ايڪسپو 2020 دبئي آمريڪا جو پويلين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو جهان ڀون سنڌي اپريل 2022
آمريڪا سامراج آهي، آمريڪا جو سڄي دنيا جي ملڪن تي دٻدٻو آهي. آمريڪا پنهنجن معاشي ادارن جي ذريعي دنيا جو استحصال ڪري ٿو. آمريڪا جا جنگي عزائم آهن وغيره وغيره. اهڙا ۽ ٻيا کوڙ سارا تبصرا توهان کي دنيا جي ملڪن جي هر ڪنڊ ۾ وسندڙ ماڻهن واتان ٻڌڻ لاءِ ملندا. انهن تبصرن (راين) جي غلط يا صحيح هئڻ تي پاڻ نٿا ڳالهايون ۽ نه ڪو هن وقت پنهنجو اهو موضوع آهي، پر اهو ته طئي آهي ته آخر ڪجهه نه ڪجهه آمريڪا ۾ خاص ضرور آهي، جنهن ان کي دنيا جو سپر پاور بڻايو آهي. اچو ته ايڪسپو 2020 دبئي ۾ آمريڪا جو پويلين ڏسڻ هلون، متان اسان کي انهن سوالن جو جواب ملي وڃي ته آخر ڇو آمريڪا دنيا جو سپر پاور بڻيل آهي. ايڪسپو جي الفورسان زون ۾ واقع آمريڪا پويلين چار منزلا آهي. هن جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگWood Bagot جي ڪيل آهي ۽ پويلين جي عمارت تي ڪل 60 ملين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا آهن. ٻين ايڪسپو جي پويلينس جيان هن جو به هڪ ٿيم ترتيب ڏنو ويو آهي جيڪو ان جي خاص سڃاڻپ، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وغيره جي مد ۾ ڪيل ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ٿيم آهي،LifeLiberty and Pursuit of Future هاڻ اچو ته آمريڪا جو پويلين گهمڻ هلون.
آمريڪا جي پويلين جو ٻاهريون ڏيک(Front Look) چمڪندڙ ستارن جيان آهي ۽ هن کي ايئن ڊزائين ڪيو ويو آهي جو ڏسندڙ کي هي عمارت مسلسل حرڪت ڪندي محسوس ٿئي ٿي. هن پويلين ۾ گهمڻ جو انداز ايڪسپو جي باقي پويلينس کان مختلف طريقي ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي. هن پويلين ۾ ماڻهن کي گهمائڻ لاءِ هلندڙ تختو(Moving Walk Way) سيٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو بجلي تي آٽوميٽڪ مسلسل هلندو رهي ٿو. اهڙاMoving Walk Ways يا زمين تي بجلي تي هلندڙ ٽريڪ توھان کي اڪثر دنيا جي مختلف ايئرپورٽس تي به ملندا. اچو ته ھن اليٽرڪ بيلٽ يا ٽريڪ تي چڙهي پويلين جو سير ڪريون. هي موونگ واڪ وي گهمندو ڦرندو ور وڪڙ کائيندو جتان جتان هلي ٿو اتان اوهان جي ٻنهي پاسن کان مختلف گلاس شو ڪيس يا بورڊ رکيل آهن جن تي مختلف شيون رکيل آهن ۽ انهن سان گڏ ننڍا وڏا اسڪرين سيٽ ٿيل آهن ۽ اهڙي ريت توهان آڊيو وڊيو ڊاڪيومينٽرين جي ذريعي آمريڪا جي اندريئين جهان ۾ پهچي، ان متعلق ڄاڻڻ شروع ڪريو ٿا. اچو ته هاڻ توهان کي جتان جتان اهو اليڪٽرڪ پٽو گذري ٿو، ٻڌائيندو هلان ته اُتي ڇا ڇا موجود آهي.
هاڻ توهان هلندڙ پٽي(Moving Walk Way) تي چڙهي پويلين جي پهرين سيڪشن ۾ پهچي ويا آهيو، جنهن کي نالو ڏنو ويو آهي(Foundation of Freedom) هاڻي توهان جي اڳيان شوڪيس يا وڏي ڊيڪ تي سجايل آمريڪا جي آزادي جو پتلو(Statue of Liberty) آهي. ان پتلي ۾ هڪ عورت جي هٿ ۾ ڏياٽي آهي جنهن تي هلندڙ ميڊيا شو جي دوران سج جا ڪرڻا پوندي ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي آمريڪا جي آزاديءَ جي تصور کي علامتي انداز ۾ ظاهر ڪن ٿا. اسٽيچو آف لبرٽي تي تبديل ٿيندڙ روشني جا رنگ ان جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين ۽ دل کي ڏاڍا وڻن ٿا. هن ئي سيڪشن ۾ آمريڪا جي هيروز جا فريم به لڳل آهن ۽ وري هلندڙ ڊاڪيومينٽري فلمن ۾ آمريڪا جي ماضيءَ جي قصن کي به بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هنن ڪيئن آزادي ماڻي ۽ ان سفر کي ڪهڙي ريت جاري رکيو آهي.
هاڻي توهان زمين تي هلندڙ نان اسٽاپ پٽي تي هلندي پهچي ويا آهيو. آمريڪا جي پويلين جي ٻئي حصي ۾، جيڪو آمريڪا جي ڪيل ايجادن متعلق ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ هن سيڪشن جو نالو رکيو ويو آهيAmerican Innovation هن سيڪشن ۾ آمريڪا جي مکيه ايجادن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ انهن جي ايجادن جي ماڊلن کي هلندڙ پٽي جي ڀرسان ڊگهن شو ڪيسن ۾ سجايو ويو آهي. هن ۾ توهان کي اليگزينڊر گرهام بيل جي ايجاد ٿيل فون (1876) جو ماڊل به ڏسڻ لاءِ ملندو ته ايڊيسن جو ايجاد ٿيل بلب (1879) به نظر ايندو. هن ئي سيڪشن ۾ انٽرنيٽ بانينBot Kahn ۽ Vint Cerf بابت ڄاڻ به ملندي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي دنيا ۾ وڏي تبديلي آڻيندڙ اسٽيو جابس(Steve jobs) جو آءِ فون جو ماڊل به رکيل نظر ايندو. انهن ۽ ٻين سائنسي ايجادن جي ماڊلن کان علاوه هلندڙ ڊاڪيومينٽري فلمن ۾ توهان کي آمريڪي سائنسدانن جو حال احوال ۽ آمريڪا جي سائنسي دنيا ۾ ڪيل ڪم جي ڄاڻ پڻ ملندي. انهن ڊاڪيومينٽرين ۾ اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪميونيڪيشن جي جديد سهولتن، موبائل ۽ نيٽ جي ذريعي دنيا ڪيئن نه ڳنڍجي وئي آهي ۽ فاصلا ختم ٿي ويا آهن. هن هلندڙ ڏاڪڻ(Moving Walk Way) تي ھلندي مون کي ذهن تي تري اچن ٿيون ننڍي هوندي ٻڌل ڪهاڻيون جن ۾ پريون، زمين جي شهزادن کي اڏام، کٽولين ۾ آسمان جو سير ڪرائينديون هيون ۽ جن جي ڀرسان چنڊ ستارا ايئن گذرندا ويندا هئا جيئن هن اليڪٽرڪ پٽي جي اڳيان سائنس جون ڪرشماتي ايجادون، جيڪي به انسان کي حيرت جي جهان ۾ وٺي وڃن ٿيون. جڳمڳائيندڙ روشنين ۾ ننڍين وڏين اسڪرينن تي هلندڙ خوبصورت جادو جيان فلمون ڏسي لڳي ٿو واقعي هي پرين جي ديس جهڙو ئي ته حسين جهان آهي. ڏاڏي جي ٻڌايل آکاڻين ۾ پريون هونديون هيون ۽ ڪرشما نظر ايندا هئا، پر جڏهن انهن جي سحر مان نڪربو هو ته اهي پريون الائجي ڪيڏانهن گم ٿي وينديون هيون ۽ اهو سندر جهان الائي دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هو، جو اک کلڻ کانپوءِ نظر ئي نه ايندو هو، پر سائنس جا ڪرشما ڪوڙ ناهن ۽ نه ئي ڪي خواب، جن جي تعبير ناهي. سائنس جون ايجادون حقيقي وجود رکن ٿيون ۽ انهن خوابن ۾ ايندڙ پرين جي اڏام کان به مٿي پهچي سندر دنيا تخليق ڪري رهيون آهن ۽ انساني زندگي کي پرين جي ديس کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ سهل بڻائي رهيون آهن.
هن سيڪشن مان گذري هاڻ توهان پويلين جي ٽئين سيڪشن ۾ پهچي وڃو ٿا. هن سيڪشن ۾ آمريڪا جي معاشي سگهه جيڪا سڄي دنيا تي ڇانيل آهي ان جي ڄاڻ پوي ٿي. آمريڪا جون ڪاروباري ڪمپنيون جن جو پوري دنيا ۾ ڄار وڇايل آهي انهن جي ڪرتائن درتائن(Icons) ۽ ڪمپنين جي ڪارڪردگين بابت هتي توهان کي هلندڙ ڊاڪيومينٽري فلمن ۽ فوٽو فريمن ۽ ماڊلس جي ذريعي تفصيلي خبر پوي ٿي. هن سيڪشن جي معلومات مان آمريڪي ڪمپنين جي باقي ملڪن سان ڪامپيٽيشن، ڪاروباري صلاحيت، پراڊڪٽ ڪوالٽي بابت ڄاڻي ئي ماڻهو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته ڇو آمريڪا ڪاروباري جهان ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو آهي. هن سيڪشن جو سٽاءُ ۽ موضوع جي حوالي کان نالو رکيو ويو آهيInnovation Generation . هنن ٽن سيڪشنن کي گهمڻ سان پنهنجو هلندڙ ڏاڪڻ تي چڙهي پويلين گهمڻ ۽ جائزو وٺڻ جو سفر پورو ٿيو.
هاڻ اچو ته هلندڙ ڏاڪڻ تان لهي پويلين جي چوٿين سيڪشن ۾ هلون جنهن کي موضوع جي مناسبت سان نالو ڏنو ويو آهيThe Sky is no Longer the Limit
توهان ڳوٺن جي خوبصورت کلئي ماحول ۾ پٽ تي يا کٽ تي ويٺي يا ليٽي صبح جي وقت سج اڀرڻ ۽ شام جي وقت سج لهڻ جو قدرتي نظارو ته ڪيو ئي هوندو! پر اڄ پاڻ ڪريون ٿا اهڙو ئي نظارو رات جي چانڊوڪي جهڙي مدهم روشني ۾. اهو نظارو جيتوڻيڪ قدرتي ناهي، پر ان ۾ خوبصورتي جا رنگ ڀريا آهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي. جيِ ها ته هاڻ توهان موجود آهيو هڪ وڏي هال ۾ جتي سج جهڙو روشن گولو ظاهر ٿيڻو آهي. هال ۾ مدهم روشني سبب ماحول رومانٽڪ آهي. هال ۾ نرم گاديلا (ڪشن) پيا آهن، جن تي وڻي ته ويهي رهو يا وڻي ته ليٽي پئو. توهان جي پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائيندا ته مرد توڙي عورتون پنهنجي پنهنجي انداز سان ايئن اهليل (ويٺل يا ليٽيل) نظر اينديون جيئن اڪثر گهرن ۾ يا سمنڊ جي ڪنارن تي نظر اينديون آهن. هتي گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول ته آهي ڪونه ۽ نه ئي ڪا غيرتي برگيڊ جو پريشاني ٿئي ۽ ڪهاڙين مان نڪرڻ جو خوف رهي. هاڻي سڀني کي مٿي هال ۾ ڇت ۾ نهارڻ جو چيو وڃي ٿو. پريشان نه ٿيو آمريڪن اهڙا واندا ڪونه آهن جو پاڻ کي تارن ڳڻڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏين. ٿوري ئي دير ۾ ميوزڪ شروع ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ ڇت مان هڪ وڏو روشن گولو سج جيان نمودار ٿئي ٿو ۽ توهان جي مٿان ايئن بيهي رهي ٿو جيئن ٽاڪ منجهند جو روشن سج. توهان ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ وارو محاورو ته ٻڌو ئي هوندو، اها ته مڙئي هوائي ڳالهه لڳندي آهي، پر سائنس جي ڪمال سان آمريڪا رات جو سج جھڙو گولو ڏيکاري ڇڏيو. آواز ۽ موسيقي جي آميزش سان پنهنجي ئي محور تي گهمندڙ ان گولي تي ڊاڪيومينٽري فلمون هلڻ لڳن ٿيون، جنهن ۾ آمريڪا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ان ملٽي ميڊيا شو (آڊيو ويوئل شو) ۾ توهان کي آمريڪا جي خلائي مهم بابت ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي سگهه(Power) جي به ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. هن شو ۾ آمريڪا جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي مد ۾ حال جي ڪار گذاري سان گڏ مستقبل جي منصوبا بندي بابت به خبر پوي ٿي. اٺن منٽن جي هن ڊاڪيومينٽري فلم ۾ توهان سائنس جي حيرت انگيز جهان ۾ پهچي وڃو ٿا، بلڪل ايئن جيئن پاڻ ننڍي هوندي جادوگرن ۽ پرين جي ڪهاڻين ۾ گم ٿي ويندا هئاسين. اهي ننڍپڻ وارا ديو پرين جا قصا جن ۾ اسان تصوراتي دنيا ۾ کوئجي آسمان ۾ اڏامڻ لڳندا هئاسين ڪوڙا هوندا هئا، پر سائنس جا بيش بها ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪرشما نسورو سچ آهن ۽ اڄ اسين واقعي به آسمان ۾ اڏامي رهيا آهيون. ان جي باوجود به جيڪڏھن ڪو سائنس جي سچائي کي نه مڃي ته اهو جاهل ۽ توهم پرست ئي چئبو. اٺن منٽن جي ڊاڪيومينٽري کانپوءِ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو گولو ايئن گم ٿي وڃي ٿو جيئن محبوب پنهنجو مکڙو آنچل (پوتي) جي پويان لڪائي ڇڏيندو آهي. هونئن به پاڻ ادب، ثقافت ۽ تهذيب جي رسي زور سان جهلي (پڪڙي) ورتي آهي ۽ ان ۾ پنهنجا وڏا مشاهدا آهن ۽ اهڙن منظرن جي پاڻ ڀرپور عڪاسي ڪري سگهون ٿا، باقي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڏانهن سوچڻو ئي ناهي. سائنس ڄاڻي مغربي دنيا ڄاڻي.
ان کانپوءِ توهان جي داخلا آمريڪي پويلين جي پنجين سيڪشن ۾ ٿئي ٿي جنهن کي نالو ڏنو ويو آهيAmerica the Beautiful آمريڪا جيڪو دنيا جو ايراضي توڙي آبادي جي حساب سان ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي، ان ۾ ڪل 50 رياستون آهن. ظاهر آهي هر رياست جي تهذيب و تمدن، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ ٻين رياستن جي ماڻهن کان مختلف هجي ٿي. هن سيڪشن ۾ آمريڪا جي تاريخ ۽ تهذيب و تمدن کي ننڍين وڏين ڊاڪيومينٽري فلمن جي ذريعي اجاگر ڪيو ويو آهي. آمريڪا جيڪو هڪ وڏو ملڪ آهي ۽ بذات خود هڪ کنڊ آهي ان ۾ انيڪ قدرتي منظر موجود آهن جن ۾ جابلو ۽ زميني علائقن کانسواءِ نديون، ڍنڍون، برفاني پهاڙ، ٻيلا ۽ سمنڊ وغيره اچي وڃن ٿا جن کي فلمائي هن سيڪشن جي زينت بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ هن سيڪشن ۾ تاريخي جڳهين کانسواءِ آمريڪا جي سماجي زندگي بابت احوال کي به آڊيو وڊيو فلمن جي ذريعي پڌرو ڪيو ويو آهي.
انهن ڊاڪيومينٽري فلمن مان ڄاڻ ۽ مزو وٺي توهان داخل ٿيو ٿا آمريڪي پويلين جي ڇهين سيڪشن ۾ جنهن کي نالو ڏنو ويو آهيExplore the USA هي آمريڪا جي خلائي مهم بابت سيڪشن آهي ناسا آمريڪا جو خلائي مھم لاءِ جوڙيل ادارو آھي. هن سيڪشن ۾ خلائي راڪيٽ اپولو- 12 جي چنڊ تان آندل پٿر جھڙو نقل نمونو رکيو ويو آھي ۽ اُھا لوڪيشن به ڏيکاريل آھي جتي اپولو- 11 لٿو ھو. اھا سڄي سجاوٽ ھڪ وڏي ٽيبل (deck) تي ٿيل آھي. ھن ئي سيڪشن ۾ مريخ جو پٿر(Martian Meteorite) جيڪو ائنٽارٽيڪا مان 13-2012 ۾ لڌو ويو هو ۽ جيڪو 3.575 بلين سال اڳ جو آهي ۽ زمين کان به پراڻو آهي، ان جو ماڊل ٺاهي هتي رکيو ويو آهي.
هي سيڪشن آمريڪا جي خلائي(Space) مشن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. توهان کي اڳ ئي خبر هوندي ته سڀ کان پهريون انسان چنڊ تي موڪلڻ جو اعزاز به آمريڪا کي وڃي ٿو. هن ئي سيڪشن ۾ مستقبل جي عام انسان جي آسان خلائي سفر لاءِ هڪ ڪئپسول (ماڊل) به رکيل آهي اتي ويهي آرام سان پنهنجو فوٽو به ڪڍرايو.
هن سيڪشن کانپوءِ توهان آمريڪي پويلين جي ستين ۽ اٺين سيڪشن ۾ پهچي وڃو ٿا. انهن ٻنهي سيڪشنن کي گڏي نالو ڏنو ويو آهيLift off ڇهون سيڪشن جيڪو سڀ کان مٿي آهي ان مان جيئن توهان ٻاهر نڪري هيٺ سلوپ تي ورن وڪڙن واريون چاڙهيون لهڻ شروع ڪندا ته توهان کي چاڙهين جي گولاين جي وچ ۾ زمين کان مٿي کڙو ٿيل هڪ راڪيٽ نصب ٿيل نظر ايندو. جيئن جيئن توهان چاڙهيون هيٺ لهندا ايندا تيئن تيئن هن راڪيٽ جو ڍانچو توهان کي ڦهلجندو ۽ چٽو ٿيندي نظر ايندو. زمين کان مٿي هن راڪيٽ جي اوچائي 42 ميٽر آهي جيڪا تقريبن 14 ماڙ پلازه جي برابر ٿيندي ۽ هن راڪيٽ کي ايڪسپو 2020 دبئي جي ڊگهي عمارتي اڏاوت قرار ڏنو ويو آهي. هن راڪيٽ ماڊل جو نالو رکيو ويو آهيSpace X Falcon 9 هن ماڊل جو اصل راڪيٽ جيڪو خلائي سفر طئي ڪري آيو آهي ان تي اهو نالو فرضي ٺاهيل فلم اسٽار وارس اسپيس ڪرافٽ تان کنيو ويو آهي جنهن ۾ ملينيم فالڪن جو ذڪر آهي.Space X Falcon 9 خلائي جهاز جي نالي ۾ 9 جي انگ مان مراد آهي 9 انجڻون، جيڪي هن خلائي جهاز ۾ خلا جي سفر لاءِ لڳايون ويون هيون. هاڻ جڏهن توهان مڪمل چاڙهيون لهي هيٺ گرائونڊ تي پهچي ويا آهيو ته هي قداور راڪيٽ ڪنڌ مٿي ڪرڻ سان ئي مڪمل طور ڏسي سگهجي ٿو. هن جي پاسي ۾ آمريڪين کاڌن، فاسٽ فوڊ ۽ مشروبات جي هڪ وڏي ريسٽورينٽ ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ نيويارڪ بگلس ۽ بڊ ويزر بيئر کان وٺي سڀ آمريڪن ڊش ۽ مشروبات پئسن تي دستياب آهن. هن کلئي ماحول واري هوٽل ۾ ويهي کاڌن جو مزو وٺو ۽ وقفي وقفي سان راڪيٽ تي ٿيندڙ شو به ڏسو. هن شو ۾ توهان کي محسوس ٿيندو ته ڄڻ توهان به ان خلائي سفر جو حصو آهيو. بهرحال هن شو لاءِ ڪابه الڳ في ناهي ۽ نه ئي ريسٽورينٽ تي کيسو خالي ڪرڻ (کاڌو کائڻ) ضروري آهي.
هن سان گڏ پنهنجو آمريڪا جي پويلين جو سفر پورو ٿيو. ڪيئن آهي نه آمريڪا جو حيرت انگيز ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ذهانت سان ڀرپور پويلين. آئون مضمون جي شروع ۾ چئي آيو آهيان ڀلي آمريڪا کي ھڪ ھٽي بنيل سپر پاور يا سامراج چئو. ڀلي چئو ته ان جو قومن تي معاشي جبر آهي، ان جا جنگي عزائم آهن وغيره وغيره، پر اهو اسان کي مڃڻو پوندو ته آمريڪا ڪو ايئن سپر پاور ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ئي ايئن اُهو معاشي طور دنيا تي حاوي ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪو ايئن ان جي جنگي سگهه دنيا تي باري آهي. جي ايئن هجي ها ته ٻيا به ملڪ ان کي پهچي سگهن ها ۽ هن سان برابري ڪري سگهن ها. منهنجي خيال ۾ اها سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سگهه آهي جنهن آمريڪا کي معاشي توڙي جنگي طور سگهارو بڻايو آهي ۽ سپر پاور ٺاهيو آهي. بهرحال ان جا عزائم ڪيترا خطرناڪ آهن ۽ دنيا جي ماڻهن ۽ قومن ڏانهن ان جا ڪهڙا رويا آهن، ان تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي، پر هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي فقط ان جي ذريعي ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي ۽ پنهنجي حيثيت مڃائي سگهجي ٿي. باقي رڳو لٻاڙن ۽ درويشاڻن درسن جي ذريعي دنيا ۾ سوڀ ماڻي نٿي سگھجي ۽ نه ئي ترقي ڪري سگھجي ٿي.