خاص

ايٽمي طاقت هئڻ باوجود ڪستو کڻي پني رهيا آهيون: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي پئي ۽ اسان آءِ ايم ايف وٽ نڪ ٻوڙايو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد وڪيلن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ ليٽرز ورهائڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي چيو ته اڄ هائوسنگ اسڪيم جو پهريون مرحلو پورو ٿي چڪو آهي ۽ وڪيلن جي پراڻي مطالبي ساڀيان جو روپ وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان حڪومت آءِ ايم آيف معاهدي جي پاسداري ڪرڻ بدران ان جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، جنهن سبب اسان کي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي مالياتي اداري اسان آڏو ڪيئي مطالبا رکيا. آءِ ايم ايف معاهدي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ايٽمي طاقت هئڻ باوجود اسان اڄ به ڪستو کڻي پندا پيا وتئون، جنهن به دوست ملڪ سان رابطو ڪريون ٿا اهو سمجهي ٿو ته شايد قرض وٺڻ لاءِ فون ڪئي آهي، جيڪي ماڻهو اسان کان پوئتي هئا اهي به گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو اعتراف ڪندي وزيراعظم چيو ته معاشي صورتحال ڳنڀير آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت وڏي محنت سان ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو.