اڪيلائيءَ ۾ گهيرجي ويل وجود

اڌ رات گذري چڪي هئي. هُو ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو، کيس ننڊ مان جاڳ فطري نه ٿي هئي محسوس ائين ٿيو هو ڄڻ ڪنهن اچي کيس جاڳايو هجي.

هڪ عرصي کان هُو هميشه ڪچِي ننڊ مان ئي جاڳي پوندو هو، اڌ موت جهڙي ننڊ ڪئي کيس سال ٿي ويا هئا. ان وقت ئي پل ڀر جي لاءِ هن کي هڪ قسم جي خوشبو محسوس ٿي هئي. اها خوشبو ائين هئي جيئن ڪنهن تازي ڄاول ٻار جي هجي. هُو ان خوشبو کي محسوس ڪري اداس ٿي ويو هو، سندس دل ڀرجي آئي هئي. دل چاهيو هئس ته، رڙيون ڪري روئي… پر جي اڪيلي گهر ۾ اڪيلو ماڻهو آڌيءَ رات جو روئندو ته کيس پرچائيندو ڪير؟ اها ڳالهه سوچي هن نه رنو هو.

“ڀلا مان جڏهن به زندگيءَ ۾ رنو آهيان ته، ڪهڙو ڪنهن مون کي ڳلي لائي پرچايو آهي!” هن پنهنجي پاڻ کي چيو… ۽ ان پل ئي پاڻ کان سوال پڇيائين: “مان رنو ڪڏهن آهيان؟” هن ياد ڪرڻ چاهيو… ماڻهو ڪيترن ئي موقعن تي روئندو آهي گهر جي ڀاتين جي فوتگين تي، دوستن جي روين تي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي ماڻهو بي وس ٿي روئي ڏيندو آهي… ۽ جيڪڏهن ماڻهو روئندو نه ته سندس هانءُ ڦاٽي پوندو. ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر جيئڻ چاهيندو آهي، تڏهن ته دل کولي روئندو آهي.

کيس ياد آيو ته: جڏهن سندس زال کي مئل ڌي ڄائي هئي… ۽ ان گهڙيءَ ئي سندس زال به مري وئي هئي ته، هُو ان وقت رنو هو… کيس محسوس ٿيو اهو روئڻ اڄ تائين جاري آهي… ۽ اڄ ڏينهن تائين هن کي ڪنهن به پرچايو ناهي. جنهن ماڻهوءَ جي اکين مان ڳوڙها به نه ڳڙن ته، ڪيئن خبر پوي ته اهو روئي پيو؟ اهو روئڻ ته ناهي… اهو ته ڪڙهڻ آهي… ۽ ڪڙهي ڪڙهي ماڻهو ايڏو سخت ٿي ويندو آهي جو سندس اکين جا ڳوڙها ئي سُڪي ويندا آهن. سندس وجود بنجر زمين جيان بڻجي چڪو هو.

هُو ڪمري مان نڪري رڌڻي ۾ هليو ويو هو. هن چانهه ٺاهڻ چاهي هئي، پر جڏهن کير باهه تي رکيائين ته، کيس ياد آيو: پتي ختم ٿي چڪي آهي. شام واري چانهه به سهي نموني سان ٺهي نه سگهي هئي. چانهه جي بدران جهڙو کير گرم ڪري ڍُڪ ڀريا هئائين. “ان وقت ئي مون کي پتي وٺي اچڻ گهرجي هان!” هن کي پنهنجي ڪوتاهيءَ جو شديد احساس ٿيو… انهيءَ احساس کيس پاڻ تي ندامت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، هن سوچيو: هاڻي ته مان ڪو به ڪم وقت تي نٿو ڪري سگهان… هيءَ ڏاڙهي، هن پنهنجي ڏاڙهيءَ کي هٿ هنيو… ڪيتري وڏي ٿي وئي آهي. اڪثر آفيس به دير سان وڃان، ڪڏهن ته وقت کان اڳ وڃيو پهچان. دوستن سان ملڻ ۾ به مهينا لڳايو ڇڏيان. اوجاڳي ۽ خالي پيٽ منهنجي ڪيتري عمر ڳڙڪائي ڇڏي آهي. وقت کان اڳ ڪيڏو پوڙهو ٿي ويو آهيان.

اها ڳالهه سوچيندي ئي هن پنهنجي پاڻ کي چيو: “پوڙهي ٿيڻ ۾ ڀلا ڪهڙو عيب آهي! عمر آهي سا ته گذرڻي ئي آهي. جيئن مري ويل ماڻهو جيئرو نه ٿي ٿو سگهي تيئن ئي جواني ٻيهر واپس نه ٿي اچي سگهي… ۽ جيئن ئي ڪنهن جو ساهه نڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي تيئن ئي جوانيءَ کي به روڪي نٿو سگهجي.”

“مان جوان رهي به ڇا ڪندس؟” هن پنهنجي پاڻ کان پڇيو. پنهنجي پاڻ کان پڇيل انهيءَ سوال سان سندس ذهن ۾ ٻيا سوال پڻ اڀري آيا هئا. پنهنجي جذبن تي قابو پائڻ ايترو آسان آهي، جيترو مان سوچيان ٿو؟ هيءَ جيڪا ڪنهن ڪنهن وقت وحشت ٿيڻ لڳندي آهي، سا ته هڪ ڏينهن چريو ڪري ڇڏيندي؟ ڇا مان پنهنجي پاڻ کي ائين چريو ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيان!؟ ڇا مان پنهنجو وجود بس ائين ئي ضايع ڪري ڇڏيان!؟ ائين اڪيلو ئي عمر گذاري ڇڏيان!؟

کيس اهڙن سوالن سان تڪليف ٿي، محسوس ائين ٿيو ڄڻ هُو اهڙي اڪيلي ملاح جيئان آهي، جيڪو سمنڊ ۾ بي يارو مددگار هجي… سندس ٻيڙي ٻڏي چڪي هجي ۽ هُو هڪ تختي جي سهاري ان طرف لڙهي رهيو آهي… جنهن جي کيس ڪا به خبر نه آهي.

ان پل ئي کيس اها سوچ پڻ آئي ته: ڀلا هو هاڻي زنده رهي به ڇا ڪندو؟ ڀلا جيڪو ماڻهو موسمن کي به نه ماڻيندو هجي، اهو زنده رهي به ڇا ڪندو؟ هي جو اڃان باغن ۾ گل ٽڙن ٿا… چنڊ ماڻهوءَ کي ريجهائي ٿو، تارا ڳالهيون ٻڌائن ٿا… سرنهن جا کيت پوکجن ٿا. ماڻهو محبت ڪن ٿا…  هڪٻئي کان وڇڙي جيئن ٿا. هي شهر ڇڏي، ڳوٺ موٽي وڃان! جتي اڃان به ڪراڙا ڪچهريون ڪن ٿا، نڙ بيت ٻڌائي هڪٻئي جون پروليون سلجهائين ٿا… ۽ آڌيءَ رات ڪو “راڻو” ڳائي ڳوٺ سڄي کي سحر ۾ آڻي ٿو. زندگيءَ جا ڪيترائي لطف آهن، تن مان ڪي ته مون کي ماڻڻ گهرجن… پر مان… مان هن وقت جنهن موسم ۾ آهيان، تنهن کي به ته ماڻيان پيو. “ها… هن هجر ۾ جيڪا راحت ملي رهي آهي، سا شايد ڪنهن ٻئي احساس ۾ هجي!” هن چيو.

گرم ٿي ويل کير باهه تان لاهي، ديڳڙيءَ تي ڍڪ رکي هُو رڌڻي مان نڪري واپس ڪمري ۾ آيو ۽ سگريٽ دکائي پيئڻ لڳو هو. هن ايش ٽري ڏانهن ڏٺو، ايش ٽري فلٽرن سان ڀرجي چڪي هئي. کيس سندس زال جو چيل هڪ جملو ياد آيو: “اوهان سگريٽ تمام گهڻا ٿا پيئو!” سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن جي اندر ۾ هڪ سڏڪي جو جنم ٿيو… ان سڏڪي جي پويان سڏڪن جو هڪ طوفان هو. هن پنهنجي پاڻ کي ان طوفان کان بچائڻ لاءِ سگريٽ جي دونهين ۾ لڪائڻ چاهيو هو… پر دونهين جي چادر ماڻهوءَ کي دنيا جي گردشن کان ڪٿي بچائي سگهي آهي. اها هوءَ ئي هئي، جنهن کيس دنيا جي غمن کان بچائي رکيو هو.

هُو کيس ياد ڪري اندر ئي اندر ۾ ڀري پيو هو. ان پل هن پنهنجو اهو جواب دهرايو، جيڪو پنهنجي زال جي اهڙي شڪايت تي ڏيندو هو: “ها… هاڻي مان پنهنجو خيال رکندس!” پنهنجي ڪنن سان پنهنجو آواز ٻڌي کيس عجيب لڳو. هن محسوس ڪيو: سندس آواز مٽجي ويو آهي. ان پل ئي کيس شدت سان ياد آيو ته، انهيءَ جواب سان گڏ هُو مسڪرائيندو به ته هو. پوءِ اڄ ڇو نه مسڪرايائين؟ انهيءَ سوال کيس وڪوڙي ورتو. هُو چپ ٿي ويو. سندس سوچ بيهي رهي… سندس سگريٽ مڪمل سڙي چڪو هو.

جڏهن ڪافي دير کان پوءِ هن ٻيهر سگريٽ دکايو ته کيس شدت سان احساس ٿيو ته، هُو ڪيترو اڪيلو آهي!  هي هيترا سارا ماڻهو آهن پر کيس ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آهي. ماڻهن سان ڳتيل هن شهر ۾ هيءَ اڪيلائيءَ جيڪا کيس پي رهي آهي… سا ته جلد کيس ختم ڪري ڇڏيندي… هُو مري ويندو! هُو زنده رهڻ به نه چاهي رهيو هو پر پوءِ به کيس ائين مري وڃڻ جو خوف ٿيڻ لڳو هو. سندس اهو خوف صرف شهر ۾ ئي مري وڃڻ جي ڪري هو. هڪ ڀيري آفيس ۾ هن پنهنجي پٽيوالي کي به چيو هو: “ماڻهوءَ کي اتي دفن ڪيو وڃي، جتي سندس پنهنجا دفن هجن!”

“مان زندگيءَ مان تنگ به ٿي چڪو آهيان… پوءِ مان مرڻ کان ڇو خوفزده ٿي ويو آهيان!”؟ هن پنهنجي پاڻ کان پڇيو.

ماڻهو ڄمي ٿو… ۽ پوءِ مريو ٿو وڃي. پوئينرن کي سندس وڃڻ جو ڏک ٿيندو آهي. مون کي ماءُ جو ڏک ٿيو، زال جو ٿيو… ۽ ڌيءَ جو به ٿيو… پر منهنجي ائين مري وڃڻ جو ڏک ڪنهن کي ٿيندو؟ هن سوچيو،… ۽ اهو فڪر کيس ويڙهي ويو هو، انهيءَ فڪر جي پويان ايندڙ اداسيءَ جون طويل لهرون سندس روح تائين پهچي ويون هيون.

هُن پنهنجي مئل ڄاول ڌيءَ جي ياد تازي ٿيڻ تي روئي ڏنو هو.

ڀلا لازمي آهي ڇا ته هر ماڻهوءَ جي مري وڃڻ جو ڏک ٿئي!؟ دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو مرندا ٿا وڃن جن جي مرڻ جو ڏک ناهي ٿيندو… بلڪه هڪ تسلي ٿيندي آهي ته، هُو هن تڪليف مان نجات حاصل ڪري ويو. هُو به انهن ماڻهن مان ئي هڪ هو، جيڪي زنده هوندي به زنده ناهن هوندا. هُو به ان ڏينهن ئي مري ويو هو، جنهن ڏينهن سندس زال مئل ڌيءَ ڄڻي مري وئي هئي. ان رات ئي هُو پنهنجي پاڻ کي به ان سان گڏ قبر ۾ پوري آيو هو.

کيس بک جو شديد احساس ٿيو، هن ياد ڪيو ته، بنا ڪجهه کائڻ جي ئي هُو ليٽيو هو ته کيس ننڊ اچي وئي هئي. هُو ڪمري کان نڪري آيو ته کيس سيءَ جو شديد احساس ٿيو، هُو واپس وريو… ۽ پنهنجي پاڻ کي شال ۾ ويڙهي گهر کان ٻاهر نڪري آيو هو. رات جي پوئين پهر ۾ هُو هوٽل تي ماني ائين کائي رهيو هو، ڄڻ ٻيهر زندگي جيئڻ چاهيندو هجي!

mujeebotho@yahoo.com

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments