بلاگڪهاڻيون

ڪاڪو قادو

ڪهاڻي

آفيس آئي حسب معمول صاحب موجود نه هو. ڪٿي هو اها ڪنهن کي به خبر نه هئي يا شايد ڪير ٻڌائڻ نه پيو چاهي. ٻڌائجي ان کي جيڪو معنيٰ رکي باقي سرڪاري استاد جي ڪهڙي حيثيت جنهن کي آفيسر جي متعلق ٻڌائجي ته هو ڪٿي آھي. استاد جو ڪم ويهي انتظار ڪرڻ هو سو انتظار لاءِ سامهون وارو ڪمرو ڏيکاريو ويو ته اتي ويهي انتظار ڪجو. مان به چپڙي ڪري اچي ويهي رهيس. ويهڻ کان اڳ هڪ دفعو تسلي ڪاڻ ڪمري جو ڏس ڏيندڙ ڪلارڪ کان پڇيم، بس ايترو ٻڌايو ته صاحب آفيس ايندو به يا نه، جي نه ايندو ته اجائي انتظار بجاءِ موٽي وڃي اسڪول ۾ ٻار پڙھايان. منهنجي سوال تي منهن ۾ کوڙ گهنج وجهي هن وراڻيو. بيبي ايڏي به ايمانداري چڱي ناهي. خبر آھي ماستر ڪيڏي ٿا محنت ڪن جي استاد ايڏو ايماندار هجي ها ته ملڪ جاهلن ۾ شمار نه ٿئي ها ۽ آفيسر کي اوهان جي مٿان اڱوٺي واري مشين (بايو ميٽرڪ مشين) نه لڳائڻي پوي ها باقي آفيسر آهي مرضي جو ڌڻي اچي نه اچي. اوهان ڪمري ۾ انتظار ڪريو ايندو ته اطلاع ڏبو صاحب کي به اوهان کي به. ايڏي عزت افزائي بعد مان به پاڻ کي هزار گاريون ڏيندي اچي انتظار ۾ ويهي انتظار ڪرڻ لڳيس. سوچيم هي به عجيب معاشرو آهي جتي پيغمبري پيشي جي استاد لا به ڪا عزت ناهي. ٻيا ته ٺهيو يارهين گريڊ جي ڪلارڪ کي ئي ڏسو جن وٽ استاد لاءِ ٽڪي جي عزت ناهي، پر وري ڪجھ سوچي پنهنجي منهن ئي کلي پيس ڀلا جنهن پيشي جي شروع ۽ آخر ۾ ڪ ڪتو لڳل هجي ان کان ڪهڙي عزت جي اميد. سوچن کان ٿانيڪي ٿي آسپاس نهاريم ته ڪمري ۾ ٻه ٽي ٻيون عورتون ويٺل هيون. ڪنهن جي هٿ ۾ ٻارن جي رزلٽ جو فائل هو ته ڪنهن وٽ بجيٽ ڪاپي ته وري هڪ ٻن وٽ ذاتي فائل ۽ سروس بڪ. سوچيم ته اڄ جي دور ۾ جتي هي سڀ ڪم ڪمپيوٽر جي هڪ ڪلڪ تي ٿيڻ کپن اتي اسين اڄ به فائل، رزلٽ، بجيٽ ڪاپيون هٿ ۾ کڻي پنجاهه پنجاهه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري صاحبن جي انتظار ڪرڻ تي مجبور آھيون. مان اڃان خيالن ۾ ئي هئس ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل جوان ماسترياڻي جي سوال تي ڇرڪي پيس ۽ کيس ڏٺم،

ادي اوهان ڪهڙي ڪم سان آيون آھيو؟.

چيم ها بس صاحب کان پني تي صحيح وٺڻي اٿم. اوهان جي هٿ ۾ ڇا جو فائل آهي، جواب ڏيڻ سان گڏوگڏ کانئس سوال به ڪري وڌم.

نه پڇ هتي اعليٰ تعليم جو به قدر ناهي. بجاءِ هڪ پي ايڇ ڊي استاد کي عزت ڏيڻ جي ۽ ان جي ڪيل پي ايڇ ڊي مان فائدو وٺڻ جي ان کي هڪ سال کان پي ايڇ ڊي الائونس لاءِ اين او سي (نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ) لاءِ پيا خوار ڪن. سندس چهري تي مايوسي پکڙيل هئي. گهڙي پل اندر هن جي بيزاري منهنجي اندر ۾ لهي وئي جو مان به ته ساڳي ڪم لاءِ آئي هئس مون کي به ته الائونس لاءِ اين او سي گهربل هئي.

پر نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڏيڻ به ڪو مسئلو آ؟ بي تابيءَ مان کانئس پڇيم.

اصل ۾ مان جڏهن نوڪري ۾ آيس ته منهنجي پي ايڇ ڊي اڳ ۾ هلندڙ هئي ۽ ٿيسز تي ڪم هليو پئي. منهنجي ٿيسز ڪري نه منهنجي ڪم تي اثر پيو پئي نه وري مون سرڪار جي ڏنل ماهوار ٻن موڪلن کانسواءِ ڪا موڪل پئي ڪئي ان ڪري اداري کان فارمل اجازت نه ورتي هئم. هاڻ جڏهن پي ايڇ ڊي مڪمل ٿيڻ بعد الائونس جو وقت آيو آھي ته چون پيا اين او سي اوهان کي تڏهن وٺڻي هئي هاڻ نه ملندي. ان ڪري سال کان پئي ڌڪا کان، پر ڪنهن کي به ڪهل نه پئي اچي جو مسئلي جو حل ڪڍي ڏين. هن اڃان ڳالھ مس مڪمل ڪئي ته پٽيوالي سڏ ڪيس ته کيس صاحب پيو سڏي. هوءَ اٿي اندر وئي ته مان مايوسي منجهان مونجهارن ۾ اچي ويس. منهنجو مسئلو به ته ساڳيو هو ۽ مون به ته مهل تي موڪل نه ورتي هئي. هاڻ جي هيءَ استاد سال کان ڌڪا کائي پئي ته مون کي ڪيترا ڌڪا کائڻا پوندا. پنج منٽ مس گذريا ته هوءَ واپس موٽي آئي. مايوسي چھري مان صاف ظاهر هئس. اک جي اشاري سان نه ڪيائين ته مان به مايوس ٿي ويس. ان کان اڳ جو مون کي سڏ ٿئي، مان خاموشيءَ سان فائل کڻي ڪاڪي قادو ڪلارڪ جي ميز تي رکيو. هن بي رخيءَ منجهان فائل کوليو. مٿي مٿي هزار هزار جا ڪجھ نوٽ پيل هئا. نوٽن تي نظر پوندي ئي هن هيڏي هوڏي نهاري پڪ ڪري اهي نوٽ کيسي ۾ رکيا. بي بي اوهان وڃي ساڳئي ڪمري ۾ انتظار ڪريو مان صاحب کي عرض ڪريان ٿو وڌيڪ توهان جو نصيب. مان واپس اچي ڪمري ۾ ويٺس. هڪ هڪ ٿي ڪري سڀني کي اندر سڏيو پئي ويو. ڪلاڪ جي انتظار بعد ساڳيو ڪلارڪ ڪمري ۾ آيو. هن جي هٿ ۾ اين او سي هو. صاحب سان ملي بغير آفيس مان نڪري آيس ڇو جو منهنجو ڪم ڪاڪي قادو ڪري ڇڏيو هو.

***