بلاگخاص

اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي شڪمبن لذي تي آباد ايلباسن قسط-3

قسط-3

اچو ته البانيا گهمون

ڀوَن سنڌي

شڪمبن لذي تي آباد ايلباسن

صبح جو سوير اٿي وهنجي سهنجي تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر هيٺ هوٽل جي ريسٽورينٽ ۾ آياسين. ناشتو هوٽل رينٽ جي پئڪيج ۾ شامل هو. ناشتي جي بَفي (buffet) ۾ انڊا بوائل، هاف فراءِ، آمليٽ، هاٽ ڊاڪس چارول، چيز سلائيز، ماکي، جوس، مکڻ، چانهه ۽ ڪافي وغيره هئا. ناشتو ڪري چانهه پيتي، پر پاڻ کي هنن واري چانهه سمجهه ۾ ڪونه آئي سو پنهنجا چانهه جا ساشي استعمال ڪيا. هوٽل جي ٻاهران ٽيڪسي ڊرائيور ليڊي مئسيج ڪري پنهنجي پهچڻ جو اطلاع ڏنو. يار ليڊي جو ٻڌي پريشان نه ٿيو اها ليڊي ناهي جنهن کي ڏسڻ سان پاڻ پارن جي گگ ڳڙي پوندي آهي ۽ هرو ڀرو پاڻ کي سمارٽ ننڍو ڏيکارڻ لاءِ پنهنجن وارن تي هٿ ڦيري پوز هڻبو آهي. هي پنهنجي ئي جنسن سان لاڳاپيل بندو آهي نالو اٿس ليڊي. هوٽل تان ناشتو ڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ البانيا جي جهان کي پسڻ لاءِ نڪري پياسين روڊن تي. ان کان اڳ جو آئون پنهنجي سفر جو مشاهدو جيئن مون پسيو آهي توهان سان ونڊ ڪريان، اچو ته پهرين ٿورو گهڻو البانيا بابت به ڄاڻي وٺون.

ڏکڻ اوڀر يورپ جي بالڪن پهاڙي سلسلي ۾ واقع هي ملڪ ري پبلڪ آف البانيا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ائڊرياٽڪ ۽ آيونين سمنڊ (Adriatice and Ionian Sea) جي حدن ۾ موجود آهي. هن جي ڏکڻ اولهه ۾ مونٽيگرو، اتر اوڀر ۾ ڪوسووو، اوڀر ۾ مقدونيا ۽ ڏکڻ ۾ يونان آهي. هي نيري سمنڊ (Blue Sea) جي ذريعي اٽلي سان ڳنڍيل آهي. البانيا جي پکيڙ 28748 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۽ آبادي 30 لک کان مٿي آهي. عقيدي جي حساب سان گهڻائي مسلمانن (59 سيڪڙو) جي ۽ ان کانپوءِ ترتيبوار ڪيٿولڪ آرٿو ڊاڪس، پروٽيسٽنٽ ۽ لادين اچي وڃن ٿا. هتي گهڻائيءَ ۾ الباني ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي. ان کانسواءِ يوناني، آرميني ۽ مقدونين ٻولي به ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. البانيا جا ماڻهو پاڻ کي روايتي طور تي شڪپٽير (Shqiptar) جو تسلسل سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن جنهن جي الباني ٻولي ۾ لفظي معنيٰ آهي عقاب (باز) جو اولاد جيڪي شروع شروع ۾ وچ يورپ ۾ رهندا هئا ۽ ڪنجهي جي دور ۾ (Bronze age 2000 BC) ۾ لڏي البانيا جي ڏاکڻي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. البانيا جا ماڻهو سال ۾ ٻه قومي ڏينهن ملهائيندا آهن. (1) آزاديءَ جو ڏينهن (Indpence Day) 28 نومبر 1912ع جڏهن هنن خلافت عثمانيه (Ottoman Empire) 29 نومبر 1944ع جڏهن نازي جرمني جي فوجن البانيا جو قبضو خالي ڪيو. انهن ٻنهي ڏينهن (28 ۽ 29 نومبر) جي وچ واري رات کي هو وائيٽ نائٽ (White Night) ڪوٺين. ان ساري رات ماڻهو رستن تي هجن ٿا. کوڙ سارا موسيقي، رقص ۽ ٻيا تفريحي پروگرام ٿين ٿا، جن ۾ ماڻهو شامل ٿي هلا گلا (موج مستيون) ڪن ٿا. البانيا ۾ پارليامينٽري نظام آهي. ملڪ جو وزيراعظم چئن ۽ صدر پنجن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي. البانيا جيتوڻيڪ يورپ جي ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر ان جي باوجود به يورپي يونين ۾ شامل ناهي. يورپي يونين ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪافي شرط آهن جن ۾ ملڪ جو سروس اسٽرڪچر ٺيڪ ڪرڻ، ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ، ڪرپشن ۽ ڪرائم کي ختم ڪرڻ ۽ حڪومتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ وغيره شامل آهن. البانيا ۾ اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ ساڳيا ئي پاڻ واري ملڪ وارا حال هئا. رشوت، ڪرائم، ڊرگ مافيا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، پر هاڻي البانيا انهن بڇڙائين تي ذري گهٽ ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽ بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي. ان ۾ ڪُلي ڪردار موجوده وقت جي صدر ليالر (Lialler) جو آهي. ملڪ ۾ ترقي، صفائي، سٿرائي ۽ امن امان جو بهتر ماحول ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته ان کي جلد ئي يورپي يونين ۾ شامل ڪيو ويندو. دنيا تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته ڪيئن نه پوئتي پيل پاڻ ۾ تبديلي آڻي سٺا حڪمران چونڊي سڌري ويا ۽ اهي هاڻي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳا آهن. ڀلا پاڻ وارو ملڪ ڪڏهن بهتر قيادت چونڊيندو ۽ ڪڏهن سڌرندو؟ سڌرڻ ته پري جي ڳالهه، پر ان حالت ۾ رهي ته به لک کٽيوسين.

البانيا اتر يونان ۽ اٽلي جي بلو واٽر (Blue Sea) جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري ٽوئرزم جو حب آهي. البانيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ يورپ جو اڻ تراشيل (اڻ گهڙيل) هيرو (Eurfaes Unpowihl Diamany) سڏيندا آهن. جڏهن کان البانيا ٻين ملڪن لاءِ ويزا ۽ سفري سهولتون آسان بڻايون آهن، تڏهن کان البانيا ڏانهن سياحن جي اچڻ جو انگ جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي. اچو ته پاڻ به ان يورپ جي اڻ تراشيل هيري (البانيا) جي اندر ۾ جهاتي پائي ان جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ گم ٿي وڃون.

ٻاهر هلڪي ڦلڪي بوندا باري ٿي رهي آهي. موسم جهڙالي آهي، آسمان تي گهنگهور گهٽائون ڇانيل آهن. ٻاهرين موسم جي ٿڌڪار گاڏيءَ جي باڊي کي ڇهڻ سان به محسوس ٿئي ٿي. ترانا شهر جابلو علائقي ۾ واقع آهي ۽ صاف سٿرو شهر آهي. جيتوڻيڪ رستا بارش سان پسيل آهن، پر ڪٿي به گپ چڪ يا پاڻيءَ جا دٻا نظر ڪونه ٿا اچن جيئن پاڻ واري ملڪ جي شهرن ۾ نظر ايندا آهن. شهر ته وري ٺيڪ آهي، پر پاڻ وارن ڳوٺن ۾ ته حالت هوندي آهي پائنچا کنجي به هلي نه سگهبو آهي. ترانا ۾ پراڻي توڙي جديد آرڪيٽيڪٽ جو امتزاج گڏ پسي سگهجي ٿو. روڊ رستا ڪافي بهتر ٺهيل آهن، پر شهر ۾ ايترا ٽريڪ ٺهيل ڪونهن جيئن دبئي ۾ نظر اچن ٿا. ٽريفڪ ۾ ڪٿي ڪٿي بدنظمي به نظر اچي ٿي، ون وي ٽوڙڻ يا غلط ڪراس وٺڻ ۽ ابتا سبتا ڪٽ هڻڻ جهڙو ڪم پاڻ وٽ ته گهڻو آهي، پر هتي به نظر اچي ٿو، پر هتي اهو ڪم پوليس جي نظر کان بچائي ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڻ وٽ ديده دليري سان. هاڻ پنهنجي رستي ۾ ترانا جو وڏو پبلڪ پارڪ اچي ويو آهي جنهن ۾ ساوڪ ۽ وڻ ڪار سان گڏ واڪنگ ٽريڪ، ننڍڙي خوبصورت ڍنڍ ۽ ٻيون وندر جون شيون موجود آهن. رستي جي ٻنهي پاسي مختلف ننڍيون وڏيون عمارتون نظر اچن ٿيون ته پريان وري جبل ساوڪ سان سٿيل نظر اچن ٿا. هاڻي پاڻ ڏهه ٻارنهن ڪلو ميٽر طئي ڪري شهر کان ٻاهر نڪري آيا آهيون ۽ هاڻي جبلن جي ديدار بازي ۾ ڪابه عمارت جي رڪاوٽ ڪونهي. اڃان هلڪي هلڪي بوندا باندي جو سفر ۾ ساٿ جاري آهي. رستي ۾ ڪٿي ڪٿي ساوڪ سان گڏ کيت به نظر اچن ٿا. پاڻ واري ڊرائيور ليڊي رستي ۾ پنهنجي سنڌ جي ڪاڇي جي علائقي جهڙي منهه (ڇنو) کي ڏسي گاڏي بيهاري آهي. مون سمجهيو ته متان همراهه کي بنيادي حاجت جو مسئلو هجي سو پاڻ به گاڏيءَ مان لهي منهه جي هيٺان بيهي موسم جو مزو وٺڻ لڳاسين. هلڪي هلڪي بوندا باندي ۾ پنهنجو ڪارونجهر به ايئن ئي هوندو آهي. مورن جا ٽهوڪا، محبوبن جون چلولايون… پر هتي ٿڌ ڪجهه زياده ئي محسوس ٿي رهي هئي. آهي ته سگريٽ بُري بلا پر سرديءَ ۾ ڄڻ سڄڻن جهڙي سار لهي ٿو. سو سگريٽ دکائي وڏا ڪش هڻڻ لڳس تيستائين ڏسان ته ليڊي شاپر ۾ نارنگيون کڻيو پيو اچي. هن جتي گاڏي بيهاري ان جي ڀرسان ئي همراهه نارنگيون پئي وڪيون جيئن پاڻ وٽ وسڪاري جي موسم ۾ روڊن تي کنڀيون وڪڻڻ وارا بيٺا هوندا آهن. هاڻي پريان ٻنين ۾ نارنگين جي ٻوٽن (ننڍا وڻ ولين مثل) تي به نظر پئي. هي نارنگين کي اوگاڊي (oGDAY) چون ۽ ان ۾ j جو اچار ڪڍن ڪونه. هتي جون نارنگيون سائز ۾ ٽيبل ٽينس جي بال کان ٿورڙيون وڏيون ٿين، پر کل صفا نرم ۽ پاڻ وارين نارنگين کان کائڻ ۾ به گهڻيون مٺيون. پاڻ وارين نارنگين ۾ ٻج ٿئي ۽ هتي وارين نارنگين ۾ ٻج صفا ڪونه ٿئي. بنا ٻج وارين نارنگين تي مون کي بي پتا ماڻهو ذهن تي آيا جيڪي بي حيا ۽ ڍيٽ قسم جا ماڻهو هجن ٿا. انهن کان ته هي بنا ٻج واريون نارنگيون ڀليون جيڪي ٻج نه هئڻ باوجود مٺيون ۽ سوادي آهن. نارنگين مان مزو وٺي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ پنهنجو سفر وري اڻ ڄاڻ رستن تي شروع ٿي ويو. رستي ۾ مينهن رکي رکي ايئن وسيو ۽ بند ٿيو پئي جيئن هوا ۾ ڪنهن سندري جي مُک تان پوتي سرڪندي هجي ۽ هن جو جلوو ظاهر ٿي پوندو هجي ۽ هوءَ وري پوتيءَ سان پنهنجو مکڙو ڍڪيندي هجي. ٻنهي پاسن کان جبل تيزيءَ سان اسان جي ويجهو اچن ٿا ۽ گذري پويان هليو وڃن ٿا. انساني زندگيءَ جو شروعاتي ٺڪاڻو (پناهه گاهه) هي جبل ئي ته هئا جتي هو پاڻ کي وڌ ۾ وڌ محفوظ سمجهندو هو. ميداني علائقن ۾ انسان ته تڏهن آيو جڏهن هن پنهنجي بچاءُ لاءِ هٿيار گهڙي ورتا. ان حساب سان اسين ميداني علائقن جا ماڻهو اهو چئي سگهون ٿا ته اسان جا ابا ڏاڏا هنن نه ته اهڙن ئي جابلو علائقن جا واسي هئا. هي ڊبل روڊ آهي ۽ پنهنجي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر هاءِ وي (M-9) کان سئو دفعا بهتر آهي. اسان جي ٻنهي پاسن کان جلبن جي اوچائين تي يا هيٺ وادين ۾ ڪيڏي ڪيڏي مهل ننڍا ننڍا ڳوٺ به نظر اچن ٿا. هتي جي پهاڙي علائقن ۾ به پنهنجي ننگر جي شهر جي گهرن جي طرز تي گهر ٺهيل آهن جن جي ڇت لاهي تي هجي ٿي. جيئن ته هنن علائقن ۾ بارش اڪثر ٿيندي رهي ٿي، انهيءَ ڊزائين جي ڇت سبب اتي پاڻي نٿو بيهي ۽ نه ئي ڇت ٽمڻ جو مسئلو رهي ٿو. ڇتين ۾ به ته پنهنجي ننگر شهر جي ڇتين تي لڳل نرين (کپريل) جي ڊزائين سان ملندڙ جلندڙ رنگين سرون لڳل هجن ٿيون جيڪي وزن ۾ به هلڪيون هجن ٿيون. هاڻ اسان جي رستي ۾ هڪ وڏو جبل نظر اچي رهيو آهي ويجهو آياسين ته هڪ غار نظر آئي. هيءَ هٿرادو غار دراصل جبل جي اندران انساني محنت سان ڪڍيل رستو آهي. هاڻي اسان جي گاڏي ان غار جي اندر هلي رهي آهي جيڪا تقريبن ٻه ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. هاڻي غار مان نڪري آيا آهيون. رستن جي ٻنهي پاسي صنوبر، سرنهن ۽ ٻيا انيڪ قسم جا ساوا پيلا ننڍا وڏا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه اڳيل آهن، جن هن منظر کي اڃان به سحر انگيز بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته فطرت ۾ هي جبل، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا سڀ پنهنجي حدن ۾ رهي ڪيڏو نه خوبصورت ۽ پر سڪون ماحول برقرار رکن ٿا ۽ وري اسين پنهنجن ويڙهن ۾ ابتري پيدا ڪري نه صرف پنهنجو، پر ٻين جو به جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيون ٿا.

هاڻي اسان سان گڏ وادين ۾ شڪمبن (Shkumbin) ندي گڏ هلي رهي آهي. جيئن جيئن اسان جي گاڏي جبلن جي لاهين چاڙهين ۾ وراڪا کائي ٿي تيئن هيءَ ندي به مڙندي گڏ هلندي رهي ٿي. هن جو پاڻي بلڪل اهڙو ميرانجهڙو آهي جهڙو پنهنجي سنڌو درياهه جو. هن نديءَ جو ڪٿي پيٽ سوڙهو ته ڪٿي ويڪرو آهي. ڪٿي ڪلاسيڪل راڳيءَ جي راڳ جيان ڌيمي ڌيمي هلي ٿي ته وري ڪٿي راڪ اينڊ رول جي ڌمال جيان گجگوڙ ڪندي وهي ٿي. هيءَ ندي جتي ڪيترين سندرين پنهنجن سامايل سپنن کي سنان ڪرايو هوندو. هيءَ ندي جنهن جي ڪنارن تي مختلف وقتن تي شاعرن فطرت جي گونا گون سندرتا سان ڀرپور رچنائن کي سرجي نديءَ جي لهرن جي جهولن تي جهولايو هوندو. هيءَ ندي جنهن جي لڙاٽيل پاڻي کي جنگجو گهوڙي سوارن، سپهه سالارن، انساني آدرشن، تهذيبن ۽ قدرن کي چيڀاٽي رت سان ڳاڙهو ڪيو هوندو ۽ هيءَ ندي جتي اڻانگا پنڌ ڪري آزاديءَ جي متوالن پنهنجي اڃ اجهائي هوندي… ندين، وڻن، ٽڻن، پهاڙن ۽ فطرت جي انيڪ نظارن سان ڪچهري ڪندي تقريبن چاليهه ڪلو ميٽر جو سفر طئي ڪري پاڻ پڄي ويا آهيون ايلباسن (Elbasin) شهر ۾.

اوٽو مين بادشاهت (سلطنت خلافت عثمانيه ترڪي) جي بادشاهه مهمت II، 1446ع جي دور ۾ هتي البانيا جي هيرو سڪندر بيگ جي حملن کان بچاءُ لاءِ قلعو ٺهرايو. ترڪي ٻوليءَ ۾ قلعي کي Ilbasan ۽ اهو ئي نالو ٿوري بگاڙ Elbasan سان هن شهر تي پئجي ويو. آباديءَ جي حساب سان البانيا جو هي چوٿون وڏو شهر آهي. هي شهر شڪمبن نديءَ جي اتر ۾ سڪندر بيگ پهاڙن ۽ مائيزڪ (Myzeqaue) ميدانن جي وچ ۾ واقع آهي. هن شهر جي ڪل ايراضي 872.03 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي، هي 200 سال قبل مسيح پراڻو شهر آهي. هتي مختلف وقتن تي رومن، بازنتينين، جسٽينين، بلغارين ۽ اوٽومين بادشاهت جون حڪومتون رهيون آهن. ان کانپوءِ هتي سرب، بلغارين، آسٽرين ۽ اطالوين جا قبضا به رهيا جن جي دور جو هتي جي ماڻهن جي ثقافتي ۽ نسلي آميزش ۾ گهرو اثر نظر اچي ٿو. هن شهر ۾ ڪلجائي ايلبائسنت (Kalaga E Elbasaint) جا پراڻا تاريخي کنڊر، سينٽ نڪولس چرچ، ڪنگ ماسڪ، ساهتي ڪلاڪ ٽاور (Sahati Clock Tower)، سينٽ ميري چرچ، نيشنل پارڪ ۽ ايٿنو گرافڪ واري لشڪول نازميل ميوزيم ڏسڻ وٽان آهن. هن شهر جون پراڻيون ۽ نيون عمارتون ۽ يادگار جيڪي هڪ ئي وقت قديم ۽ جديد تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿيون، انهن جو آرڪيٽيڪٽ ۽ تاريخ ٽوئرسٽ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو. سرڪار طرفان انهيءَ سنڀاليل تاريخي ورثي ۽ اتي مهيا ڪيل سهولتن ۽ صاف سٿري ماحول ۾ ٽوئرسٽ هنن تاريخي توڙي تفريحي ماڳن تي خوب مزو وٺن ٿا. ڪجهه وقت ۾ اهي ماڳ گهمي ڦري، کائي پي، تازو توانو ٿي وري پورگاڊيڪ ڏي پنڌ کي جاري رکيو اٿئون. …(هلندڙ)….