ايران جو پهريون صدر ابوالحسن بني لاڏاڻو ڪري ويو

ايران ۾ سن 1979ع ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ ملڪي صدر جو عهدو سنڀاليندڙ ابوالحسن بني 88 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ابوالحسن بني جو لاڏاڻو اڄ فرانسيسي تخت گاهه پئرس جي هڪ اسپتال ۾ ٿيو. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا اڳوڻي صدر جي ويجهي ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايران جو پهريون صدر ابوالحسن بني اڄ پئرس جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.