اڇو پاڻي لڙ ٿيو ماحولياتي ادب جو ناياب ڪتاب ذوالفقار راڄپر
(سنڌو درياهه، ڊيلٽا، موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا)
ڪو وقت هو جڏهن اسانوٽ ماحولياتي ادب ۽ صحافت ۾ صرف اردو ۽ انگريزي صحافين، ڪتابن، ماهرن جو تصور موجود هوندو هو، پر وقت جي تيز رفتار سان سنڌي ماحولياتي ماهرن جي وقت سر ٿيل جنم سنڌي ادب ۽ صحافت کي دنيا اندر وڌندڙ عالمي تپش، بگڙجندڙ قدرتي ماحول جي اثرن، علم ۽ سنڌ اندر سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي تيزي سان ماحوليات جي تباهي ۽ گدلاڻ متعلق سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ماحولياتي ماهرن جا گروپ پيدا ٿي پيا، جن ڊيمن جي تباهين، سنڌو درياءَ جي زندگيءَ ۽ موت جهڙن حساس مسئلن کان وٺي انڊس ڊيلٽا ۽ منڇر جي بيمار حالتن وغيره تي عالمي ماحولياتي معاهدن ۽ قانونن تحت سنڌ جو ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيس پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي عوام ۽ سنڌي صحافت کي انهن اهم مسئلن تي سجاڳي ۽ آگاهي ڏني. سنڌ جا ماحولياتي ماهر جڏهن ملڪي ۽ عالمي ليول جي ماحولياتي تحفظ جي ادارن ۾ پنهنجي قابليت تحت نوڪريون وٺڻ ۾ ڪامياب ويا ته انهن سنڌي صحافت جا اتي بند ٿيل دروازا کوليا ۽ سنڌي ۽ انگريزي ۾ ماحوليات متعلق زبردست ڪتاب ۽ مضمون لکي سنڌي ادب ۾ ۾ ماحولياتي ادب ۾ وڏو واڌارو ڪيو. اهڙن سنڌي ماحولياتي ماهرن ۽ ليکڪن ۾ سرواڻي ڪندڙ هڪ وڏو ۽ مشهور نالو ناصر پنهور جو به آهي. جنهن آءِ يو سي اين کان وٺي ڊبليو ڊبليو ايف تائين ٻين ماحولياتي ادارن ۾ نه فقط پنهنجي صلاحيتن آهر پنهنجي وڏي سڃاڻپ پيدا ڪئي، پر ان سان گڏ سنڌي ادب ۾ ماحولياتي ادب جي پڻ وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ماحولياتي ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ لاتعداد ماحولياتي مضمون ۽ ڪتاب انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکيا آهن. سندس هي “اڇو پاڻي لڙ ٿيو” ڪتاب سنڌي ماحولياتي ادب جو هڪ مکيه ۽ ناياب ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو عنوان به نج سنڌي ۽ لطيف سرڪار جي بيت جي سٽ وارو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ان دور ۾ به ماحولياتي گدلاڻ جو شعور موجود هو، ڪتاب ۾ موجود اهم مضمون وقت به وقت سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل 79 مضمون آهن جن ۾ ناصر پنهور جا 11 مضمون سنڌي عوام ۽ تهذيب جي شهه رڳ سنڌو درياءَ، انڊس ڊيلٽا ۽ سنڌو جي حياتي جي خاتمي واري سازش ڊئم سازش تي لکيل آهن. جڏهن ته 17 مضمون اهم ماحولياتي مسئلي موسمي تبديلي ۽ فطري وسيلن تي آهن، ان کانسواءِ انساني ۽ ٻي جيوت جي جياپي پاڻيءَ جي متعلق 9 مضمون ڪتاب ۾ موجود آهن. اهڙي نموني سنڌ جي ڍنڍن، جهنگلي جيوت ۽ سنڌ کي صاف هوا مهيا ڪندڙ سنڌ جي ٻيلن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي اٽڪل 10 مقالا ۽ مضمون هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب ۾ سائنسي مواد ڏئي ان کي زنده رکندڙ شخصيت ۽ نامور سائنسي ليکڪ محترم ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو جو ڪتاب تي لکيل زبردست تبصرو “سنڌ ۾ آرهڙ گذارڻ هاڻي مذاق ناهي!” ان سان گڏ ليکڪا ۽ اڳوڻي اعليٰ آفيسر، ايم پي اي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو لکيل مهاڳ پڻ اهم آهي. ڪتاب جي ليکڪ ناصر پنهور ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکيل مختصر ڳالهه ۾ اها اهم ڳالهه لکي آهي ته “اڄ جيڪو ماحولياتي بحران آهي ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر خود انسان آهي… فطري ماحولياتي نظام ۾ جاندار ۽ غير جاندار هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن… سنڌ ۾ صاف پاڻي ناياب ٿي ويو آهي.” اسان سنڌي صحافين کي ناصر پنهور نه فقط ماحولياتي ادارن ۾ رهندي انهن کان متعارف ڪرايو پر ٿر، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ ٻين متاثر ماحولياتي هنڌن کان روبرو وڃي واقف ڪرايو، پر هن اسان کي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اهڙن موضوعن تي قيمتي معلومات مهيا ڪئي آهي جنهن جي مون سميت اول ڪيترن ئي صحافين، ليکڪن ۽ عام پڙهيل لکيل شهرين کي خبر نه هئي. ناصر پنهور جي هن ڪتاب ۾ “سنڌ طاس معاهدو ڪنهن جي فائدي ۾ آهي.!، معاشي ترقيءَ جي نالي ۾ فطري وسيلن جي تباهي!، ڌرتي ماءُ جو ڌرتي واسين کي خط، سنڌ ۾ اڻ لڀ ٿي ويل پيئڻ جو صاف پاڻي!، ڪينجهر ڍنڍ ۾ زهريلي صنعتي مواد جو ڇوڙ، منڇر جو عروج ۽ زوال، رامسر ماڳ انڊس ڊيلٽا تي اڏجندڙ ذوالفقار آباد، زلزلي ۾ سياحتي ماڳن جي تباهي، سونامي سانحو.، فطرت ۽ انساني عمل، حيدرآباد جي فطري سونهن اجاڙ جو شڪار!، ماحوليات جو بچاءُ ۽ ميڊيا جو موثر ڪردار ۽ ڊبليو ٽي او نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني مضمون انتهائي اهم آهن. سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سنڌ جي قدرتي ماحولياتي سونهن جي واپسي، سنڌو درياءَ کي قتل ٿيڻ کان بچائيندڙ سنڌي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت هر پڙهيل لکيل شهري کي ناصر پنهور جو هي ڪتاب “اڇو پاڻي لڙ ٿيو” (سنڌو درياهه، ڊيلٽا، موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا) ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجن دوستن کي هي ڪتاب تحفي ۾ به ڏيڻ گهرجي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي نامور اديبن کي سنڌي ماحولياتي ادب کي به اها حيثيت ڏيڻ گهرجي جيڪا ناول، شاعري ۽ ٻي نثري ادب کي ڏني وڃي ٿي. هن ڪتاب ۾ ناصر پنهور هڪ ٻيو زبردست ڪارنامو اهو ڪيو آهي ته هن پنهنجي هن اهم ڪتاب جي ارپنا پنهنجي امڙ فضا ۽ بابا سائين الهڏنو پنهور جي نالي ڪري هڪ وڏو فرض پورو ڪيو آهي.