اڳتي ڇا ٿيندو؟ شهريار رحمان کوسو | مارچ 2022
اها پاڪستان جي سياستدانن جي نالائقي يا ناڪامي رهي آهي يا ڪو ٻيو سبب آهي، پر هڪڙي ڳالھ واضح ٿيڻ کپي ته پاڪستان جو ڪوبه اهم سياسي فيصلو جيڪو حڪومت سازي سان جڙيل هوندو يا ڪو رياستي اهم فيصلو ڪرڻو هوندو ته ان ۾ پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مرضي هجڻ ضروري هوندي آهي، انهن جي مرضي کانسواءِ اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي ته ڪو فيصلو ڪيو وڃي. ان جو هڪڙو سبب آهي ته 1950ع کانپوءِ جيڪي سياسي تبديليون ٿيون ۽ پاڪستان جي معيشت جي صورتحال تحت ڪي اهڙا موقعا آيا ۽ اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي فوج پاڪستان جي سياست کان وٺي هر پاليسي تي اثرائتي ٿيندي وئي، هاڻي اهو جمهوري ملڪ لاءِ سٺو آهي يا خراب اهو ته اتان جي عوام جي مٿان آهي ته اهي ان تي ڪيئن ٿا رد عمل ڏين، پر اهائي حقيقت آهي ۽ ان حقيقت کي هاڻي عالمي طاقتون به سمجهي ويون آهن. آمريڪا سميت ڪابه عالمي طاقت جيڪر پاڪستان سان ڪنهن مسئلي تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ گهرندي آهي ته اهي پاڪستان جي آرمي چيف سان ڪندا آهن، پوءِ ان شيءِ جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي ته سياسي قيادت ڇا ٿي سوچي، اها هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان جي ڪابه سياسي پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ پاڪستان ۾ سياست نٿي ڪري سگهي. ان ۾ سياسي پارٽين ۽ ليڊرن جو به قصور آهي. اڄ مختلف سياسي ليڊر اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي تنقيد ڪندا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو سياسي ليڊر ناهي پيدا ٿيو جنهن فوجي مداخلت کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا هجن، پر ٿيو هميشه ان جي ابتڙ آهي. سياسي ليڊرن اقتدار ۾ اچي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ذاتي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪر ايئن نه هجي ۽ سياسي ليڊرن ۾ حقيقي جمهوري سوچ هجي ته اڄ پاڪستان جي صورتحال ٻي هجي ها ۽ اصل طاقت جمهوري نمائندن وٽ هجي ها، پر هر ايندڙ سياسي ليڊر پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ فوج ۽ انٽيليجنس ادارن کي استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري اڄ پاڪستان ملٽري اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي ۽ اهي ئي ملڪ جي سلامتي جي علامت بڻيل آهن ۽ ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي ته پاڪستان جي سلامتي پاڪ فوج جي ڪري ئي ممڪن آهي. ان کان علاوه سياسي ليڊرن جي ناڪامي جي ڪري پاڪستان جو عوام به فوج کي سياسي ليڊرن کان وڌيڪ قدر جي نظر سان ڏسندو آهي. ان لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته مستقبل قريب يا هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ ملڪ هلايو وڃي ۽ اها سياسي پارٽين ۽ ليڊرن جي ئي ناڪامي آهي. ياد رکڻ کپي ته ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقت عوام وٽ هوندي آهي، جيڪڏهن عوام روڊن تي اچي ۽ اهي ڪرڻ تي اچن ته ملڪ کي هميشه لاءِ تبديل ڪري سگهن ٿا، پر پاڪستان ۾ سياسي نظام کان عوام ايترو ته مايوس آهي جو اهو ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي سياسي ليڊرن تي فوقيت ڏيندو آهي.
ڏسو نه هن وقت به دنيا جا گهڻائي اهڙا ملڪ آهن جتي سخت ترين آمريت آهي، جيئن ڪوريا ۽ وري ڪٿي بادشاهت آهي، جيئن سعودي عرب ۽ ڪٿي وري چين جهڙا ملڪ آهن. ڪوريا، چين ۽ سعودي عرب ۾ ايتري ته سختي آهي جو ماڻهو آزادي سان انٽرنيٽ تائين نٿو هلائي سگهي، پر پوءِ به عالمي طاقتون انهن سان تعلق رکنديون اچن ٿيون ۽ اهڙن ملڪن جي عوام پاڪستان جي نسبت گهڻي خوشحال ته آهي، پر انهن کي ايتري آزادي ناهي. جمهوريت کي پوري دنيا ۾ اچڻ ۾ وقت لڳندو ۽ وري ڪن ملڪن ۾ نظام ايئن هلندو جيئن پاڪستان ۾ آهي. ان ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ جمهوري نظام گڏ هلندا. منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ اڃان تائين مڪمل جمهوريت جهڙي صورتحال ناهي پيدا ٿي، اسان وٽ انتخابي عمل ۾ ايتريون ته خاميون آهن جو اهي پوري حڪومت سازي کي متاثر ڪن ٿيون. ٻيو وري ووٽ ڪرڻ جو تناسب تمام گهٽ آهي ۽ آبادي جيتري آهي اوتري ظاهر نه ڪئي ويندي آهي. پاڪستان کي اڃان گهڻن مرحلن کان گذرڻو آهي. اسان جي نظام ۾ گهڻيون خرابيون آهن، جمهوري نظام هڪ آئيڊل نظام هوندو آهي، جيڪو رياست جي چوٽي هوندو آهي. پاڪستان جو نظام اڃان ان چوٽي تائين ناهي پڳو ان کي اڃان وقت لڳندو ۽ هن وقت پاڪستان جي عوام کي بنيادي سهولتون کپن جنهن کان اهي محروم آهن. هتان جو عوام اڄ به ايوب، مشرف ۽ ضياءُ کي ياد ڪندو آهي ته انهن جو دور ڀلو هو. ڇو ته پاڪستان جي مظلوم عوام کي اها خبر ناهي ته جمهوريت ڇا آهي؟ ۽ آمريت ڇا آهي؟ انهن شين کي سمجهڻ لاءِ انهن کي گهڻو سفر ڪرڻو پوندو. پاڪستاني عوام کي ان جي پرواھ ناهي ته مٿي آمر ويٺو آهي يا چونڊيل وزير انهن مقصد محض اهو آهي ته اسان کي هر شيءِ سستي ملي، تنهنڪري اهو سمجهڻ کپي ته ڪجھ به ٿي پوي مثال طور: پاڪستان جا حالات تبديل ٿي سگهن ٿا، انساني حقن تي به عمل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري به اچي سگهي ٿي، پاڪستان جو قرض گهٽجي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن ٿا، عدالتن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، صحت ۽ تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، پر ويجهي مستقبل تائين اهو نٿو لڳي ته فيصلا ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪيا ويندا. هڪڙو ٻيو پهلو به آهي اهو ته جيڪر پاڪستان ۾ حقيقي جمهوري طاقت اڀري اچي ۽ ان جي ليڊرشپ به خالص جمهوري هجي ۽ انقلاب جهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ته پوءِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ پاڻ ئي سياسي عمل ۽ مداخلت کان پري هٽي ويندي، پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته عوام پنهنجو رايو تبديل ڪري ۽ ان سان هڪ مڪمل جمهوري طاقت اڀري اچي جيڪا موجوده سياسي پارٽين کان الڳ هجي. ڇو ته موجوده سياسي پارٽيون پنهنجي ذاتي مفادن جي اڳيان جهڪيل آهن موجوده سياسي پارٽين جي جمهوري سوچ محض بيانن جي حد تائين آهي، ان لاءِ پاڪستان ۾ جيڪر خالص جمهوري حڪومت يا سياسي قوت پيدا ڪرڻي آهي ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اهڙي سياسي پارٽي سامهون اچي جيڪا عوام کي اپيل ڪري سگهي، ان سان ئي خالص جمهوريت ايندي، باقي پاڪستان جو موجوده سياسي نظام منافقت تي بيٺل آهي. پاڪستان هڪ رياست آهي ۽ ٻين رياستي ادارن سان گڏوگڏ فوج جو ادارو به پاڪستان جو هڪ اهم ادارو آهي جنهن جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته ملڪ کي ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن جي لاءِ وقت تي فوج ئي انهن سان منهن ڏيئي سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته فوج تي تنقيد آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪئي وڃي جنهن ۾ ذاتي جذبات جو عمل دخل نه هجڻ کپي. اسان وٽ ٿيندو ايئن آيو آهي ته سياسي پارٽين جا ليڊر بظاهر اچي فوج خلاف بيان ڏيندا آهن، پر پردي جي پويان سڀ ڪجھ طئي ٿيل هوندو آهي. پاڪستان جي گذريل 15 سالن جي سياسي صورتحال کي ڏسجي ته ان ۾ سڀني کان وڏي تبديلي بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ سامهون آئي. جيڪر اهو قتل نه ٿئي ها ته اڄ سياسي منظر نامو مختلف هجي ها. ڇو ته مشرف ۽ بينظير ۾ جيڪو اتفاق ٿيو هو ان ۾ اهڙي صورتحال جي گنجائش نه هئي، جيڪا ان جي قتل کانپوءِ پاڪستان ۾ پيدا ٿي. بهرحال! پ پ کي حڪومت ڏني وئي ۽ ڪنهن حد تائين جمهوري عمل کي هلڻ ڏنو ويو. زرداري صاحب پنهنجي سياسي سمجھ کي استعمال ڪندي هڪ تاريخي ڪم ڪيو ۽ هن آئين ۾ 18 هين ترميم ڪري صوبن کي خود مختياري ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم وڌايو، نه صرف ايترو پر هن پنهنجي صدارتي دور ۾ صدر جا اختيار به پارليامينٽ کي واپس ڏنا ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ هئي جنهن جي ڪري هو پنهنجي دور ۾ ترميم پاس ڪرائي ويو ۽ هاڻي اها ترميم واپس ڪرائڻ ڏاڍي مشڪل آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ حالتون اڄ جي مقابلي ۾ ڪجهه بهتر هيون اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري پارليامينٽ مان ارڙهين ترميم پاس ٿي وئي.
2010ع کانپوءِ تحريڪ انصاف اڀرڻ شروع ٿي، ايئن لڳي پيو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهيندي، پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ 2013ع جي حڪومت مسلم ليگ ن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جڏهن تحريڪ انصاف کي جلسن ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي ۽ سياسي ڌرين پنهنجون پارٽيون ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت اها قياس آرائي ٿي رهي هئي ته شايد مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي گڏيل حڪومت ٺهندي، پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ مسلم ليگ ن کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وئي. نواز شريف پنهنجي ماضي جيان وري ڪجھ ماڻهن سان اٽڪي پيو ۽ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، ڳالھ وڃي مزاحمت تائين پهتي، پر سخت پريشر جي باوجود مسلم ليگ ن حڪومت هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ پنج سال پورا ڪيا. انهيءَ وچ ۾ ميان صاحب کي پريشر ۾ رکڻ لاءِ عمران خان 126 ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو ۽ تاريخي احتجاج ڪيو. ڪجهه صحافين جو چوڻ آهي ته ان ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ کي پاڪستان جي اهم اداري جي پٺ ڀرائي حاصل هئي ۽ ان ڳالھ ۾ وزن به آهي. ڇو ته ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ ايئن احتجاج ڪرڻ لاءِ يقينن اجازت جي ضرورت پوندي آهي، جيڪر انهن کي اجازت نه هجي ها ته عمران خان لاهور کان اڳتي نه اچي سگهي ها. بهرحال! حالتون ڪنٽرول ۾ اچي ويون ۽ وقتي طور تي تصادم کان بچڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي حڪومت کي جاري رکيو ويو ۽ ان مفاهمت جو سبب آرمي پبلڪ اسڪول جو خوفناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ واقعو ٿيو، پر عمران خان پنهنجي ڪم کي جاري رکيو هو ۽ ان شريف فيملي خلاف ميڊيا تحريڪ جاري رکي ۽ ان ۾ کيس ڪاميابي ملي. ان وقت عمران خان جو حڪومت ۾ اچڻ صاف نظر اچي رهيو هو. ڇو ته شريف فيملي هاڻي پاڪستان جي سياسي ميدان کان ئي ٻاهر هلي وئي هئي يا ان کي ٻاهر ڪيو ويو مقصد ته اهو طئي هو ته عمران خان ئي مستقبل جو وزيراعظم چونڊرائڻو هو. عمران خان کي ان پوزيشن تي آڻڻ جو ڪم 2010ع کانپوءِ شروع ٿيو ۽ نيٺ 2018ع ۾ اچي اهو مقصد پورو ٿيو.
2008ع کان 2022ع جيڪر پاڪستان جي معاشي صورتحال ڏسجي ته ان ۾ پ پ، مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف مان ن ليگ جو دور سڀني کان بهتر رهيو. عمران خان جي موجوده حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي ٻڙي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان جي تاريخ جي سڀني کان وڌيڪ نااهل حڪومت ثابت ٿي آهي. مزي جي ڳالھ اها آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عمران خان جي حڪومت کي مجموعي طور تي ادارن جو تعاون حاصل رهيو، پر پوءِ به سندس سرڪار ڊليور نه ڪري سگهي. عمران خان جي ناڪام حڪومت جو ڪارڻ ان جي سياست کان اڻڄاڻي ۽ انا پرستي آهي. بهرحال! اها نرگسيت آهي جنهن ۾ انسان کي پنهنجي ذات کان علاوه ٻيو ڪجھ نظر ئي ناهي ايندو. عمران خان پنهنجي انهيءَ مزاج جي ڪري پنهنجي حڪومت جا 4 سال محض اپوزيشن پارٽين کان ذاتي انتقام وٺڻ ۾ وڃايا ۽ عالمي سطح تي به انهيءَ مزاج جي ڪري پاڪستان کي نقصان پهچايو. پاڪستان جي موجوده سفارتي بحران جو سبب عمران خان جو مزاج آهي. پاڪستان ۾ جيڪي ادارا عمران خان جي حڪومت جا حامي ۽ مددگار هئا اهي پاڪستان جي معاشي بحران ۽ مجموعي طور تي افراتفري جي ماحول مان تنگ اچي سندس حمايت مان هٿ ڪڍي بيهڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن ۽ ڪجهه فيصلن مان ايئن لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ڪنهن حد تائين نيوٽرل ٿي بيٺل آهي. اڳتي منهنجي خيال ۾ ٻه شيون ٿي سگهن ٿيون هڪ ته ان هائوس تبديلي آندي ويندي ۽ نئون وزيراعظم تحريڪ انصاف مان ئي ٿيندو ۽ پوءِ عمران خان ساڳيو روڊن تي اليڪشن مهم دوران ئي چوندي نظر ايندو ته منهنجي خلاف سازش ٿي آهي ۽ مون کي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ڪم ڪرڻ نه ڏنو وغيره وغيره. ٻيو عمران خان کي پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت نه ڪئي وڃي. ڇو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت ڪرڻ بجاءِ غير جانبدار ٿي وڃي ٿي ته عمران خان جي پارٽي کي بدترين عوامي مخالفت ۽ ڪاوڙ ڏسڻي پوندي. هن وقت عمران خان حڪومت جي ناڪام ڪارگردگي جي ڪري عوام ۾ عمران ۽ ان جي پارٽي خلاف سخت نفرت پيدا ٿي چڪي آهي. ياد رکڻ کپي ته عوام اندر جيتري بيزاري ۽ ڪاوڙ عمران حڪومت لاءِ آهي اهڙا جذبات پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت جي حصي ۾ نه آيا آهن. ايتري تائين جو ملٽري ڊڪٽيٽر لاءِ به ايتري نفرت نه رکي وئي آهي، جيتري عام ماڻهو عمران لاءِ رکن ٿا. بهرحال! ايندڙ وقت ۾ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جو پاڪستان جي حڪومتي سياست ۾ ڪو وڏو ڪردار نظر نٿو اچي ۽ وري ٻيهر نٿو لڳي ته عمران خان کي آزمايو ويندو. هو پاڪستان جي اهم ادارن لاءِ هڪ ڀيانڪ تجربو ثابت ٿيو آهي. اڳتي هلي تحريڪ انصاف جو حشر به ايئن ئي ٿيندو جيئن ڪراچي ۾ ايم. ڪيو. ايم جو ٿيو. اڳتي نظر ايئن ٿو اچي ته ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت ٺهندي يا پوءِ ٻنهي مان ڪنهن هڪ پارٽي کي اڪثريتي بنيادن تي حڪومت ٺاهڻ ڏني ويندي، پر ان جو به امڪان آهي ته گڏيل سڏيل اتحاد ڪري موجوده تحريڪ انصاف مان ڪنهن گروپ کي الڳ ڪري ان مان ڪنهن کي وزيراعظم ڪيو وڃي. پاڪستان جي سياسي نظام ۾ هر شيءِ ممڪن آهي. هتي ڪابه شيءَ امڪان کان ٻاهر ناهي، هتي ڪابه شيءِ قطعي طور تي ناهي هوندي، هتي فيصلا، سوچ ۽ موقف تبديل ٿيڻ جي گنجائش رکندا آهن.