ايڊيٽوريل: يڪسان تعليمي نصاب جدت، تخليق ۽ روشن خياليءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ
ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي شعبن سان گڏ تعليم جي شعبي لاءِ پاليسي سازي صوبن جو استحقاق آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ آئين کان بالا تر ٿي ڪري مختلف دورن ۾ حڪمرانن اهڙا فيصلا ڪيا آهن جن سان پاڪستان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندي ٿيندي وري ڪچي تي لهي ويندو آهي، نه رڳو ڪچي تي لهي ويندو آهي، پر اڳتي وڃڻ جي بجاءِ پٺتي سفر ڪرڻ لڳندو آهي.
ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ان ملڪ جو تعليمي نظام ڪيتري حد تائين بين الاقوامي معيارن سان ڀيٽ کائي ٿو. 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجا بنياد ٺاهي چڪو هو ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ خانگي شعبي توڙي سرڪاري شعبي ۾ تعليم جي ميدان ۾ انقلابي ڪم ٿي رهيو هو، پر ان دور ۾ پ پ جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي سمورن خانگي اعليٰ تعليمي ادارن کي جيڪي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٻارن کي سٺي تعليم ڏيئي رهيا هئا، قومي تحويل ۾ وٺي ورتو ۽ اهڙيءَ ريت تعليم جي ميدان ۾ پاڪستان کي ويهه ٽيهه سال پٺيان ڌڪيو ويو. ان فيصلي جي نتيجي ۾ نه رڳو ملڪ ۾ تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪارن جو نقصان ٿيو، تعليمي ميدان ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو ۽ مائٽن لاءِ تمام وڏي پريشانيءَ واري صورتحال پيدا ٿي جنهن جي ڪري ڪيترائي سرنديءَ وارا ماڻهو ٻارن جي تعليم جي سلسلي ۾ ملڪ کان ٻاهر لڏڻ لڳا. ڇو ته اسڪولن جي قومي تحويل ۾ اچڻ سان استادن جي پڙهائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجندو هو ته سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجي معيار کي بلند ڪن ها ۽ ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي ها، پر ايئن نه ٿي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ وري 80 جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خانگي اسڪولن ۾ سيڙپڪاري ٿيڻ شروع ٿي ۽ تمام ڳرين فين جي باوجود اهي اسڪول مڊل ڪلاس جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويا ڇو ته اتي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سٺي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ ٻارن اندر لڪل صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا ۽ شاگردن جي اندر اڳواڻيءَ جون صلاحيتون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون، انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن جا فارغ ٿيل شاگرد دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن وقت مختلف پوزيشنن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ملڪ جي مجموعي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ صرف ٻه سيڪڙو بجيٽ مختص ڪيو وڃي ٿو جنهن مان اسان ملڪ ۾ حڪمران جماعتن جي تعليم ۾ دلچسپي جو اندازو لڳائي سگهون ٿا، بجيٽ ۾ اضافي ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي يڪسان تعليمي نصاب جي اوٽ ۾ وري پٺتي ڌڪڻ واري تاريخ دهرائي پئي وڃي، انهن ٻارن، والدين ۽ اسڪولن کي پاڪستان جي موجوده پي. ٽي. آءِ جي حڪومت هڪ نئون چئلينج ڏنو آهي. اسان جو سماج مختلف سببن جي ڪري مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن کي هڪ ئي نصاب جي ذريعي هڪ سطح تي آڻڻ تمام ڏکيو عمل آهي. جڏهن ته ارڙهين آئيني ترميم جي ڪري وفاق ان جو استحقاق به نٿو رکي ۽ جيڪو سليبس ترتيب ڏنو ويو آهي اهو انهن خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ ناقابل قبول آهي. ڇو ته اهي خانگي اسڪول هن وقت سرڪاري اسڪولن کان بهتر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ بهتر نصاب پڙهائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس مان سٺي افرادي قوت پيدا ٿي رهي آهي جيڪا ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهي آهي ۽ ناڻو ڪمائي ملڪ جي معاشي حالت کي بهتر بڻائي رهي آهي.
هن وقت سڄي ملڪ کي يڪسان نصاب جي نه پر ديني مدرسن کي جديد تعليم ۽ نصاب جي ضرورت آهي، بهتر اهو آهي ته انهن جي ديني نصاب سان گڏوگڏ جديد نصاب جو حصو به شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن ٻارن کي ٻين اسڪولن جي برابر آندو وڃي ته جيئن اهي شاگرد ديني تعليم سان گڏوگڏ بهتر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل تعليم حاصل ڪري زندگي ۾ ٻين ٻارن سان گڏ بهتر موقعا حاصل ڪري سگهن. هن وقت محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته يڪسان تعليمي نصاب جي نعري هيٺ پاڪستان جي ترقيءَ کي بريڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ملڪ اندر جدت، تخليق ۽ روشن خياليءَ جي راهه ۾ وفاق ڀرپور رڪاوٽ وجهي رهيو آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي چئن صوبن جي پنهنجي تاريخ آهي، هر صوبي جا ڌار هيرو آهن ۽ ڌار ڌار ثقافت آهي ۽ ان ملڪ جي ڪلچر جي خوبصورتي به ان ۾ آهي ته اهي چار رنگ پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکندي گڏ هلن. جڏهن انهن سڀني رنگن مٿان ڪوبه هڪ نقلي رنگ ٿڦيو ويندو ته هيءُ ملڪ ۽ هيءَ قوم صدين تائين پنهنجي سڃاڻپ لاءِ دربدر رهندا.
1955ع ۾ ون يونٽ جو نفاذ ڪري اهڙي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو نقصان ملڪ جو اڌ حصو ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي قوم کي ڀوڳڻو پيو، نه رڳو ايترو پر سڄي قوم ان کي رد به ڪيو هو ۽ وري يڪسان قومي نصاب جي آڙ ۾ هڪ نئين ون يونٽ جي تياري ٿي رهي آهي، جنهن کي سنڌي قوم ڪڏهن به قبول نه ڪندي، اهڙي وقت ۾ پ پ سنڌ حڪومت کي داد نه ڏيڻ زيادتي ٿيندي، جنهن يڪسان تعليمي نصاب جي خيال ۽ اسڪيم کي رد ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت تي اڃان ذميواري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ته هو سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي حالت کي بهتر بڻائي، ٻارن جي ڊراپ آئوٽ کي ڪنٽرول ڪري، والدين جي ڪائونسلنگ لاءِ رضاڪارن جون يونين سطح کان ضلعي سطح تائين ٽيمون جوڙي جيڪي تعليم جي اهميت تي انهن کي سجاڳي ڏيئي سگهن. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ نصاب کي اڃان وڌيڪ جديد طرز تي ڊزائين ڪيو وڃي. نصاب مان مذهبي ڪٽرپڻي جي بوءِ جتي به ايندي هجي ان کي رواداريءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عالمن جون خدمتون ورتيون وڃن. سنڌ جيڪا صدين کان ترقي پسنديءَ جي امين رهي آهي ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اتي انتها پسنديءَ پنهنجي جاءِ والاري آهي ان کي واپس پنهنجي ترقي پسند ماڳ تي رسائڻ لاءِ هڪ متوازن ۽ جديد جيڪو سائنسي بنيادن تي جوڙيل هجي نصاب ئي سٺو سماج جوڙڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿو.