ايف اي ٽي ايف اجلاس، دهشتگرديءَ جي نالي سهائتا خلاف پاڪستان جي کنيل قدمن تي غور
پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي مالي سهائتا جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي کنيل قدمن تي غور ڪيو ويندو. 18 آڪٽوبر تائين جاري رهڻ واري اجلاس ۾ سڄي دنيا مان 200 کان وڌيڪ ملڪن ۽ ميمبر تنظيمن جا نمائندا شريڪ ٿيا آهن، اجلاس جي ايجنڊي ۾ مني لانڊرنگ جي روڪڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت ٻيا نقطه شامل ڪيا ويا آهن. هن اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ٿيو ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو. جڏهن ته ٻي صورت ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو. خبرن موجب پاڪستان نئين نيشنل رسڪ اسيسمينٽ اسٽڊي مڪمل ڪري 150 صفحن جي رپورٽ موڪلي ڇڏي هئي، جنهن ۾ دهشتگردي جي مالي سهائتا جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي خطرن جي حوالي سان 12 کان وڌيڪ صفحا شامل ڪيا ويا آهن.

