بائيڊن جو ميڪرون سان رابطو، خيالن جي ڏي وٺ
آسٽريليا سان آبدوز معاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ فرانس جي صدر وچ ۾ رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ آبدوز معاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪي صدر سان رابطي دوران فرانس پنهنجو سفير ايندڙ هفتي واپس واشنگٽن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن طرفان بهتر مشاورت جو عمل شروع ڪرڻ تي به رضا مندي ظاهر ڪئي.