ايشيا پئسيفڪ ۾ آمريڪا جو هڪ نئون اتحاد ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ
آمريڪا جي افغانستان مان نڪري وڃڻ کانپوءِ هاڻي اهي ملڪ ايشيا جي ملڪن کي مد نظر رکندي هڪ نئين اتحاد ٺاهڻ طرف وڃي رهيا آهن، جنهن کي هڪ نئون ملٽري الائنس سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٽي ملڪ شامل آهن. آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا، جنهن کي انگريزيءَ ۾ AUKUS جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان حوالي سان تفصيلي بحث هن ريت ڪنداسين ته ڇا هي ملٽري الائنس آهي يا ٽيڪنالاجيڪل الائنس آهي. ڇا هن اتحاد ۾ ايتري صلاحيت هوندي ته هو چائنا جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ۽ چائنا جو رد عمل به ڏسبو ته هن اتحاد جي حوالي سان چين ڪهڙي پوزيشن ۾ آهي. فرانس جو رد عمل به ڏسنداسين ته فرانس ڇو هن اتحاد جي حوالي سان آمريڪا کان ناراض آهي ۽ هن اتحاد جي حوالي سان انڊيا جي مستقبل بابت به ذڪر ڪنداسين. آمريڪا سان اتحاد جي حوالي سان ڪوواڊ (quad) جي جيڪا گروپنگ آهي انهيءَ ۾ ڀارت به آمريڪا سان اتحادي آهي ۽ ڪوواڊ (quad) جو مستقبل ڇا آهي. ڇو ته هي اتحاد به ايشيا پئسيفڪ ڊومين لاءِ آهي. هاڻي وري هڪ نئون الائنس سامهون آيو آهي، جڏهن هڪ ورچوئل پريس ڪانفرنس ٿي جنهن آمريڪا طرفان جوبائيڊن ۽ يو ڪي پاران بورس جانسن ۽ آسٽريليا جو وزيراعظم اسڪاٽ مورسين وچ ۾ هڪ نئون اتحاد سامهون آيو آهي. تجزيا نگار هن حوالي سان حيران آهن ته ڪابه اهڙي ڳالهه ٻولهه هنن ملڪن درميان اڳ ۾ ظاهر ڪونه ٿي هئي ۽ هي هڪ سرپرائيزنگ اعلان هو، پر هنن ملڪن جو چوڻ هو ته اسان جي هن اتحاد بابت ڪافي عرصي کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ هئي، پر هن ميٽنگ ۾ اسان انهيءَ جو اعلان ڪيو آهي، پر هن اعلان جي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته آسٽريليا کي نيو ڪليئر سب ميرين فراهم ڪيون وينديون، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايشين پئسيفڪ ريجن ۾ جيڪو چائنا جو اثر رسوخ آهي ۽ اهو سائوٿ چائنا سي ۾ ڪهڙي مشڪلات کي منهن ڏيئي رهيو آهي ته اسان کي انڊو پئسيفڪ ريجن يا ايشيا پئسيفڪ ريجن جي هر ڊومين ۾ ڪم ڪنداسين ۽ اهي ڊومين ڇا آهن نيو ڪليئر پاور سب ميرين ڇا آهن؟
What are nuclear powered sub marine
نيو ڪليئر پاور سب ميرين جا ڪهڙا ڪم آهن ۽ انهن جو مقابلو ڪنوينشل سب ميرين سان هوندو آهي ۽ دنيا ۾ صرف ڇهه سب ميرين ملڪ آهن جنهن ۾ آمريڪا وٽ 68 سب ميرين آهن، روس کي 29 آهن، چائنا وٽ 12 آهن ۽ يو ڪي کي 11 آهن، فرانس وٽ 8 آهن ۽ ڀارت کي هڪ. نيو ڪليئر سب ميرين نيو ڪليئر انرجي/پاور وانگر ڪم ڪندي آهي. مطلب ته نيو ڪليئر انرجيءَ سان هلندي آهي ۽ ڊيزل تي هلندي آهي باقي دنيا جا ٻيا ڪنوينشل سب ميرين بجلي ۽ ڊيزل تي هلندا آهن. اهڙن سب ميرين کي ڪجهه عرصي کانپوءِ چارج ڪرڻو پوندو آهي، پر نيو ڪليئر سب ميرين کي ڪوبه ايترو آسانيءَ سان چارج نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته هن کي چارج ڪرڻ لاءِ ٻاهر سر فيس طور نه اچڻو پوندو. ڇو ته اها نيو ڪليئر انرجي سان چارج ٿيندي رهندي آهي، هن گروپ ۾ آسٽريليا لاءِ پهرين مرحلي ۾ 8 نيو ڪليئر پاور سب ميرين تيار ڪيون وينديون، پر ان حوالي سان ڪابه تاريخ طئي ڪونه ٿي آهي ته آسٽريليا کي اهي سب ميرين ڪڏهن ملنديون. تجزيا نگارن جي هڪ اندازي موجب اهي نيو ڪليئر سب ميرين آسٽريليا کي 2030 تائين ملي وينديون، پر ان جا جيڪي ماهر آهن اهي آسٽريليا ويندا ۽ آسٽريليا جي نيول ايڪسپرٽس سان ڪم ڪندا ان سلسلي ۾ ايڊيليڊ جي مقام تي هڪ نيوڪليئر ري ايڪٽر جوڙيو ويندو جتي نيو ڪليئر پاورڊ سب ميرين جوڙڻ لاءِ انجڻ تيار ڪئي ويندي، پر دنيا ۾ جيڪي نيو ڪليئر ويپن کي روڪڻ لاءِ ادارا ڪم ڪن پيا، انهن ڏک جو اظهار ڪيو آهي جنهن تي آسٽريليا جي وزيراعظم اهو چيو آهي ته اسان نيو ڪليئر هٿيار نٿا ٺاهيون. ڇو ته آسٽريليا هڪ نيو ڪليئر ملڪ نه آهي، پر آسٽريليا صرف انهن آبدوزن لاءِ نيو ڪليئر انرجي حاصل ڪندو. تاريخ ۾ آمريڪا پنجاهه سال اڳ هيءَ ٽيڪنالاجي يو ڪي کي ڏني هئي هاڻي هيءَ ٽيڪنالاجي آسٽريليا کي ڏيئي رهيو آهي. ضرور آمريڪا جو هن ۾ وڏو مفاد هوندو. AUKUS جو جيڪو هي ملٽري الائنس آهي هي صرف ملٽري ڊومين ۾ نه آهي، هي اتحاد گڏيل صلاحيتن کي وڌائڻ چاهي ٿو. مطلب ٽنهي ملڪن جي فوجي طاقت ۾ هڪ گهرو تعلق بنائڻ آهي، ڊفينس ۽ فارين رليشن ۾ هڪ نئين انداز سان گڏجي اڳتي اچڻ لاءِ سوچي رهيا آهن ۽ ٽيڪنالاجي ايريا ۾ سائبر ڊومين آفيشل انٽيليجنس ڪئانٽم ٽيڪنالاجي سي ليول ڪانٽيڪٽ، مطلب ته هر ٽيڪنالاجي ۾ هي پنهنجو گڏيل انفلوئنس آڻڻ چاهين ٿا ته جيئن چائنا جو دنيا ۾ وڌندڙ انفلوئنس کي ڪائونٽر ڪري سگهن ۽ هنن ٽنهي ملڪن مان ويجهو ملڪ چائنا آسٽريليا آهي. انڊو پئسيفڪ ڊومين ۾ آسٽريليا کي وڌيڪ طاقتور بڻائجي ته جيئن چائنا کي روڪڻ ۾ آساني ٿئي ۽ اسان جي گڏيل مفادن جو تحفظ ٿئي. جوبائيڊن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي چئي چڪو هو ته اسان پاڻ سان هم خيال جمهوري ملڪن کي گڏ کڻي هلنداسين. هاڻي تاريخي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته آمريڪا جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي آهي ته هو هميشه نئين جنگ پنهنجي اتحادي جي ڪلهي تي رکي ڪندو آهي، جيئن 9/11 کانپوءِ آمريڪا پاڪستان ۽ افغانستان کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي ناڪاميءَ کانپوءِ پنهنجي اتحادي ڀارت کي چائنا سان جنگ ڇيڙي ڦاسائي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح سان وري هاڻي آسٽريليا کي چائنا سان ڦاسائڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ خاموشيءَ سان تماشو ڏسندو. اهڙي طرح سان چائنا هن اتحاد کي (Narrow minded geo political alliance) جو درجو ڏنو آهي ۽ واضح چيو آهي ته هاڻي جديد دور جي ٽيڪنالاجي اچي ويئي آهي، جنهن ذريعي چائنا جي وڌندڙ انفلوئنس کي مڃڻو پوندو، اهڙيءَ طرح سان آمريڪا کي سپر پاور بڻائيندڙ ويجهو دوست فرانس به هن اتحاد مان خوش نه آهي. ڇو ته آسٽريليا 10 ملين ڊالر جو معاهدو فرانس سان هي آبدوز جوڙڻ لاءِ ڪيو هو، پر ان معاهدي کانپوءِ فرانس آمريڪا سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هاڻي نظر وجهنداسين ته QUAD ۽ انڊيا جو مستقبل ڇا آهي، ڇو ته جيڪي شيونAUKUS گروپ ۾ آهن اهي ته اڳ ئي QUAD جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، انڊيا ۽ جاپان شامل آهن ۾ موجود هيون اهي سموريون شيون ته هاڻي آسٽريليا آمريڪا ۽ يو ڪي يعني AUKUS گروپ ۾ اچي ويون ته پوءِ QUAD گروپ جو مستقبل ڇا هوندو؟ هاڻي هن مان واضح ٿي ويو ته آمريڪا شايد ايشيائي ملڪن ڪنٽريز کان وڌيڪ آسٽريليا تي ڀروسو ڪري ٿو. هڪ پاسي ڀارت کي اڳتي آڻي، ٻئي طرف هڪ نئون اتحاد جوڙي ان جو قيمت هيٺ ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان هڪ اهڙو ئي معاهدو موجود آهي جيڪو ٻي جنگ عظيم کانپوءِ ٿيو فائيو آئيز جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، يو ڪي، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن. هاڻي انهن ۾ هي نئون گروپ ظاهر ٿيو آهي. جنهن ۾ آمريڪا، يو ڪي ۽ آسٽريليا جي صورت ۾ هي گروپ چائنا ۽ ان جي ساٿين کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن گروپ جي انٽيليجنس ڪيتري مضبوط هوندي ۽ دنيا جي اڀرندڙ سپر پاور چائنا سان ڪيئن ٿا مهاڏو اٽڪائين اهو ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيندو.