريلوي سان واسطو رکندڙن ٻڌايو ته مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن تي روزانو اٽڪل ساڍا چار لک مسافرن جو اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. هن ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جي انتظار لاءِ ٻه ايئر ڪنڊيشن ۽ چار بغير ايئر ڪنڊيشن ڪمرا آهن جِتي هو آرام ڪري سگهن. ان کان علاوه ليٽڻ لاءِ ڏهن بسترن جي ڊارميٽري به آهي. هن اسٽيشن تي روزانو 200 ٽرينون اچن ٿيون.

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن گنگا ندي جي هڪ ڪناري تي آهي ڏهه ٻارهن ڪلو ميٽر پري ورانسي شهر گنگا جي ٻئي ڪناري تي آهي. گنگا نديءَ مٿان ٺهيل ڊفرن برج (پل) جيڪا 1887ع ۾ انگريزن ٺهرائي اها بنارس ۽ مغل سراءِ شهرن کي ڳنڍي ٿي.

بنارس شهر جي مرڪز ۾ ٺهيل بنارس ريلوي اسٽيسن لاءِ هِتي جي واسطيدار عملدارن ٻڌايو ته اها هندستان جي مشغول ترين ۽ اهم ريلوي اسٽيشن آهي جنهن کي ماڊرن روٽ انٽر لاڪ سسٽم آهي. هيءَ اسٽيشن انڊيا جي انهن ٻن ٽن اسٽيشنن مان آهي جيڪي تمام گهڻو پئسو ڪمائين ٿيون. هن اسٽيشن تان روزانو پوڻا چار لک مسافر لهن ۽ چڙهن ٿا ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 230 ريل گاڏيون هِتان لنگهن ٿيون.

بنارس ڏي ريل هلڻ جو ڪم 1862ع ۾ ٿيو جڏهن هاوڙا (ڪلڪتي) کان بنارس ريل وڇائي وئي. بنارس جي ريلوي اسٽيشن گنگا ندي جي ساڄي ڪناري تي آهي. 1887ع ۾ بنارس کان لکنئو تائين ريل هلڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ان بعد 1887ع ۾ ڊفرن پل مڪمل ڪئي وئي جيئن ريل گاڏيون گنگا ندي ٽپي مغل سراءِ به وڃي سگهن.

ان ڏينهن ٽرين جي ٽڪيٽ جي بڪنگ لاءِ بنارس جي ريلوي اسٽيشن تي ويٺو هئس. اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته هن اسٽيشن تي چوويهه ئي ڪلاڪ ريل گاڏين ۽ مسافرن جي ڪيڏي ته چهل پهل رهي ٿي. ريلوي اسٽيشن هڪ عجيب دنيا لڳي ٿي جِتي هر وقت ڄڻ ميلو لڳو پيو آهي. مختلف رياستن جا مختلف ماڻهو، مختلف ڊريسن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندي نظر اچن ٿا. هڪ اسان جون ريلوي اسٽيشنون آهن جن تي ماتم جو ماحول نظر اچي ٿو. ڪوٽڙي، نوابشاهه، روهڙي، بهاولپور جهڙين ريلوي اسٽيشنن تي به دڪاندار اوٻاسيون پيا ڏين.

جيڪا ڪا انڌي منڊي ريل گاڏي اچي ٿي ان جا مسافر قيمتن جو ڇرڪائيندڙ اگهه ٻڌيو چپ ٿيو وڃن. اسان وٽ ٻاهر ۽ اندر جي اگهن ۾ ڪيڏو ته فرق رکيو ويو آهي. هيڏانهن انڊيا جي هر ريلوي اسٽيشن ۾ وڪرو ٿيندڙ هر شيءِ جو اهوئي اگهه آهي جيڪو ٻاهر آهي. معمولي ڪو رپئي اڌ جو فرق هجي. ان ڪري نه فقط ٻاهر ويندڙ مسافر ريل ۾ چڙهڻ کان اڳ خريداري ڪري ٿو، پر ٻئي شهر کان ايندڙ مسافر به ٽرين مان لهڻ وقت ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪري پوءِ گهر روانو ٿئي ٿو. سو هِتي بي انتها دڪانن، گاڏن وارن ۽ پاڻ سان شيون کڻي وڪڻڻ وارن هاڪرن جي باوجود هر هڪ وٽ خريدارن جي رش لڳي رهي ٿي ۽ ڇا ته هر هڪ جي ڪمائي ٿئي ٿي. اهو حال ٻاهر ٽئڪسين، رڪشائن ۽ ريسٽورينٽن وارن جو آهي. هر شيءِ جو سک ۽ امن امان جي بهتر حالتَ هجڻ ڪري ڪيترائي انڊين پنهنجي ملڪ جي ئي شهرن جو سير ڪندا رهن ٿا جو هنن وٽ پنهنجي ملڪ ۾ به هر شيءِ موجود آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ ڇو وڃن.. هڪ تلخ حقيقت لکندو هلان ته ولايت ۾ جيڪي انڊين نظر اچن ٿا انهن مان ڏهن ۾ نو اهڙا هوندا جيڪي بزنس، نوڪري يا سيمينار يا ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا هوندا باقي ڪو اڌ بيوقوف هوندو جيڪو پنهنجو پئسو خرچ ڪري گهمڻ لاءِ آيو هوندو ۽ اسان جي ڏهن پاڪستانين ۾ نو اهڙا هوندا جيڪي پنهنجو پئسو ضايع ڪرڻ لاءِ گهمڻ آيا هوندا. بهرحال گهمڻ ڦرڻ جون جايون ته اسان جي ملڪَ ۾ به کوڙ آهن، پر حالتون بهتر نه هجڻ ڪري ڪو ورلي نڪري ٿو. هِتي انڊيا ۾ سفر لاءِ هر قسم جي سواري موجود آهي، رهائش ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ جِتي ڪٿي ۽ 24 ئي ڪلاڪَ هوٽلون ۽ ريسٽورينٽون کليل آهن… سڀ کان وڏي ڳالهه ته قاعدي قانون جي ڪافي سختي آهي ان ڪري ملڪي توڙي توڙي غير ملڪي به سڪون سان گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي پروگرام موجب مقرر وقت ۽ ڏينهن تي اچن ٿا ۽ وڃن ٿا. بسون، ريل گاڏيون، هوائي ڪمپنيون نه رڳو جام آهن، پر پنهنجي پنهنجي مقرر وقت تي اچن وڃن ٿيون.

ان ڏينهن ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏين جي پروگرامن جا لڳل  بورڊَ پڙهي تعجب ٿيو ته ٻيون ته ڪيتريون ئي ريل گاڏيون هِتان يعني بنارس جي هن ريلوي اسٽيشن تي بيهن ٿيون، پر 32 ٽرينون اهڙيون آهن جيڪي روزانو هن اسٽيشن تان شروع ٿي مختلف شهرن ڏي وڃن ٿيون. رڳو ممبئي چار ٽرينون وڃن ٿيون: مها نگري ايڪسپريس، ڪماياني ايڪسپريس، رتنا گري ايڪسپريس ۽ دادر ايڪسپريس…. اهڙي طرح سبرامتي ايڪسپريس احمد آباد (گجرات) تائين وڃڻ لاءِ هِتان بنارس مان ڇٽي ٿي. جن ٽرينن جا نالا مون لاءِ نوان هئا انهن مان ڪجهه نوٽ ڪري ورتم جيئن ته بنڊل کنڊ ايڪسپريس جيڪا هِتان کان گواليار/کاجوراهو وڃي ٿي. ورونا ايڪسپريس لکنئو ۽ ڪانپور تائين وڃي ٿي. ڪاشي وشواناٿ ايڪسپريس نيو دهلي لاءِ رواني ٿئي ٿي. جنتا ايڪسپريس ديرادون ۽ رام نگر لاءِ نڪري ٿي. جموتوي ايڪسپريس ڄمون ڪشمير لاءِ نڪري ٿي…. اهڙي طرح رانچي ايڪسپريس، ٻڌ پورنيما ايڪسپريس، اوکا ايڪسپريس، گيان گنگا ايڪسپريس وغيره آهن جيڪي مختلف منزلن ڏي وڃن ٿيون، پر اهي سڀ هِتان بنارس کان شروعات ۽ دنگ ڪن ٿيون.

اهڙي طرح 200 کن مسافر ۽ گڊس (سامان) ٽرينون روزانو مغل سراءِ اسٽيشن تان لنگهن ٿيون ۽ 24 ئي ڪلاڪَ رونق لڳي رهي ٿي. ايترين ريل گاڏين جي اچڻ ڪري مغل سراءِ کي ماڻهو اڪثر ”ريل بازار“ سڏين ٿا. هِتي جي هڪ جھوني رٽائرڊ ريلوي آفيسر ٻڌايو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ته مغل سراءِ انگلينڊ جو شهر لڳندو هو جِتي ريلوي سان تعلق رکندڙ انگريزن جون آفيسون ۽ بنگلا هئا. اڄ به هن شهر جي چوڌاري پڪا ۽ ويڪرا رستا، ان وقت جي ٺهيل يورپي ڪالوني جا بنگلا، ديول ۽ ڪليسا گهر، گورن جا قبرستان…. انهن ڏينهن جي اوج جي ياد تازي ڏيارين ٿا ۽ انهن سڀني شين کي نه فقط هندستان جي حڪومت قائم رکيو آهي، پر وڌايو، ويجھائيو ۽ بهتر بڻايو آهي. افسوس جي ڳالهه رڳو اها آهي ته هڪڙا اسان ئي بدبخت آهيون جن ريلوي جي رومانس کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي نه ته ڪينيا، يوگنڊا، سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن اڄ به سندن ملڪ ۾ انگريزن جي ٺهيل ريلن ۽ ريل کاتن کي اهڙو ته ٺاهي رکيو آهي جو انهن ملڪن ۾ ريل جهڙو سستو، سولو، سک وارو ۽ سوشل سفر ڪو ٻيو آهي ئي ڪونهَ. انڊيا توڙي مٿي بيان ڪيل ملڪن ۾ هنن پنهنجي ٽرينن جي بوگين کي نه فقط سهڻو بنايو آهي، پر مسافرن جي هر سهولت جو سک مهيا ڪيو آهي…. ٽي وي، ٽيليفون، بهتر کاڌو مهيا ڪندڙ ريل جون ريسٽورينٽون، آرام ده سيٽون ۽ رات جو سمهڻ وارن لاءِ صاف سٿرا هنڌ بسترا، صاف سٿرا ٽئاليٽ وغيره…. اسان جي ٽرينن ۾ ٻئي ڪم لاءِ ته پري پر گرڙي ڪرڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي… هاڻ ته ماڳهين ٽرينون به موجود نه آهن. صبح جو  ڪراچي کان ڇٽندڙ ٽرين شامَ تائين نظر نٿي اچي ۽ پوءِ جڏهن مسافر کڻي مس مس هلي ٿي ته روهڙي سکر کان اڳ ئي هن جو ڊيزل ختم ٿيو وڃي ۽ مسافر دربدر ٿيو وڃن!

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments