ادببلاگتاريخ

او سورھ ياسين

پٺاڻي خان

سوہنا ایتھایں تاں مینڈا دم گھٹدا ای‘ (سهڻا هتي ته منهنجو ساهه ٿو گهٽجي)

ایہہ تاں مٹھی قید آھی (هي ته مٺو قيد آهي)

پٺاڻي خان سان اسلام آباد سي ڊي اي هاسٽل جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ آرام ده پلنگ تي ويهندي چيو.

پٺاڻي خان جڏهن ڪنهن پروگرام جي سلسلي ۾ اسلام آباد ايندو هو ته اڪثر منهنجي گهر ترسندو هو، منهنجي گهر ۾ ڪو مهمان خانو ڪونه هو، پر هڪ وڏو ورانڊو (لائونج) هو، جتي پٺاڻي خان جو آستانون ڄمندو هو، رات جو هنڌ بسترا وڇائجي ويندا هئا ۽ اتي ئي پٺاڻي خان ۽ سندس ساٿي: ياسين: سمهندا هئا. آئون صبح جو اٿندي ئي پهرين لائونج ۾ وڃي پٺاڻي خان جو حال پڇي ۽ پوءِ ياسين ۽ ساڻس گڏجي چانهه پيئندو هئس. منهنجي گهر ايئر ڪنڊيشنر ڪونه هو ۽ پٺاڻي خان کي وهنجڻ لاءِ به لائونج کان ٻاهر ٿورو پنڌ ڪري وڃڻو پوندو هو، جيڪو مون کي سٺو ڪونه لڳندو هو. مون پنهنجي ڪنهن دوست کي چئي پٺاڻي خان جي لاءِ سي ڊي اي هاسٽل ۾ رهڻ جو انتظام ڪيو هو، جيڪو منهنجي گهر کان سڏ پنڌ تي هو. پٺاڻي خان کي مون چيو: ”هتي ايئرڪنڊيشنر آهي ۽ گڏوگڏ غسل خانو به آهي ۽ بسترا پلنگ به ڀلا آهن، هتي توکي وڌيڪ آرام ملندو ۽ آئون توکي دفتر کانپوءِ موٽندي گهر وٺيو ايندس. پٺاڻي خان ڪمري ۾ چئني پاسي نظر ڦيرائي ۽ پوءِ مون کي ڏسندي چيو، (سئیں ایتھائیں سبھو کجھ آھی پر سویرے جد مینڈی اکھ کھل سی تاں مینوں اپنے یار دا درشن تاں نہ ہو سی؟)

سائين هتي سڀ ڪجهه آهي، پر صبح جڏهن منهنجي اک کلندي ته مون کي پنهنجي يار جو ديدار ته ڪونه ٿيندو؟ نه سائين هي ته مٺو قيد آهي. پٺاڻي خان کي غسل خاني ڏانهن پنڌ ڪري وڃڻ گوارا هو، سخت گرمي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر دوست جي صحبت ۽ قربت کان محرومي منظور نه هئي. هن لاءِ يارن جي سنگت هڪ اهڙي موسم هئي جنهن ۾ گرمي سردي اثر ڪونه ڪندي هئي.

اهڙي قسم جو هڪ واقعو منهنجي دوست ياسر نعماني به ٻڌايو ته خان صاحب کي هڪ ڀيري ڪنهن پروگرام جي سلسلي ۾ اسلام آباد هوٽل ۾ ترسايو ويو هو، پر خان صاحب صبح جو هڪ کليل ميدان تي ستل نظر آيو، جڏهن هن کان پڇيوسين ته چيائين سائين ڪمري ۾ رات جو آسمان ۽ تارا ته نظر ڪونه ٿا اچن..

پٺاڻي خان جي اچڻ سان اسان جي گهر ۾ رونق اچي ويندي هئي، رات جو دير تائين پئي ڪچهري ٿيندي هئي، خواجه فريد ۽ شاهه حسين جون ڪافيون ڳايون وينديون هيون ۽ پوءِ اسان ماني کائي سمهي رهندا هئاسين. هر روز ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن جي گهر تي پٺاڻي خان جي محفل مچندي رهندي هئي، ڪڏهن اسان جي يار ”آدم نير“ جي گهر، ڪڏهن وهاب جي ريسٽورينٽ ”هير رانجها“ تي، ڪڏهن ساجد منصور قيصراڻي ۽ ڪڏهن احسن واگا جي گهر. انهن محفلن ۾ اسان جا سرائيڪي، سنڌي دوست ۽ پٺاڻي خان جا ڪيترائي چاهڻ وارا گڏ ٿيندا هئا ۽ سڄي رات خان صاحب جي راڳ جي سرور ۾ گذري ويندي هئي.

اهو 1970ع جي آسپاس جو زمانو هو، جڏهن مون پهريون ڀيرو پٺاڻي خان کي لاهور جي شاهه حسين ڪاليج ۾ ٻڌو هو. اهو ڪاليج پروفيسر منظور حسين صاحب، پروفيسر ايرڪ سپرين ۽ ڪجهه ٻين دوستن گڏجي شروع ڪيو هو. اسان انهن محفلن ۾ باقائدگي سان شامل ٿيندا هئاسين. مون خواجه فريد جي شاعري ٿوري گهڻي پڙهي هئي، پر جڏهن اها پٺاڻي خان جي آواز ۾ ٻڌي ته اها منهنجي روح ۾ سمائجي وئي. خواجه صاحب کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ جيڪو فاصلو هو اهو منهنجي لاءِ پٺاڻي خان پنهنجي راڳ سان مڪمل ڪري ڇڏيو. روهي جي بهار، سسي جو مارو ٿل، هجر و فراق جي تڙپ ۽ خلقت جو دک درد منهنجي حواس جو حصو بڻجي ويا هئا.

پٺاڻي خان سان گڏ اسلام آباد ۾ طبلي تي سنگت هميشه صوفي ڪرم دين ڪندو هو، صوفي صاحب پراڻو طبلو وڄائيندڙ هو ۽ طبلي جي فن ۾ منهنجو استاد به هو، منهنجو فرزند صحيب جنهن کي اسان پيار مان ٽيپو به چوندا هئاسين، اهو ته هن جو باقائده ڌاڳو ٻڌل شاگرد هو ۽ هن کان وڏي محنت سان طبلي جي فن جي تعليم حاصل ڪندو هو، صوفي صاحب جي ”طفيل نيازي صاحب“ ۽ ”استاد نزاڪت علي سلامت علي خان صاحب“ سان گهڻي محبت ۽ احترام جو رشتو هو. پٺاڻي خان سان انهن جي دوستي تمام گهري هئي.

هڪ ڀيرو پٺاڻي خان اسلام آباد آيو ته صوفي صاحب شهر کان ٻاهر ڪنهن پروگرام لاءِ ويل هو، پٺاڻي خان ڏاڍو پريشان ٿيو، شام جو هن جو پروگرام هو ۽ صوفي صاحب جي اچڻ جو ڪو آسرو ڪونه هو، هو اٿندي ويهندي اهو پيو چوي ته، ”اوئي صوفي تون ميري نال بي وفائي ڪر گيا اين“ پٺاڻي خان شام تائين هن جو انتظار ڪندو رهيو، آخر مون پٺاڻي خان کي چيو ته اسان ڪنهن ٻي طبلي نواز کي سڏائي ٿا وٺون، پر پٺاڻي خان چيو سرمد سائين صوفي کانسواءِ ڳائڻ تي دل نٿي مڃي، اوچتو پٺاڻي خان کي منهنجو پٽ ٽيپو نظر آيو ۽ هن ان کي جهلي ورتو ۽ چيو پٽ تون صوفي جو شاگرد آهين، اڄ واري پروگرام ۾ توکي مون سان گڏ طبلو وڄائڻو آهي، توسان گڏ مون کي پنهنجي يار صوفي جي ڪمي محسوس نه ٿيندي.

پٺاڻي خان جو نه ته ڪو استاد هو ۽ نه ئي هن کي ڪنهن راڳ راڳڻي جي باقائده تعليم حاصل ڪئي هئي، نه ڪو پلٽو نه ساري گاما جي رياضت، ها ڪڏهن ڪڏهن صوفي صاحب کان پڇي وٺندو هو ته هن باڳيشري صحيح ڳائي آهي؟ صوفي صاحب يڪدم استاد بڻجي پٺاڻي خان کي سبق سيکارڻ شروع ٿي ويندو هو، پر پٺاڻي خان پنهنجي انداز ۾ ئي راڳ باڳيشري ڳائيندو هو. راڳداري کي نه سمجهندي به هن جو آواز هڪ کليل فطري آواز هو، جنهن هن ڌرتي جي صحرائن، درياهن ۽ موسمن مان جنم ورتو هو، هن جو تن تنبورو رڳون تارون بڻجي چڪا هئا، سُر هن جي ساهن سان گڏ گردش ڪندا هئا.

ڪجهه عرصي بعد جڏهن ڀٽو صاحب جي اقتدار دوران نيشنل ٽي وي تي مهدي حسن، فريده خانم ۽ اقبال بانو جي گائيڪي کانسواءِ فيض بلوچ، عابده پروين، طفيل نيازي ۽ ٻين به ڪيترن علاقائي ڳائڻن سان گڏ پٺاڻي خان جو آواز به ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ تارڪين وطن جي دلين ۾ به گونجي رهيو هو، تڏهن مون کي استاد سلامت علي خان صاحب هڪ واقعو ٻڌايو، چيو: سرمد صاحب هڪ ڏينهن آئون ريڊيو پاڪستان اسٽيشن ۾ داخل ٿي رهيو هئس ته مون ڏٺو سامهون کان پٺاڻي خان ڪلهي تي هارمونيم کنيو گيٽ ڏانهن پيو اچي، منهنجي ويجهو آيو ته مان ان جي سامهون بيهي رهيس، ”اوئي پٺاني خان تم ڪيا گاتي هو“؟: مون ٿورو سختي سان پڇيو. پٺاڻي خان ڪلهي تان هارمونيم لاهي پاسي تي رکيو ۽ هٿ ٻڌي منهنجا پير ڇُهندي چيو: خان صاحب اسان ته توهان جي جُتين جي صدقي ڳائيندا آهيون، سرمد صاحب هن ڪجهه اهڙي عاجزي سان چيو جو منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، مون چيو، ”خان صاحب توهان علم جو تڪبر ڪيو، پر پٺاڻي خان پنهنجي عاجزي سان توهانجي عالمانه سنگدلي کي پاڻي ڪري ڇڏيو.“ توهان بلڪل ٺيڪ چيو، سرمد صاحب مون کي به ائين ئي محسوس ٿيو، هاڻ به جڏهن مون کي اهو واقعو ياد ايندو آهي ته مان روئي ڏيندو آهيان.“

پٺاڻي خان ڪو ٻهروپي ملنگ يا جعلي درويش ڪونه هو، جيڪو ڳچيءَ ۾ مڻڪا پائي ڏاڙهي وڌائي، اونڌا ابتا ڪپڙا پائي سرڪاري پروگرامن يا تجارتي تهوارن ۾ هڪ ڪلچرل جمهوري شڪل ۾ لوڪ ورثي جي نمائندگي ڪندو هجي، هو پيدا ئي درويش ٿيو هو. پٺاڻي خان کي ڪٿان به پروگرام جي دعوت ملندي هئي ته هارمونيم ڪلهي تي کڻي روانو ٿيندو هو، اهو ئي هارمونيم هن جو ساز و سامان هو ۽ ان جي موسيقي ئي سندس سڀ ڪجهه هو، ان سڄي سفر ۾ صرف هڪ شخص هو جيڪو هن سان هميشه گڏ هوندو هو، ياسين: هلڪو بدن، ڀورا وار، روشن سايون اکيون، ڪڻڪائون رنگ، سياري ۾ به هڪ ڦاٽل پراڻو کيس ۽ گرمين ۾ هڪ ميري چادر ۾ لڪو، سڄي جسم کي ايئن ويڙهي سيڙهي ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي وڃڻ وارو آهي، خاموش ايڏو جهڙو مراقبي ۾ هجي. هو پٺاڻي خان جي پٺيان، چهرو لڪائي ائين ويٺو هوندو هو جهڙوڪر آهي ئي ڪونه. سندس هنج ۾ ڪپڙي جي غلاف ۾ ويڙهيل هڪ ڪتاب رکيل هوندو هو، جيڪو صرف هن کي نظر ايندو هو، جڏهن پٺاڻي خان ڳائيندو هو ته ياسين ڪتاب مان ڏسي هن کي اڳيون شعر سرگوشي سان ٻڌائيندو هو، اهو عمل اهڙو ٽيلي پيٿڪ هوندو هو جو ڪڏهن به ڪنهن کي احساس ئي ڪونه ٿيندو ته ياسين به ڪو شخص آهي جيڪو پٺاڻي خان جي پٺيان ويٺو آهي، هو هر محفل ۾ پنهنجي موجودگي ۾ غير موجود هوندو هو، ياسين ڪير هو؟ پٺاڻي خان جو دوست!، هن جو ٻالڪو! شاگرد يا همزاد؟؟ هن ٻڌايو: ”سرمد سائين مان راجپوتن جو اولاد آهيان، منهنجي چڱي ڀلي شادي ٿي، خوشحال خاندان مان آهيان، پڙهيل لکيل آهيان.“

پوءِ؟؟

”پوءِ ڇا، بس هڪ ڏينهن پٺاڻي خان جو ڪلام ٻڌو ۽ گهر ٻار زال ڇڏي ان جي پٺيان هلي پيس، انهيءَ کانپوءِ ڪڏهن واپس مڙي ڏسڻ ڪونه ٿيو.“

”اڇا ڇو؟؟“

”ڪڏهن پٺيان مڙي ڏسڻ جو موقعو ئي ڪونه آيو.“

ياسين نشو ته ڪندو هو، پر هن مون کي ٻڌايو ته هو نشن جا مقابلا به ڪندو هو! ته آئون ڏاڍو حيران ٿيس. ها سرمد سائين ملنگ نت نوان نشا ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان مقابلا به ڪندا آهن، مون جڏهن ياسين کان انهن مقابلن جا قصا ٻڌا ته خبر پئي وڏا وڏا ملنگ ياسين جي مقابلي ۾ هارايو وڃن، شايد هن وٽ ڪو هنر هو يا ڪرامت هئي جنهن هن کي زنده بچائي ٿي ورتو. هو ڏسڻ ۾ تمام معصوم ٻالو ڀولو ۽ پُرسڪون هوندو هو پر هن جي اندر ۾ ڪو اهڙو اضطراب هو جو ڄمي نٿي بيٺو. ڀنگ چرس آفيم خواب آور گوريون مٿان وري ڪچلو به کايو ويندو هو، جسم تي نانگ کان ڏنگائي به زنده سلامت بچيو ويندو هو. (سائين ايهه سب تان اينوين ڪيڙي مڪوڙي هن، اينان سانون ڪي ڪهنا؟) سائين اهي ته سڀ ڪيڙا ماڪوڙا آهن اهي مون کي ڇا ڪندا؟ هن اڄ تائين ڪنهن کان به نشي جو مقابلو ڪونه هارايو هو. شايد هن تي ڪوبه نشو اثر ڪونه ڪندو هو.

صدر پاڪستان جنرل ضياءُالحق طرفان چوڏهن آگسٽ جي تقريب ۾ ڪيترن فنڪارن سان گڏ پٺاڻي خان کي به سڏرايو ويو هو، آئون تيرنهن آگسٽ جي شام جو پٺاڻي خان کي ريلوي اسٽيشن تان وٺڻ ويس، سوچيم آزادي جي خوشي جي تقريب ۾ خان صاحب شايد تيار ٿي ايندو، پر ڏٺم ته اهي ئي ڌوڙ مٽي ۾ ڀريل وار، اڻ ڌوتل بنا استري ڪپڙا، هارمونيم ڪلهي تي ۽ پٺيان ياسين هڪ ڦاٽل پراڻي چادر ۾ ويڙهيو پيو اچي، صرف هن جون سايون سايون روشن اکيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون.

اها عجيب و غريب رات هئي، پٺاڻي خان اڄ ڪلام ڪونه ڳايو هو، اڄ پٺاڻي خان ڏاڍو بيچين هو، سڀاڻي صبح جو هن کي جنرل ضياءُالحق سان ملڻ لاءِ وڃڻو هو، هو هر هر مون کي اهو چئي رهيو هو ته آئون هن کي هڪ درخواست لکي ڏيان، جيڪا هو سڀاڻي جنرل صاحب کي پيش ڪري سگهي. مان ڪاپي ۽ پينسل کڻي ويٺس، ها پٺاڻي خان ٻڌائي. ان کان پهرين جو خان صاحب ڪجهه چوي ۽ مان لکان، ياسين جي ڪنڊلي هڻي ويٺل وجود ۾ جنبش ٿي، هن جون اکيون چادر جي پٺيان کان ٻن سائين بتين وانگر روشن ٿيون ۽ هن رازدارانه لهجي ۾ پٺاڻي خان کي چيو،

سیں توں تاں شاہین ایں، ایہہ کرگساں کول کی لین جا رہیا ہیں پٺاڻي خان هڪ لمحي لاءِ بت بڻجي ويو، پر پوءِ ياسين کي نظر انداز ڪري مون کي درخواست لکائڻ شروع ڪئي، اهو ته هن جا ٻارهن ٻار آهن، هن جو گذارو ڪونه ٿو ٿئي، هو ڪيئن غربت ۽ پريشاني ۾ زندگي گذاري رهيو آهي، جيڪڏهن هن لاءِ ڪو وظيفو شروع ٿي وڃي ته هو ملڪ جي بادشاهه کي سڄي عمر دعائون ڏيندو رهندو. درخواست جي وچ ۾ ياسين وري سرٻاٽ ڪيو،

عاشق ہوویں تاں عشق کماویں

(جيڪڏهن تون عاشق آهين ته عشق ڪمائيندين)

راہ عشق دا سوئی دا نکا

(عشق جو رستو سوئي جو سوراخ آهي)

تاگا ہوویں تاں جاویں

(جيڪڏهن تون ڌاڳو آهين ته ان مان گذري ويندين)

باہر پاک اندر آلودہ،

(تنهنجو ظاهر پاڪ نظر ٿو اچين پر تنهنجو اندر ميرو آهي)

کیا توں شیخ کہاویں

(پوءِ تون پنهنجو پاڻ کي شيخ ٿو سڏائين)

’ یاسین میری جند، چپ کر‘

(ياسين منهنجي جان چپ ڪر)

پٺاڻي خان ٿورو پيار سان سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو. چپ ڇا جي؟: ياسين جي ڪڇ ۾ ڪتاب کلي چڪو هو، هي اهو ڪتاب هو جنهن ۾ شاهه حسين ۽ خواجه فريد جو اهو سڄو ڪلام هو، جنهن کي سڄي عمر پٺاڻي خان ڳائيندو رهيو. (سانون ڪوڙي گل نه بهاوندي) اسان کي ڪوڙي ڳالهه نٿي وڻي؛ (سانون طلب سائين دي نام دي) اسان کي ته محبوب جي نالي جي طلب آهي؛ پٺاڻي خان هڪدم ڪاوڙ ۾ چيو، تون ماٺ ڪر؛ ياسين کي مون پٺاڻي خان جي سامهون ڪڏهن ڳالهائيندي ڪونه ٻڌو هو، پر اڄ هن جي زبان جي ڳنڍ کلي چڪي هئي، ياسين جي اندر مان ڪو ٻيو ياسين نڪري آيو هو، هن وري مسڪرائيندي چيو، ميان سچي ڳالهه ٻڌي نٿي وڃي؛ سچي ڳالهه ڪيئن ٻڌي ويندي؟؛ هڏين ۾ ته ڪچي رچيل آهي؛ ڪچي يعني ڪچو شراب، اندر جو ڪچ، ڪوڙ، بزدلي، ناپختگي ۽ بي ايماني. پٺاڻي خان کي هڪدم تمام گهڻو غصو آيو، پر هو ماٺ رهيو، هو ان مهل ڪجهه چئي به نٿي سگهيو، ان لاءِ جو هن جو پنهنجو آواز ڦري هن جي طرف اچي رهيو هو، اها عجب ساعت هئي، جو شاهه حسين، ماڌو لال کي سڃاڻي نه پيو سگهي. مون سوچيو، مان ڇا ڪريان؟ پٺاڻي خان جي درخواست ڦاڙي ٻاهر ڦٽي ڪريان؟ يا ياسين سان گڏ ڪرونڊڙو ٿي ويهي رهان؟ پر آئون نه ته ياسين هئس ۽ نه پٺاڻي خان، هي عاشق معشوق جا مڪالمه هئا، هي هڪ اهڙو مقام هو جنهن کي مان ڏسي ته سگهيس ٿي، پر اتي پهچي نٿي سگهيس. (اے میری سوہنی سورۂ یاسین اب بس کر) پٺاڻي خان ياسين کي جڏهن ياسين تي تمام گهڻو پيار ايندو هو ته هو ان کي پنهنجي سوره ياسين چوندو هو، ’بس؟ ہن تیری میری بس سائیں‘

هاڻ تنهنجي منهنجي بس ٿي چڪي سائين. ياسين پنهنجي وجد ۾ خواجه فريد، شاهه حسين ۽ بُلي شاهه جا ڪلام پڙهي رهيو هو آسيب ۽ آفت جي رات هئي، جنهن ۾ ياسين جو ورد جاري هو، ان رات شايد هن اچڻ واري صبح ڏسڻ نٿي چاهي، مڪروهه ۽ بدنما صبح، هن نٿي چاهيو ته هن جو مرشد ڪنهن غير جي اڳيان هٿ ڦهلائي، هن موجود لمحي کي اتي ئي بيهاري ڇڏڻ ٿي چاهيو، هن انهيءَ رات ڪلام ڪونه ٿي پڙهيو، ڄڻ ڪنهن اچڻ واري بلا کي ٽارڻ لاءِ ورد ڪري رهيو هو. پٺاڻي خان جڏهن تمام گهڻو عاجز ٿي پوندو هو، تڏهن پنهنجي بيوسي ۾ صرف ايترو چوندو هو ته، (جا تين سو جا) تون وڃين سمهي پئو؛ ان کانپوءِ ياسين بنا ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌڻ جي سمهڻ هليو ويندو هو، اها هن جي سعادت مندي ۽ پنهنجي گرو جي سيوا هئي. پٺاڻي خان ان رات به نهايت ٽٽل لهجي ۾ چيو: جا تين سو جا (تون وڃين سمهي پئو) ياسين هڪدم خاموش ٿي ويو، هن جون چمڪندڙ اکيون مڌم ٿي ويون، هو آهستگي سان اٿيو ۽ ڪنڊ ۾ وڃي چادر ڍڪي سمهي رهيو. ٻئي ڏينهن جڏهن آئون آيس ۽ حسب معمول ورانڊي ۾ ويس ته ڏٺم لائونج بلڪل خالي پيو هو، ٻئي ياسين ۽ پٺاڻي خان غائب هئا، پٺاڻي خان کي ته ايوان صدر پنهنجي درخواست سان گڏ حاضر ٿيڻو هو، پر هي ياسين ڪيڏانهن هليو ويو؟ بنا ڪنهن سلام دعا جي؟ ۽ نه ڪجهه کاڌو نه پيتو، رات واري ڳالهه منهنجي ذهن مان نڪري چڪي هئي. مون سوچيو شام جو ٻئي واپس اچي ويندا ۽ مان پٺاڻي خان کان ان جي جنرل ضياءُالحق سان ملاقات جو احوال پڇندس پر ان ڏينهن ٻن پهرن کانپوءِ مون کي ڪنهن فون ڪيو ۽ اها ڏکاري خبر ٻڌائي ته ياسين مري ويو آهي. معلوم ٿيو ته جڏهن پٺاڻي خان ايوان صدر ويو ته ياسين نشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ملنگن جي آستاني تي ويو، هڪدم منهنجي سامهون رات وارو سڄو منظر ڦري ويو، ياسين ته نشن جو مقابلو ڪڏهن به هارايو ڪونه هو، شايد هن ان ڏينهن زنده بچڻ جو گُر استعمال ڪونه ڪيو هو. ان کان پهرين جو هو پنهنجي مرشد کي ڪنهن غير جي اڳيان هٿ ڦهلائيندو ڏسي، هن خود مري وڃڻ ٿي چاهيو، پر ياسين جو موت هڪ بد دعا هئي، جنرل ضياءُالحق جو جهاز ٽن ڏينهن بعد هوا ۾ ڦاٽي تباهه ٿي چڪو هو.

او میریئے سوہنیئے سورہ یاسینے

اي منهنجا سهڻا؛ سوره ياسين؛

***