اُڏام جو ۽ ٻيا خوف قسط-4
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-4
اُڏام جو ۽ ٻيا خوف
الطاف شيخ
ٻئي ڏينهن راحما کي هن جي جابلو ڳوٺ ڪارڪابي ڇڏڻ ۽ ٻي نوڪرياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ سڀ ڪار ۾ نڪتاسين. ڪارڪابي لبنان جو هڪ ننڍو ۽ پراڻو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لائيٽ ئي هاڻ آئي آهي ۽ لائيٽ جو ٿنڀو ئي سڄي ڳوٺ ۾ سڀ ڪجهه آهي، جنهن ڏي ڳوٺاڻا اشارو ڪري ڌارين کي ڏيکاريندا آهن. جڏهن اسان ڳوٺ جي وچ تي پهتاسين (جتي هڪ ڏٻرو ڏاند ڪڻڪ پيئڻ جي جنڊ کي ڇڪي رهيو هو) ته ذري گهٽ هڪ هڪ ڳوٺاڻو اسان جي وڏي ڪار کي هٿ لائي عجب مان ڏسڻ لڳو ۽ پيري ڄاڻي واڻي ڪار آهستي هلائڻ لڳو، جيئن ڀلي سڀ ڏسن ۽ پنهنجي اها لئي ڏسي ٺريو پئي. هن ٿي سگهي ٿو ته اهو به چاهيو هجي ته سندس ڳوٺائي اهو سوچين ته اسان چارئي هن جون زالون آهيون. (جيتوڻيڪ هرڪو اسان کان ڀلي ڀت واقف هو). ڳوٺ جا سڀ پيريءَ جا مائٽ هئا پوءِ ڪو ماسات ته ڪو سئوٽ. ڪو پڦاٽ ته ڪو ماروٽ. سڀ غريب اڻ پڙهيل ٿي ڏٺا. ڪيترا ته پيرين اگهاڙا هئا. هاڻ اهڙن اٻوجهن تي لئه رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
آخر سندس گهر اڳيان ڪار اچي بيٺي، جيڪو اڇي پوچيءَ سان وهنتل هو. ڊاک جون وليون ڇت تان پئي لڙڪيون. درين جي جاءِ تي رڳو ڪاٺ جا چونڪ لڳل هئا، جن تي ڪوبه شيشو نه هجڻ ڪري مکيون اندر ٻاهر بنا جهل پل جي آيون ويون پئي. (اڃان به ائين کڻي چئي ته اندر گهڻيون آيون ته ٻاهر ڪا ورلي وئي ٿي.) اسان جي اچڻ ڪري سڄو ڳوٺ افراتفري ۾ اچي ويو هو. پيريءَ جي ماءُ ۽ ماسيون رڌ پچاءُ کي لڳي ويون ۽ اسي سالن جو پوڙهو پيءُ انهيءَ وقت بندوق کڻي پکين کي مارڻ لاءِ نڪتو ۽ ذري گهٽ پاڻ کي ٿي ماري وڌائين. چاچو ڪٺل سهي کي صاف ڪرڻ لڳو. گهر کي چار ڪمرا هئا جن جي ڀتين تي حضرت عيسيٰ جون تصويرون، پاڪ منڌيئڙو ۽ ڪجهه گهنجيل اخبارن مان ڪتريل چٻيون سٻيون مورتون هيون.

جيسين ماني تيار ٿئي، تيسين پيري اسان کي پنهنجي زمين ڏيکارڻ وٺي هليو. رئنڊي ته پيٽ جو بهانو ڪري کٽ تي ڊگهي سمهي رهي. اسين پيريءَ پٺيان گهمڻ لاءِ نڪتيون سين. (۽ اسان جي پٺيان پٺيان پيريءَ جي ڀائيٽن، ڀاڻيجن، سئوٽن، مامن جي ٻارن جو پيرين اگهاڙو لشڪر جن رکي رکي اسان کي اشاري سان لائيٽ جو ٿنڀو ٿي ڏيکاريو). پيريءَ ان ڳالهه تان هنن کي عربيءَ ۾ ڇنڊ پئي ڪڍي. هن اسان کي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ ڏيکاري متاثر ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ آخر کيس نظر اچي وئي. سامهون ٻي ٽڪريءَ جي ماٿريءَ ۾ هڪ ريڍار ڇوڪرو صوفن جي وڻ هيٺ رڍن جي جيئري جاڳندي ڌڻ سان بيٺو هو، پيريءَ کي اهو ٿي کتو. يڪدم خليل جبران ۽ ايگرگيسٽ بڻجي لڳو شاعري ڪرڻ: “ريڍار! رڍون! صوفن جو وڻ، ڪيڏو نه وڻندڙ، ڪيڏو نه دلبر نظارو آهي! هومر، ورگل ۽ بائيبل جو هڪ ئي وقت ميلاپ!”
سو اسان اڳتي هلي ان پندرهن سالن جي نينگر وٽ آياسين، جو ان وقت جاپاني ٽرانسسٽر تي عربي اشتهارن بعد فرنئڪ سانترا ٻڌي رهيو هو. چوليءَ سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي ان کي آڇيو جيڪو هن ڏاڍي لئه ۽ انداز سان ورتو. پوءِ هن دلبر ريڍار پنهنجي دلبر کيسي مان هڪ دلبر گئس لائيٽر ڪڍيو پوءِ جنهن دلبر فلمي ادا سان هن پنهنجي چوليءَ جو ۽ پوءِ پنهنجو سگريٽ دکايو، ان مان هر ڏسڻ وارو اندازو لڳائي سگهيو ٿي ته هن پنهنجي سڄي ڄمار فلمون ڏسندي ئي گذاري آهي.
مانيءَ کانپوءِ پيريءَ جا سڀ مائٽ، ٻين لفظن ۾ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. انهن ۾ ڪيترائي ته ٽي وي ڏسڻ لاءِ آيا هئا جو سڄي ڳوٺ ۾ پيريءَ جي ماسيءَ کي ئي ٽي وي آهي. پر ان رات اسان کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا ۽ رکي رکي ڪنڌ ورائي اسان کي ٿي ڏٺائون. هڪ ٻن مائين ته اسان جي سونهري وارن کي هٿ به لاٿو. منهنجي دل ۾ ته اهو خوف پئي پيدا ٿيو ته ڪٿي هنن کي وارن مان اها خبر نه پئجي وڃي ته آئون يهودڻ آهيان، پر منهنجو اهو خيال اجايو هو. وڃڻ وقت جيڪي اسان کي تحفه ڏنائون انهن ۾ پاڪ منڌيئڙو ۽ بيبي مريم جي مورت پڻ هئي. هڪ هٿ جو اڻيل 46 نمبر جو سوئيٽر (جيڪو مون کي گوڏن تائين ٿي آيو) هڪ نيري رنگ جو پٿر (مشڪل کي دفع ڪرڻ جي لاءِ) پڻ هو چڱي دير مهمان ٽي وي اڳيان پاٿيري ماريو ويٺا هئا ۽ وڃڻ جو نالو ڪونه تي ورتائون. پوءِ پيريءَ جي چاچي ڏٺو ته اسان ٿڪجي پيا آهيون ۽ اوٻاسين جو ڦهڪو لاهي ڏنو اٿئون، ته هو دستور موجب آهستي آهستي ڪري مٿي وڃي ٽي وي جي انٽينا کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. ۽ هيٺ ٽي وي تي تصويرون ڦڏيون سڏيون ٿينديون ويون ۽ ٿورن ئي منٽن اندر سڀ مهمان موڪلائي هليا ويا.

سمهڻ لاءِ ڪو سٺو بندوبست نه هو رئنڊي، پيري ۽ سندس ٻارن کي پيريءَ جي پيءُ واري گهر ۾ رکيو ويو، پر ماسينهس جي گهر ۾ هڪ ٻٽي بستري تي چولي ۽ لالاح کي سمهڻو پيو ۽ مون کي ٿورو پري ٽڪريءَ تي ٻي ماسيءَ جي گهر اڪيلي سر ننڍي ڪوٺي ڏني وئي. مون چاهيو اهو ٿي ته چولي ۽ لالاح سان گڏ مون کي به رکيو وڃي، پر هنن جو هنڌ ٻن لاءِ مس پورو ٿي ٿيو. سو آئون اڪيلي پاڪ منڌيئڙي جي هيٺان پور پچائيندي رهيس. ننڊ نه اچڻ ڪري آئون جنن ڀوتن جون ڳالهيون سوچيندي رهيس، زهريلن نانگن ۽ وڇن بابت، جيڪي ڀت ذريعي ڇت تي پهچي منهنجي مٿان ڪري پوندا. اهو سوچي رهي هئس ته جڏهن رات جو بنا ٽارچ جي اڱڻ واري ڪاڪوس ۾ وينديس ته پڪ ڪا ڏائڻ منهنجو مڻڪو ڀڃي وجهندي، ۽ ٻيون بيشمار ڳالهيون، ڊڄڻي دل کي رڌل رکڻ لاءِ سوچيندي رهيس.
مون کي ايئن سوچيندي ڪلاڪ ڏيڍ ٿيو هوندو ته در چيچاٽ ڪري کليو.
“ڪير آهي؟” مون چيو ۽ ان سان گڏ منهنجي دل پڻ ٻڏي وئي.
“شش”… مون کي ڪڇڻ کان منع ڪندي ڪارو پاڇولو مون طرف وڌيو.
“خدا جي واسطي ڪير آهين”؟
“شش. آئون آهيان پيري.” پيريءَ چيو.
“ڇا ڳالهه آهي”؟ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته اهڙين مهلن تي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
“تون ايڏي ڏکويل ڇو لڳي رهي آهين؟ ڊڄ نه مان ته توکي ننڍي ڀيڻ ٿو سمجهان.” هو وڌي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. منهنجون وايون بتال ٿي ويون ته ڇا ڪريان. دانهون ڪريان؟ متان هو دل ۾ ڪري ته همدردي جو بدلو اهو مليو. هو ته مون کي ڀيڻ ٿو سمجهي ته پوءِ ماٺ ۾ رهان؟ پر نه. ٿي سگهي ٿو ته هن جي نيت خراب هجي.
“ڏس تون منهنجي ڀيڻ آهين نه؟” هو پنهنجو هٿ هاڻ منهنجي سٿر تي گهمائڻ لڳو.
“ڏس پيري اها غلط ڳالهه آهي. ڪو مذهب، ڪو انساني اخلاق، ڪوبه ملڪي قانوني ان جي اجازت نٿو ڏئي.”
“شش. آهستي ڳالهائي.” هن مون کي هنڌ تي ٿيلهو ڏيندي چيو.
“پيري.” مون وٺي رڙ ڪئي. پيري اڀ کڙيءَ وٺي ڀڳو.
آئون هڪ منٽ لاءِ ڄڻ گونگي ٿي ويٺي رهيس. منهنجو پڙاڏو ڪوٺيءَ ۾ گونجندو رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳيس ته ڇا ٿو ٿئي. ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ گائون پائي ٻاهر لالاح ۽ چوليءَ جي ڳولها ۾ نڪتيس. مون لبنان ان وقت ئي ڇڏڻ چاهيو ٿي. هڪ دفعو وچ اوڀر مان وڃڻ بعد وري هتي هرگز قدم نه رکنديس. پٿرن تان ٿڙندي ٿاٻڙندي اڳتي وڌيس. ٿنڀي ۾ لڙڪيل بلب جي روشنيءَ ۾ هيٺ سڄي ڪارڪابي شهر جي گهرن جون ڇتيون نظر پئي آيون. مون ڌڪار منجهان هتي جي پراڻي تهذيب ۽ تمدن بابت سوچيو. تهذيب؟! اها آهي هتي جي تهذيب! هتي جي وٿاڻن ۾ پڪ هن وقت به اڌ کان وڌيڪ ڇوڪرا رڍن سان ستا پيا هوندا يا پنهنجين ڀيڻن سان. ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ئي ناهي. ڪو پاپ ئي ناهي، پر مون کي ڇو ٿي چڙ وٺي. ان ڪري شايد جو مون کي اها ڳالهه نٿي وڻي. آخر مذهب، اخلاق، انسانيت به ڪا شيءِ آهي ۽ سڀ کان مٿي انساني ضمير. اڄ مان پنهنجي ڀيڻ جي مڙس سان سمهڻ کي گناهه نه سمجهنديس ته سڀاڻ پنهنجي ماءُ جي مڙس سان سمهڻ ۾ ڪهڙو عيب محسوس ڪنديس. ۽ توبهه نعوذ بالله اهو ڪير ٿيو، منهنجو پيءُ! بابو!.
آخر ٻيا به چار پنج گهر لتاڙي هنن جو گهر ڳولي ڪڍيم. چُولي ۽ لالاح اڃان جاڳي رهيون هيون. هو ڪو رسالو پڙهي رهيون هيون جنهن ۾ هو ايڏو گم هيون جو آئون اچي اڳيان بيٺي سان ته به هنن جو ڌيان مون ڏي نه ٿيو.
”چڱو هاڻ ان کي بند ڪري هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌنديون؟”
مون دانهن ڪئي.
“آهي ڇا ڇوري؟” لالاح رسالي کي لوڏي خارن مان پڇيو.
“مان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آڌيءَ رات جو آئي آهيان.” مون چيومان.
“ٻڌائي؟ آخر ڪهڙي ڳالهه تنهنجو سک ڦٽايو آهي.” هنن پڇيو ۽ مون ڏٺو ته هو هڪٻئي ڏي نهاري پوءِ شڪي نگاهن سان مون کي ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳيون.
“چئبو ته توهان کي اڳواٽ خبر آهي. سچ ٻڌايو خبر اٿوَ نه؟” مون پڇيومان.
“تون اهو ٻڌائڻ آئي هوندينءَ ته پيريءَ تنهنجي عزت تي حملو ڪيو.” لالاح چيو. سندن ٺٺڪو اڃان بند ڪونه پئي ٿيو.
“رنون توهان کي ڪيئن خبر پئي؟” مون وائڙن وانگر پڇيومان.
“ڇاڪاڻ جو هن مون سان به هڪ دفعو هٿ چراند ٿي ڪئي.” لالاح چيو.
“۽ مون سان به.” چُولي چيو.
“پوءِ توهان ڇا ڪيو؟” مون پڇيومان.
“ڇا ڪرڻ کپي، مون ته کيس گاريون ڏيئي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو هو ۽ چولي به چوي ٿي ته هن به کيس ڀڄائي ڪڍيو هو، پر مون کي مڙيئي چُوليءَ تي شڪ آهي.” لالاح چيو.
“ڪميڻي. ذليل.” چُولي کيس وهاڻو هڻندي دانهن ڪئي.
“چڱو چڱو، هاڻ گهڻو ئي ٿيو. مون کي توهان ٻنهي تي يقين آهي.” مون ڳالهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي.
“۽ توکي هاڻي ڪتابن ۾ لکڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻويي جي آکاڻي ملي وئي” لالاح کي منهنجي لکڻ واري ڳالهه ان وقت به نه پئي وڻي، پر مون سڙي کامي ورندي ڏني مانس: “ها پوري ڪوشش ڪنديس لکڻ جي”
ٻئي ڏينهن ڪارڪابي کان واپس بيروت اچڻ وقت پيري بلڪل ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ رات ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. هو رستي تان گذرندڙ ڳوٺن ۽ شين جا نالا ٻڌائيندو هليو ۽ آئون سوچيندي رهيس ته آئون مغرب جي ٿي ڪري به پاپ ۽ پن جي ڦيرن ۾ نپوڙجي رهي آهيان ڪي هن جهڙا ماڻهو به آهن جن کي ذرو به گناهه جو احساس ناهي!
بيروت پهچڻ لاءِ اسان کي هونئن به واپس موٽڻو هو. لالاح ۽ چوليءَ کي نيويارڪ لاءِ چارٽر فلائيٽ جي ٽڪيٽ هئي، سو اهي ٻئي گڏ روانيون ٿيون. مون وٽ اٽيلين ايئر لائين “ال اٽاليا” جي ٽڪيٽ بيروت کان روم ۽ روم کان جي. ايف. ڪي ايئرپورٽ نيويارڪ تائين هئي، سو هفتي کن لاءِ روم ۾ ٽڪڻ لاءِ اٽليءَ هلي ويس.
(ايريڪا جونگ جي ناول جا ٽڪرا… ترجمو: الطاف شيخ)

