ايڪسپو ۾ انوکو جهان، الف پويلين ايڪسپو 2020 دبئي ٽريولاگ ڀون سنڌي  

لطيف سائين

جو بيت آهي:

اکر پڙهه الف جو،

ورق سڀ وسار،

اندر تون اُجار،

پنا پڙهندين ڪيترا.

لطيف سائين جي هن بيت مطابق هڪ اکر الف ۾ ئي سڀ ڪجهه موجود آهي، صرف اندر کي  اُجارڻ جي ضرورت آهي. جي من اُجرو ٿي وڃي ته ڄڻ اُن ۾ پورو جهان موجود آهي. لطيف سائين جي ھن بيت ۾ الف ته عشق جو اولڙو پسائي ٿو، پر پاڻ اڄ جنهن الف جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو ايڪسپو 2020 دبئي ۾ عرب امارات جي پويلين جو نالو آهي. هن الف پويلين ۾ لطيف سائين واري الف جي عشق جا اسرار ته ڪونه آهن جن جو روحاني جهان سان تعلق آهي، پر هن پويلين ۾ مادي دنيا سان جڙيل اُهو سارو جهان موجود آهي، جيڪو انسان قديم دور کان وٺي جديد دور تائين پنهنجي عقل کي استعمال ڪندي حاصل ڪيو آهي. هن پويلين جو نالو عربي ٻوليءَ جي رسم الخط جي پهرين اکر الف جي پويان رکيو ويو آهي جنهن مان مراد اوائل يا شروعات ٿي سگهي ٿي، پر هن پويلين ۾ توهان کي اها سڀ سامگري ملندي، جيڪا انسان پنهنجي علم، ڄاڻ، سوچ، نظريي ۽ تجربي جي ذريعي حاصل ڪئي آهي. ايڪسپو ۾ سڄي دنيا جي تقريبن 192 ملڪن جو هڪ هڪ پويلين آهي، پر دبئي جا ايڪسپو ۾ ست اٺ پنهنجا پويلين آهن، جيڪي اُن جي ماضيءَ جي تاريخ، تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي سيٽ اپ کان وٺي ان جي معاشي، فڪري ۽ سائنسي ترقي جا عڪاس آهن ۽ انهن جو نه صرف الڳ الڳ موضوع يا ٿيم(Theme)  آهي، پر انهن جي پنهنجي پنهنجي خوبصورتي به آهي، جن مان الف پويلين به هڪ آهي.

الف پويلين 12000 ميٽر اسڪوائر جي وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي. هي پويلين موبلٽي زون ۾ ٺهيل آهي ۽ ان کي موبلٽي پويلين به ڪوٺجي ٿو. هي پويلين ٽي ماڙ آهي ۽ ان ۾ انڊر گرائونڊ پورشن به آهي. هن پويلين جي ڍڪيل ايريا 29695 اسڪوائر ميٽر ۽ اوچائي 25 ميٽر آهي. ان کان علاوه هن پويلين ۾ 4000 اسڪوائر ميٽر اضافي ايريا به آهي جيڪا نمائشن لاءِ رکي وئي آهي. ايڪسپو 2020 دبئي ۾ موجود 200 پويلين مان هرهڪ ملڪ جي پويلين کي پنهنجو الڳ موضوعي عنوان يا ٿيم (Theme) ڏنل آهي، جيڪو ان ملڪ جي تاريخ، تهذيب، سماجي قدرن، معاشيات ۽ سائنسي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. الف پويلين جو ٿيم آهي.

Break down the divide between physical and Digital Worlds.

الف پويلين جي ڊزائننگ بين الاقوامي ايوارڊ ونر آرڪيٽيڪٽ فرمFoster + partners جي ڪيل آهي. هن پويلين جو ٻاهريون ڏيک(facade)  پوپٽ سان مشاهبه آهي ۽ اھو پوپٽ ۽ جهاز جي پرن جيان ڦهليل محسوس ٿئي ٿو. الف پويلين جي ٻاھرو ٻاھر ڍانچي ۾ اسٽين ليس اسٽيل جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن کي زنگ يا آلودگيءَ کان بچائڻ لاءِ وري ايليومينم ڌاتو جو تهه چاڙهيو ويو آهي. هن شاندار پويلين جي ٻاهرين ڊزائننگ ۾ نمايان ٿيل پٽا (لڪيرون) ان جي چوطرف ماحول ۾ چرپر جي عڪسن کي موٽائيندا(Reflect)  رهن ٿا. انهيءَ مسلسل چمڪ(Shining)  ۽ حرڪت مان هن ملڪ جو مسلسل تحرڪ ۾ رهڻ جو تاثر اڀارڻ سان گڏ، اهو تاثر پڻ اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڀلي اسان لڪيرن جيان هڪٻئي کان پري آهيون، پر پوءِ به ان اڀرندڙ چمڪ يا تحرڪ جيان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهيون. موبلٽي ڊسٽرڪٽ (زون) ۾ واقع الف پويلين جي ٻاهرئين ڏيک(Front View)  ۾ سهيڙيل اهو خيال ايڪسپو 2020 دبئي جي مرڪزي ٿيمConnecting minds and Creating the future  جي ڀرپور عڪاسي ۽ ترجماني ڪري ٿو ۽ دنيا کي ترقي ۽ گڏيل سهڪار لاءِ پليٽ فارم پڻ مهيا ڪري ٿو. الف پويلين جي اڳيان ٻن گهوڙن جا کڙا ڪيل ڪاري ۽ اڇي رنگ جا خوبصورت مجسما(Sculptures)  انسان جي اوائلي دور (ماضي) کان جديد دور (مستقبل) جي طويل سفر جي عڪاسي ڪن ٿا. ساڳئي وقت انهن گهوڙن کي حرڪت (چرپر يا هلندي) ۾ ڏيکارڻ مان ايڪسپو 2020 دبئي جي مرڪزي ٿيم (خيال) کي پڻ تقويت پهچي ٿي. هاڻي هلو ته الف پويلين جي اندر هلون.

پويلين ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اندر اونداهي ڪاريڊور ۾ توهان کي ڇت تي ٽٻڪن ۾ ٺهيل روشن گهوڙا نظر ايندا. ان کانپوءِ اتي توهان کي گولائي ۾ ٺهيل ديوار ۾ لڳل مختلف وٿين تي لڳل دروازن مان ڪنهن به هڪ دروازي جي سامهون بيهاريو وڃي ٿو. جيئن ئي آٽوميٽڪ دروازا کلن ٿا توهان جي هڪ وڏي اونداهي هال ۾ اينٽري ٿئي ٿي. هال جي وچ ۾ ڇت کان ٿورو هيٺ هڪ عرب بَدُو ڇوڪريءَ جي پتلي (مجسمي) جي چوگرد ماڻھن کي بيهاريو وڃي ٿو ۽ پوءِ دروازا خود بخود بند ٿي وڃن ٿا. سڄي هال ۾ اونداهه آهي ۽ فقط بَدُو ڇوڪريءَ جو مجسمو سيٽ ڪيل لائٽ سبب روشن آهي. اونداهه ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ٿورو تصور ڪريو ۽ ان اونداهي ماحول ۾ موجود خوف کي محسوس ڪريو. ياد ڪريو پنهنجي ابن ڏاڏن کي، جن اهڙن اونداهن دورن ۾ زندگي گذاري هوندي. جنهن هال ۾ اوهين بيٺا آهيو دراصل اهو سڄو هال لفٽ(Elevator)  آهي. جي ها جناب! هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي لفٽ آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 160 ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا. جيئن ئي هيءَ لفٽ هلڻ شروع ٿئي ٿي ته ان پس منظر ۾ سيٽ ڪيل ميوزڪ شروع ٿئي ٿي ۽ توهان جو بَدُو ڇوڪريءَ سان گڏ سفر شروع ٿئي ٿو. گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ۽ هڻڪار جا آواز توهان کي انسان جي ماضيءَ واري اوائلي اونداهي دور (جنهن جو پاڻ اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون) کان سفر جي شروعات محسوس ڪرائين ٿا، جنھن دور ۾ انسان گھوڙن تي اڻانگا سفر ڪندو ھو. لفٽ جي تيز رفتاري ۽ موسيقيِءَ جي وسيلي گهماگهم سفري آواز توهان کي ايئن محسوس ڪرائين ٿا ته توهان خود ان سفر جو حصو آهيو. بَدُو ڇوڪريءَ جنهن جو پاڻ اڳي ذڪر ڪري آيا آھيون، اُن جو ڪنڌ ۽ هٿ مٿي آسمان ڏي کڄيل آهي ۽ پوءِ ٿوري دير ۾ آسمان تي آهستي آهستي ستارا جڳمڳائڻ لڳن ٿا ۽ آسمان (هال جي پوري ڇت) ڪهڪشائن سان ٻري اُٿي ٿي. بَدُو ڇوڪريءَ جو هٿ آسمان ۾ اڏامندڙ پوپٽ ڏانهن کڄيل هجي ٿو. اِتي توهان جو سفر پورو ٿئي ٿو ۽ دروازا خود بخود کلي وڃن ٿا. ڪيئن ٿا ڀانيو؟ آهي نه حيرت ۾ وجهندڙ پيشڪش؟ هي آهي هن پويلين جو پهريون سيڪشن جنهن ۾ خوبصورت منظر نگاري سان ڀريل سنگل سينڪ (scenic) فلم جي ذريعي انسان جي ماضي (اونداهه) کان مستقبل (روشني) جي دور ڏانهن سفر کي هڪ بَدُو ڇوڪريءَ جي صورت ۾ علامتي طور پيش ڪيو ويو آهي. اها بَدُو ڇوڪري، مشرق وسطيٰ جيڪو آفريڪا ۽ ايشيا ۾ پڻ شمار ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ ٻين ملڪن سان گڏ عرب امارات به اچي وڃي ٿو، جي نمائندگي ڪري ٿي. اڄ کان ساڍا چار هزار سال اڳ جي عربن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي اِها بَدُو ڇوڪريءَ گهوڙن جي سفر (پراڻي دور ۾ آمد و رفت جي ذريعي) کان شروع ڪندي توهان کي عرب امارات جي ماضي حال ۽ مستقبل کان واقف ڪندي ھلندي. اهو ئي هن پويلين جو تاڃي پيٽو (پلاٽ) آهي، جنهن تي ڪهاڻي اڳتي وڌندي. هن ڪهاڻي ۾ اُڏامندڙ پوپٽ ڏانهن وڌيل هٿ مستقبل ڏانهن سفر جو علامتي اظهار آهي.

پورو هال جيڪو خود لفٽ بڻيل آهي اُن جا دروازا کلڻ سان هاڻ توهان پويلين جي ٽين منزل تي پهچي چڪا آهيو. هاڻ هتان توهان جو سفر واپس گرائونڊ ڏانھن ٿيندو انڊر گرائونڊ فلور تي ختم ٿيندو. هن سڄي سفر ۾ توھان سلوپ (بنا ڏاڪن) واري چاڙهي تان هيٺ لهندا هلندا رهندا. سلوپ واري ڏاڪڻ جي ٻنهي پاسن کان گئلريون سجايل ملنديون ته ڪٿي وري اها ڏاڪڻ هال تائين ڇڏيندي ۽ اتان ٻاهر کان وري پنهنجو سفر جاري رکندي. اتان ٿورو هلڻ سان توهان هڪ هال ۾ داخل ٿي وڃو ٿا. هن سيڪشن کي نالو ڏنو ويو آھي ھائوس آف وزڊم(wisdom)  هن هال ۾ عربن جي ماضيءَ جا داستان، ڪتابن ۽ سلائيڊن جي ذريعي اجاڳر ڪيا ويا آهن. هن هال ۾ قديمي نسخن جا اسڪرپٽ ۽ لائبريري وارو ماحول رکيو ويو آهي. هال جي هڪ ڪارنر تي الڪندي(Al-kindi)  کي ڪتاب جو مطالعو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. الڪندي (پورو نالو ابو يوسف بن اسحاق الصباح الڪندي) 801ع ۾ ڪوفي عراق ۾ ڄائو ۽ 873ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين. هو هڪ ئي وقت طب، فلسفي، ستارن جي علم (Astronomy)، اسلامي تاريخ، رياضي، جاميٽري، ڪيميسٽري، فزڪس، لاجڪ ۽ موسيقي وغيره ۾ مهارت رکندو هو. چون ٿا ته هن مختلف علمي ميدانن (موضوعن) تي 260 ڪتاب لکيا. الڪندي دنيا ۾ عرب فلاسافي جي ابي (father) طور سڃاتو وڃي ٿو. هن سيڪشن ۾ ديوارن تي ان دور جي بغداد جي شهر جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. پٿرن ۽ ڪاٺ جي اُڀريل(embossed)  ڊزائننگ ۾ شهر جون عمارتون، بازارون ۽ درسگاهون وغيره ڏيکاريل آهن ۽ الڪندي کي گهوڙي تي سواري ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي. ديوارن تي ڪيلي گرافي جي ڪم کانسواءِ ايڪسپو جي سوني منڊي جي ڊزائين کي به فريم ۾ سجايو ويو آهي. هي سيڪشن هال کان ٻاهر نڪرڻ سان به جاري رهي ٿو. هاڻ توهان هال کان ٻاهر سلوپ واري ڏاڪڻ جي لاهي تي هلي رهيا آهيو. ھن آرٽ نما گئلري ۾ توهان جي هڪڙي طرف گرل جي اندر 9 فوٽ ڊگها پتلا (مجسما) سجايل آهن جيڪي عرب جي دنيا ۾ سائنس، تاريخ، ائسٽرانامي، سياحت وغيره جي مد ۾ سڃاڻپ بڻيل آهن. هن گئلري ۾ جيڪي مجسما سيٽ ڪيا ويا آهن انهن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1) البڪريِ (پورو نالو عبيد عبدالله بن عبدالعزيز بن محمد بن ايوب بن عمرو البڪري) 1040ع ۾ هوئيلوا (Huelva Spain)  ۾ ڄائو ۽ 1094ع ۾ ڪورڊوبا(Cordoba Spain)  ۾ وفات ڪيائين. هي عرب دنيا جو مشهور تاريخ نويس ۽ جاگرافي جو ماهر ٿي گذريو آهي. (2) ابن بطوطه (پورو نالو ابو عبدالله محمد ابن بطوطه) 1304ع ۾ موراڪو جي شهر ٽئنجير(Tangier)  ۾ ڄائو ۽ موراڪو جي شهر مراڪش(Marakesh)  ۾ 1337ع؟ 1368؟ يا 1369ع؟ (وفات جي صحيح تاريخ جي خبر ناهي) ۾ وفات ڪيائين. هي پنهنجي وقت جو مشهور اسڪالر ۽ سياح ٿي گذريو آهي جنهن دنيا جو 117000 ڪلو ميٽر سفر ڪيو جيڪو مقداري حوالي کان مارڪو پولو جي ڪيل سفر کان به گهڻو آهي. (3) ابن ماجد (پورو نالو احمد ابن ماجد) 1432ع؟ ۾ جلفا (راس الخيما) ۾ ڄائو ۽ 1500ع ۾ وفات ڪيائين. هن جو جهاز راني جي طرفن(Navigation)  تي وڏو ڪم ٿيل آهي. چون ٿا ته مشهور سياح واسڪو ڊيگاما جنهن آفريڪا کان انڊيا جي سفر لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو اُن جو نقشو به هن جو ٺاهيل هو. هن جا شاعري ۽ نثر تي 40 ڪتاب لکيل آهن، هن کي جهاز راني ۾ مهارت سبب سمنڊ جو شينهن(Lion of Sea)  جو لقب پڻ مليل آهي. هي مجسما به هائوس آف وزڊم سيڪشن جو حصو آهن. هي قدآور مجسما انهن شخصيتن جي مهارت جي فيلڊ واري حساب سان ٺاھيا ويا آھن ۽ اُنھن جي آسپاس اُن دور جو منظر ۽ ماحول به سجايو ويو آھي. انهن مجسمن جي بيهڪ، لباس ۽ ڪاسٽيوم ۾ رنگن جو جڙاءُ به انتهائي جاندار آهي. توهان جي ٻئي طرف 170 فوٽ ڊگهي ديوار تي وري اُڀريل (ايمبوس ٿيل) فن پارا (تصويرون) ٺاهيون ويون آهن، جيڪي ميرانجهڙي ڪلر جي چيڪي مٽيءَ جيان ايئن نظر اچن ٿيون. جيئن پٿرن کي ٽڪي ان تي ڪيليگرافي يا تصويرون اُڀاريون (ٺاهيون) وينديون آهن، تيئن هي چترڪاري به سنگتراشي جي ذمري ۾ اچي ٿي. 170 فوٽ هن ڊگهي وراڪا کائيندڙ ديوار تي نائين صدي کان پندرهين صديءَ تائين جي دور جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. عرب ان عرصي کي پنهنجي تاريخ جو سونهري دور ڪوٺين ٿا، جو ان عرصي ۾ مٿيان ڄاڻايل سڀ عالم پيدا ٿيا جن جي تخليقي پورهئي نه صرف عرب، پر باقي دنيا کي به سائنس، ادب، فلسفي، سياحت ۽ ٻين علمن جي روشني سان منور ڪيو. هنن فن پارن ۾ 200 انساني شڪليون، 100 جانورن جون شڪليون ۽ 100 کان مٿي سواري ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون، منظرن ۽ ماحول جي حساب سان سيٽ ڪيون ويون آهن. هي آمهون سامهون ٺاهيل مورتيون(Sculptures) سنگتراشي جي فن جو ڪمال شاهڪار لڳن ٿيون ۽ انهن جي وچان هلندي ماڻهو پاڻ کي حيرت جي جهان ۾ محسوس ڪندي ان دور ۾ وڃائجي وڃي ٿو ۽ ھڪ واري محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته اڄ جي جديد دور ۾ جيڪي اسان کي سھولتون حاصل آھن انھن ۾ ھنن عظيم انسانن جو تخليقي پورھيو ۽ رت ست به شامل آھي. هي آرٽ گئلري نيوزيلينڊ جي فرم ويٽا(Weeta)  ورڪشاپ ڊزائين ڪئي آهي ته ٺاهي به انهيءَ ئي فرم آهي. هي نامياري فرم اڪيڊمي ايوارڊ کٽيندڙ آهي ۽ ان جو هاليووڊ جي مشهور فلمن Black Runner 2049،Lord of Rigs  ۽Avatar  ۾ به ان قسم جو ڪم ٿيل آهي. هن سڄي آرٽ گئلري ۾ پاسن کان وڏا ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر اسڪرين لڳايا ويا آهن، جن تي آڱريون ڦيرڻ سان توهان انهن دورن جي معلومات بابت ڄاڻي سگهو ٿا. اتان جيئن ئي توهان سلوپ واري ڏاڪڻ تان لهندا ايندا ته توهان هڪ وڏي هال ۾ پهچي ويندا. ان هال جي وچ تي هڪ وڏو گولو سجايل آهي. اهو دراصل هيري جيان آهي جيڪو چمڪي رهيو آهي. ان جي سامهون ٿورو پريان مٿان ڇت کان ھيٺ هڪ عرب مهم جو لباس پائي ان هيري ڏانهن وڌندي ڏيکاريو ويو آهي. هن منظر ۾ دراصل ڌرتيءَ کي هيري جي طور علامتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ھن تخليقي سيٽ اپ جي ذريعي انسان جي ڌرتي تي هلندڙ وقت ۾ جدوجهد کي آرٽسٽڪ انداز سان ظاهر ڪيو ويو آهي. ٿورڙو اڳيان هلندا ته ديوارن جي اندر لڳل فريمن (شوڪيسن) ۾ مختلف اسڪرينن تي توهان کي دبئي جي حڪمران، عربن جي اوطاق تي روايتي ڪچهري ۽ ٻين تهذيبي ورثن جا منظر اسڪرينن تي هلندا ڦرندا نظر ايندا.

توهان ٻڌو هوندو ته سنڌو درياهه جي واري ۾ سون موجود آهي. ان مان سون ڪڍي ڌرتيءَ جي ماڻهن تي خرچ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر جيڪي هن ڌرتيءَ تي اکين ڏٺا قدرتي وسيلا موجود آهن، انهن تي ڌرتي ڌڻين جو حق به هڪ خواب بڻيل آهي. اهو خواب الائجي ڪڏهن ساڀيان ٿيندو!؟ يا تيسين ويري اهي قدرتي وسيلا کائي کپائي ڇڏيندا ۽ پاڻ منھن مٿو پٽيندا رھجي وينداسين!؟ سنڌو درياهه جي واري سون اپائي، الائجي ڪڏهن ماڻهن جي قسمت بڻائيندي؟ باقي دبئي جي واري هتي جي ماڻهن جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي آهي ۽ انهن لاءِ آرائشن ۽ آسائشن جو خوبصورت جهان جوڙي ڇڏيو آهي. جي ھا ته هاڻ پاڻ هلي رهيا آهيون ان سيڪشن ۾ جنهن ۾ واريءَ مان خوبصورت جهان خلقيو ويو آهي. هن سيڪشن ۾ شاهي ديوار تي هڪ فل ايل اي ڊي اسڪرين لڳل آهي جنهن تي رڳو واري ئي واري نظر اچي ٿي ۽ ان جا عڪس هيٺ فرش تي پوندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بس ان اسڪرين تي پنهنجون آڱريون گهمايو ته اسڪرين تي عرب امارات جون پراڻيون توڙي جديد عمارتون، سامونڊي ڪنارا ۽ ٻيو جهان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو. هڪ دفعي آڱريون ڦيرائڻ سان دنيا جي وڏي عمارت برج خليفه اچي ٿي ته ٻئي ڀيري وري ابو دابي ۾ واقع مشرق وسطيٰ جي وڏي ۾ وڏي مسجد. توهان آڱريون ڦيرائيندا رهو ۽ هر ڀيري عرب امارات جي مختلف جهانن جو ديدار ڪندا رهو، بلڪل ايئن جيئن پاڻ ننڍي هوندي خورد بينيءَ ۾ سلائيڊ پائي رنگ برنگي دنيا جو مزو وٺندا هئاسين. ڪيئن ٿا ڀانيو عربن کي، جن واري مان سون (تيل) اُپائي عرب امارات کي سون جي لنڪا ٺاھي ڇڏيو آھي ۽ پاڻ رڳو موتي پرڪاش جي خوبصورت شاعري تي ڪمپوز ڪيل گھنشام واسواڻي، گريش ساڌواڻي ۽ ساٿين جي آواز ۾ ڳايل گاني:

آنڌي ءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،

خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي.

تي نچڻ ٽپڻ ۾ ئي پورا آھيون.

هاڻ پاڻ سلوپ تان لهندي پهچي ويا آهيون هڪ نئين سيڪشن ۾ جيڪو ڊجيٽل دنيا تي مشتمل آهي. هن سيڪشن جي راوي علينا آهي جيڪا هڪ ننڍي اسڪرين تي ظاهر ٿي آهي ۽ دبئي جو حال احوال ٻڌائي رهي آهي ته ڪيئن دبئي ماضيءَ جا مرحلا طئي ڪري هتي پهتو آهي ۽ ان جا مستقبل جا منصوبا ڪهڙا آهن، جيڪي دبئي کي جديد دنيا سان ڳنڍي رکندا. هوءَ هتي وسندڙ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن جو به ذڪر ڪري ٿي جيڪي پيار محبت، بنا مذھبي يا نسلي ڀيد ڀاوَ ۽ رواداري جي اصولن تي عمل ڪندي پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا ۽ هن ملڪ جي ترقي ۾ برابر جو هٿ ونڊائين ٿا. هن ننڍي اسڪرين ڀرسان هڪ وڏي هال جيترو گولو (12X12) به آھي جيڪو ري ٿنڀي ري ٿوڻئي بيٺو آهي. هي گولو دراصل پورو اسڪرين آهي جنهن تي مسلسل هلندڙ ڊاڪيومينٽري ۾ دبئي جي ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مد ۾ ڄاڻ هلندي رهي ٿي. جيئن جيئن توهان گولائي ۾ هيٺ لهندا تيئن هي گولو به توهان سان گڏ هلندو رهندو. اڳيان هلي هن گولي جي اندر اسڪرين تي هڪ ڪئريڪٽر متعارف ڪرايل آهي جيڪو ڊجيٽل دنيا جي ڄاڻ ڏي ٿو. ان هلندڙ ڊاڪيومينٽري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيئن نه ڊجيٽل ٽيڪنالاجي دماغ جي خلين کي پنهنجي انداز ۾ استعمال ۾ آڻي دنيا کي سهل بڻائيندي ۽ ساڳئي وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس جو ذڪر ڪندي ٻڌايو وڃي ٿو ته اڳيان هلي ان ٽيڪنالاجي جي ذريعي توهان جيئن چاهيندا تيئن ٿيندو. اڳي ته مختلف ميٿالاجين جي قصن ۾ پڙهندا هئاسين ته راجا مها راجا ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا ته جيئن سندن خواهشون پوريون ٿين ۽ سدائين بادشاهه رهن ۽ ديوتا انهن جي تپشيا کان خوش ٿي کين اهڙو ور ڏيندا هئا. اهي ته هئا ٻڌل قصا ۽ انھن جي تعبير ٿيندي ڪڏھن به ڪونه ھئي، پر آرٽيفيشل انٽيليجنس واقعي به توهان جي خواهشن ۽ خوابن کي تعبير بخشيندي. پاڻ هيل تائين ته رڳو اديبن ۽ شاعرن واتان بيان ٿيل خوابن ۽ خواهشن جي اڏام مان پيا مزو وٺندا آھيون جنھن ۾ سڀ سھولتون، سونھن ۽ سرور موجود ھوندا آھن، پر اهي ته آھن رڳو اديباڻا ۽ شاعراڻا ليکا ۽ عملي دنيا ۾  اهي ساڳيا ئي سور ۽ عذاب آھن، پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هيءَ نئين دريافت واقعي به انسان جي دنيا تبديل ڪري ڇڏيندي ۽ اڻ ٿيئڻي کي ٿيئڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. اڳيان هلي فزيڪل ۽ ڊجيٽل دنيا جو فرق به ختم ٿي ويندو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن حيرت انگيز ۽ خوبصورت جهان ۾ توهان کي اِهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن ٽيڪنالاجيز جي ذريعي دماغ جي ڪمانڊ ڏيڻ جي سسٽم کي استعمال ڪندي نه صرف موروثي بيماريون ختم ڪيون وينديون، پر قابل ۽ ذهين انسان پڻ پيدا ڪيا ويندا. ساڳئي وقت آرٽيفيشل ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فعال ٿيڻ سان اڳيان هلي انساني زندگيءَ ۾ موت به معنيٰ وڃائي ويهندو! ھاڻي ڏيو منھن. اھو ڄاڻي جي توھان جا فڪر ۽ عقيدا لوڏو کائن ته ڏيو سائنس کي پٽون ۽ پاراتا. پر ٿيندو ڪجھ ڪونه. دنيا ھر حال ۾ اڳتي وڌڻي آھي ۽ پوئتي موٽڻي ناھي. سائنس توھان جي فڪرن ۽ عقيدن جي تابع ناھي، ان جي ڪم ڪرڻ جو پنھنجو انداز آھي پوءِ اُھو توھان کي وڻي يا نه وڻي. هن خوبصورت جهان کي پسندا هيٺ لهندا هلو ۽ هاڻ توهان پهچي وڃو ٿا ٽائيم ۽ اسپيس (خلا) جي هڪ نئين سيڪشن ۾. هن سيڪشن ۾ مشينون رکيل آهن. توهان پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان روبوٽ اسپيس شپ (خلائي جهاز) ٺاهي سگهو ٿا ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سگهو ٿا. هن ئي سيڪشن ۾ توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب امارات 4500 سالن کان پنهنجي تهذيب جي شروعات ڪيئن ڪئي آهي. ياد رهي ته عرب امارات (دبئي) جي آثار قديمه جي سائٽ Saruq Al-Hadid مان هڪ سوني منڊي ملي جيڪا 4500 سال پراڻي آهي ۽ ان کي ايڪسپو 2020 دبئي جو لوگو هئڻ جو اعزاز به مليل آهي. 330 ميٽر هن ڊگهي سيڪشن ۾ عرب امارات جي خلائي پروگرام کي به هاءِ لائيٽ ڪيو ويو آهي. هن ئي سيڪشن ۾ عرب امارات جي مريخ(Mars)  ڏانهن موڪليل خلائي جهاز هوپ(Hope)  جو ماڊل ۽ خلا باز جو (پتلو) مشينون ۽ ٻيون لاڳاپيل شيون رکيل آهن. هن ئي سيڪشن ۾Cutting edge ٽيڪنالاجي جنهن ضرورت پٽاندر مشينن ۾ تبديلي جي هنر کي متعارف ڪرائي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، ان نسبت سان به هتي مشينون(Devices)  رکيون ويون آهن. هن ئي سيڪشن ۾ سج جي توانائي جي استعمال جي ذريعي دنيا ۾ برپا ٿيندڙ مشيني انقلاب جي ڄاڻ پڻ ڏنل آهي. هن سيڪشن ۾ ٿيل سيٽنگ جي ذريعي توهان کي محسوس ڪرايو وڃي ٿو ته ڪيئن نه عرب امارات جيڪو بيابان جي حالت (شڪل) ۾ هو، پنهنجا وسيلا ۽ صلاحيتون بهتر انداز ۾ استعمال ڪري اڄ خلا (مريخ) ڏي سفر ڪري رهيو آهي. هڪ طرف هيِ ملڪ آهي جيڪو بيابان کان آسمان ڏي سفر ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اسين آهيون جيڪي زمين کان هيٺ پاتال ۾ پنهنجي نا اهلي سبب غرق ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون.

اتان نڪرڻ کانپوءِ جنهن گئلري ۾ توهان جي اينٽري ٿئي ٿي اهو سڄو ايل اي ڊي اسڪرينن، خوبصورت لائيٽن، ڊيسڪ ٽاپن ۽ فريمن سان سجايل آهي. هن گولائي ۾ گول ڦرندڙ ۽ ھيٺ لھندڙ گئلري ۾ ڇت کان هيٺ زمين تائين 12 ميٽر ڊگهو سلينڊر جي شڪل ۾ سلينڊر سيٽ ڪيل آهي. ان جي حدن ۾ اچڻ سان توهان جا عڪس ان تي نروار ٿين ٿا. ان مان اهو تاثر اڀاريو ويو آهي ته عرب امارات، واپار ۽ آمد رفت جي ذريعن وسيلي شروع کان وٺي سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهي. ساڳئي وقت هن سلينڊر نما تي مختلف رنگ برنگي گلن ۽ ٻين ڊزائينن جون شڪليون ٺهنديون رهن ٿيون، جيڪي انسان جي بهتر ۽ خوشحال مستقبل جي تصور ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. آهستي آهستي توهان گولائي ۾ ٺهيل ان گئلري کان هيٺ سلوپ تي لهندا رهو ته توهان جي پاسن کان فل ديوارن تي هلندڙ اسڪرينن تي دبئي جون عاليشان عمارتون نظر اينديون. عرب امارات جا سامونڊي ڪنارا، سير ۽ تفريح جون جايون، وڏا ڪاروباري ادارا، ميٽرو ۽ عرب امارات جي شهرن جا نظارا به هنن ڊاڪيومينٽرين جي زينت بڻيل آهن. هنن ڊاڪيومينٽرين جي ذريعي توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب امارات پنجاهه سالن جي دور ۾ ڪيئن ماهگيرن جي بستي کان جديد شهرن ڏي پنهنجو سفر ڪيو آهي. ڪيئن عرب امارات ماهگيرن واري زندگي مان پاڻ کي ڪڍي ۽ تبديل ڪري جديد ۽ آرائشن واري زندگيءَ ۾ پير پاتو آهي. هن ئي سيڪشن ۾ توهان کي مستقبل جي ورچوئل سٽي بابت به ڄاڻ ملي ٿي. مختلف ڊيسڪ ٽاپ اسڪرينن ۽ ديوارن تي هلندڙ ڊيٽا ۽ وڊيوز جي ذريعي توهان هتي ماڻهن لاءِ ٺهندڙ مستقبل جا جديد شهر ڏسي سگهو ٿا جيڪي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي اڏيا ويندا، جن ۾ خودڪار (آٽوميٽڪ) گاڏيون روڊن تي هلنديون جن کي هلائڻ لاءِ ڊرائيورن جي ضرورت نه پوندي. توهان جي زندگيءَ جو روز مره جي معمول جو ڪم توڙي ٻيا ڪم روبوٽڪ مشينون ڪنديون ۽ توهان پنهنجي زندگي ۾ تصور ۾ ايندڙ خوابن ۽ خواهشن واري زندگيءَ کي اصل روپ ۾ ڏسندا ۽ ان جو مزو به ماڻيندا. جديد ٽيڪنالاجي جي خوبصورت جڙاءُ سان سينگاريل هيءَ گئلري پاڻ جهڙن ماڻهن کي جن پنهنجن ملڪن ۾ رڳو درد، ڪرب ۽ معاشي مسئلن کي ڀوڳيو آهي، هڪ واري ان عذاب واري زندگيءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي شاندار، سکن ۽ خوشين ڀرئي مستقبل ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ ايئن مستقبل جي خوبصورت ۽ آسائشن سان ڀرپور دنيا ۾ هلندي هلندي توهان پهچي وڃو ٿا پويلين جي ان حصي ۾ جيڪو آرٽسٽڪ انداز ۾ سجايل آهي.

جي ها، اُها ئي بَدُو ڇوڪريءَ جيڪا اسان پويلين جي پهرين سيڪشن ۾ ڏٺي هئي، جيڪا ڪائنات کي کوجڻ لاءِ نڪتي هئي ۽ جنهن کي پوپٽ (مستقبل) جي پويان هلندي ڏيکاريو ويو آهي، سا پنهنجي ماڳ پهچي چڪي آهي. هاڻ ھوءَ اهو پوپٽ (مستقبل) هٿ ڊگهيري ٻي ڇوڪريءَ کي ڏيئي رهي آهي. پسمنظر ۾ دبئي جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت برج خليفه ۽ ٻي رنگ برنگي دنيا آهي. هن منظر جي ذريعي علامتي طور اهو اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي اسان جو آدرش (مستقبل) هڪ آهي ۽ اسان ان مقصد جي حاصلات لاءِ نه صرف هڪٻئي سان جڙيل (ڳنڍيل) آهيون، پر اُن جو تسلسل به آھيون. ھي ٺاھيل خوبصورت ۽ جڙاءُ سان ڀرپور سيٽ ايڪسپو 2020 دبئي جي مين ٿيم Connecting Minds Creating the Future جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. جهڙا خوبصورت پتلا (مجسما) هن سيٽ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، اهڙي ئي وري اُنھن تي خوبصورت لائيٽنگ ڪيل آهي ۽ وري اهڙا ئي خوبصورت ۽ ردم ڀريا صوتي اثرات ڏنل آهن. ان پسمنظر ۾ ڏنل موسيقي ۾ جيڪو بَدُو ڇوڪريءَ جو پڙاڏو ٿي گونجندڙ آلاپ آهي اهو ڄڻ ته ازل کان ابد تائين جو پڙلاءُ لڳي ٿو. اها آهي هن پويلين جي ڪلائيميڪس، جيڪا خوابن، خواھشن ۽ انسان جي ابدي خوشين جي عڪاس آھي. جي منڍ کان هن پويلين کي ڏسجي ته هي پويلين هڪ ناول جي لائيو(live)  عڪاسي (نشريات) جيئان لڳي ٿو جنهن کي پنهنجي ڪهاڻي آهي، پسمنظر آهي، ڪردار آهن ۽ ڪلائيميڪس به آهي. جهڙو خوبصورت هن پويلين جو پلاٽ آهي وري اهڙو ئي هن ۾ رنگ ڀريو ويو آهي ۽ ھي ڪنهن سٺي هاليووڊ فلم جيان دل تي ڇانئجو وڃي، جنهن جو منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سحر ٽُٽي ئي نٿو. ان خوبصورت آرٽ جي ڪلا جي منظر مان لطف اندوز ٿي توهين پهچو ٿا پويلين جي آخري سيڪشن ۾.

آخري سيڪشن ۾ توهان کي ڊاڪيومينٽري هلندي نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هي سڄي پويلين جي حصي تي ٺاهيل فلم آهي. هن ڊاڪيومينٽري ۾ توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيئن عرب امارات جو پنجاهه سالن تي مشتمل ترقي جو دور، ڊجيٽل ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي دنيا ۾ ايندڙ تبديليون، روبوٽڪ مشينن جو عام زندگيءَ ۾ استعمال، ڪميونيڪيشن جا جديد ۽ آٽوميٽڪ ذريعا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هن فلم ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. اتي توهان جو الف پويلين جو سفر پورو ٿئي ٿو. اتان ٻاهر نڪرڻ سان توهان پويلين جي شاپنگ ايريا ۾ پهچي وڃو ٿا. هن شاپنگ ايريا ۾ عرب امارات جي ڪلچرل شين کان علاوه ڪاسميٽڪس، پرفيوم، پرس، جيولري ۽ ٻيو سامان ملي ٿو، جي دل چاهي ۽ کيسو اجازت ڏي ته خريد ڪريو، جي نه ته اتان نڪري ٻاهر اچو هڪ هال ۾. هتي واش رومز وغيره ٺهيل آهن ۽ ساڳئي وقت اتي هڪ وڏو واٽر ڪولر به نصب ڪيل آهي جيڪو ڪمپيوٽر ڪارڊ (ڪولر تي پيل آهي) کي اسڪين ڪرڻ سان هلي ٿو. هن ڪولر ۾ سادي منرل واٽر، اسٽرابيري، ليمن يا پيچ فليور جا آپشن آهن. توهان جي سادي منل واٽر يا جنهن فليور واري منرل واٽر تي دل چاهي ڪمپيوٽر ڪارڊ جي ذريعي ڪمانڊ ڏيو ڪولر توهان جي خواهش پوري ڪندو. اڃان به جي توهان انهن فليورن مان ڪنهن به فليور ۾ سوڍا مڪس ڪري پيئڻ چاهيو ته ان جو آپشن به ڪولر ۾ موجود آهي. ڪيئن ٿا ڀانيو دبئي سرڪار جون نوازشون. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايونٽ ايڪسپو جو جهان به مفت ۾، سڄي عرب امارات مان ٽرانسپورٽ به مفت ۾ ۽ مٿان وري مختلف ذائقن وارو پاڻي، سو به مفت ۾ ۽ پاڻ؟ پاڻ کي جي سرڪار منرل واٽر ته ٺهيو، پر رڳو گٽرن وارو پاڻي نه پياري ته به اُن جي مهرباني ٿيندي. جيئن ته توهان ٿرڊ فلور تان سفر شروع ڪيو هو ۽ هن وقت توهان انڊر گرائونڊ فلور ۾ آهيو، هاڻي توهان جي مرضي آهي يا ته ايليويٽر يا اسڪيلٽر استعمال ڪري گرائونڊ فلور تي وڃو يا سيڙهيون چڙهي وڃو. هتي پويلين جي ٻاهر هڪ گولائي ۾ ايمفي ٿيٽر ٺهيل آهي جنهن جو اسٽيج انڊر گرائونڊ فلور تي آهي، تقريبن ٿوري ٿوري وقفي سان ٺهيل اسٽيج تي فنڪار سر سنگيت جو جادو جاڳائڻ اچن ٿا جن ۾ عرب امارات سان گڏ باقي دنيا جي ملڪن جا فنڪار به هجن ٿا. ھن ايمفي ٿيٽر (اسٽيج) جي پويان هڪ هوٽل به آهي، جي دل چئي ۽ وات جو ذائقو بجيٽ تي حاوي پئجي وڃي ته هوٽل تي ماني به کائو ۽ موسيقي جو مزو به وٺندا رهو. ان کانسواءِ هتي فرسٽ فلور تي هڪ کلُيل اسٽيج به آهي جنهن تي وقفي وقفي سان ايڪوسائونڊ جي دمادم گانن تي مختلف ملڪن جا فنڪار ۽ فنڪارائون ڊانس ڪندي ماڻهن جي دل وندرائينديون رهن ٿيون. آئون جڏهن ايمفي ٿيٽر جي ايريا ۾ پهتس ته ان وقت هڪ آفريڪن فنڪار پنهنجي ساٿي سازندن سان گڏ سر سنگيت جي محفل مچايو ويٺو هو. ڪجهه وقت موسيقيءَ جو مزو وٺي ٻاهر نڪري آيس ايڪسپو جي ڪشادن رستن تي. ڪشادن رستن تي وکون کڻندي منهنجي ذهن ۾ آيو ته، جيتوڻيڪ دبئي سرڪار هن پويلين جو نالو ته عربي رسم الخظ جي پهرين اکر الف جي پويان رکيو آهي، پر هن پويلين ۾ رڳو الف نه پر الف کان وٺي ي (عربي رسم الخظ جو آخري اکر) تائين اها سڀ سامگري موجود آهي، جيڪا هئڻ گهرجي. ماضي کان وٺي حال ۽ حال کان وٺي مستقبل تائين جي منصوبابندي، لوازمات، ويئزن(Vision)  اهو سڀڪجهه هتي نه صرف هن پويلين ۾ پسي سگهجي ٿو، پر هن ملڪ ۾ واقعي به موجود (ائين) آهي ۽ پاڻ؟ ٺيڪ آهي پاڻ وٽ ڀلا جي الف کان وٺي ي تائين سڀ ڪجهه ناهي ته به گهٽ ۾ گهٽ الف کان ته شروعات ڪري وٺون، اڳيان رستا خود بخود نڪرندا ايندا.

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments