باب تيرهون : گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جو قانون : ليکڪ: جيمس ڪليئر: سنڌيڪار: فضا قريشي

”گنز، جرمز ۽ اسٽيل“ نالي ايوارڊ يافته ڪتاب ۾ اينٿروپولاجي ۽ بايولاجي جي ماهر جيرڊ ڊائمنڊ ان سادي حقيقت جي نشاندهي ڪئي آهي ته: دنيا ۾ مختلف کنڊن جون مختلف شڪلون آهن.“ پهرئين دفعي ۾ ته اهو بيان بنھ پڌرو ۽ غير اهم ئي نظر اچي ٿو، پر ان جو انساني روين تي گھرو اثر آهي.

آمريڪا ۾ طرفن جي ڪمپاس جي بنيادي ٻانهن اتر کان اولھ ڏانهن لڙندي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اتر ۽ اولھ آمريڪا جي زميني ساخت موڪري ۽ ٿلهي نه پر اڀريل ۽ سنهي آهي. آفريقا جي صورتحال به ڪجھ اهڙي ئي آهي. جڏهن ته يورپ، ايشيا ۽ وچ اوڀر ايشيا جي صورتحال ان جي بنھ ابتڙ آهي. زميني ساخت ۾ ايڏي وڏي ڇڪ اوڀر-اولھ ۾ اڃان به وڌي وڃي ٿي جيڪا ان جي ساخت تي اثر انداز ٿئي ٿي. ڊائمنڊ موجب شڪلن جي اها تبديلي، صدين تائين ان ڳالھ تي اثر انداز رهي ته اتان جي زراعت ڪهڙي قسم جي هئڻ گھرجي.

جڏهن زراعت سموري دنيا ۾ پکڙجڻ لڳي ته اتر کان اولھ جي مقابلي ۾ هارين کي اوڀر کان اولھ طرف پکڙجڻ سولو ٿي لڳو. اهو فقط ان ڪري هو ته ساڳئي زميني سطح تي موجود علائقن جي آبهوا به تقريبن ساڳي هوندي آهي جهڙوڪ: سج جي روشني، برساتن جو پوڻ ۽ موسمن جي تبديلي. اهوئي سبب آهي جو يورپ ۽ ايشيا جي آبادگارن فرانس کان وٺي چين تائين ان سموري پٽي ۾ ساڳيا فصل پوکيا.

تصوير 13: انساني روين جي شڪل

يورپ ۽ ايشيا ۾ طرفن جي بنيادي ٻانهن اوڀر اولھ طرف آهي. آمريڪا ۽ آفريقا جو بنيادي طرف اوڀر اولھ آهي. انهيءَ جي ڪري سموري يورپ ۽ ايشيا جي مقابلي ۾ آمريڪا ۾ آبهوا جا مختلف لاها چاڙها نظر اچن ٿا. نتيجي طور ٻين جاين جي مقابلي ۾ يورپ ۽ ايشيا ۾ زراعت لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول آهي ۽ اتي اها ٻيڻ تي وڌي ويجهي ٿي. هارين ۽ آبادگارن جا رويا به سالن ۽ صدين تي محيط ماحول موجب گھڙجن ٿا.

اتر کان ڏکڻ ويندي موسم ۾ تمام گھڻي تبديلي اچي ٿي. ٿورو سوچيو ته فلوريڊا کان ڪئناڊا ويندي موسم ۾ ڪيتري نه تبديلي اچي ٿي. اوهان ڀلي کڻي ڪيڏا ئي ماهر آبادگار ڇو نه هجو، اوهان فلوريڊا جي نارنگين جو ڪامياب فصل ڪئناڊا جي سيءَ ۾ حاصل ڪري نٿا سگھو. برف زمين کي پورو ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري اتر کان ڏکڻ ويندي، آبادگار اهڙا فصل ڳولهين ٿا ۽ اپائن ٿا جيڪي ان علائقي جي موسم سان مطابقت رکندا هجن.

اهوئي سبب آهي جو اڀر ۽ اولھ آمريڪا جي مقابلي ۾ زراعت، ايشيا ۽ يورپ ۾ تيزي سان وڌي ويجهي ٿي. صدين تي محيط ان ننڍڙي فرق جي ڪري، ان جي پوندڙ اثرن ۾ وڏو ۽ واضح فرق نظر اچي ٿو. وڌيڪ کاڌي جي پيداوار جي ڪري انهن علائقن ۾ آبادي جي گھڻائي نظر آئي. وڏي آبادي جي ڪري، اهي قومون ۽ ملڪ پنهنجون وڏيون فوجون تيار ڪري سگھيا ۽ نين ٽيڪنالاجين مان فائدو وٺي سگھيا. ڏسڻ ۾ تبديليون جيتوڻيڪ ننڍڙيون هيون، اهو فصل جيڪو ٿورو تيزي سان وڌيو پئي ان آبادي کي تيزي سان وڌڻ ۾ مدد ڏني، پر ان جو جامع اثر جڏهن وقت جي وڏي ڪينواس تي ڏسجي ٿو ته اهو وڌي وڏو ٿي پوي ٿو.

زراعت جي وڌڻ جو اهو مثال اسان کي روين جي تبديلي جي ٽئين قانون کي دنيا جي گولي تي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. عقل عام ان کي عادت جي تبديلي جي ڪنجي سمجهي ٿو. جيڪڏهن اوهان اها شيءِ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان ان تي عمل ڪريو، پر حقيقت اها آهي ته اسان کي سست رهڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ اسين اهو ڪرڻ چاهيندا آهيون جيڪو آسان هوندو آهي، باوجود ان جي ته ڪير کڻي ڪيترائي عظيم ڪاميابين جا مثال اسان جي آڏو پيش ڪري.

توانائي قيمتي آهي ۽ اسان جو ذهن ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشش ڪندو رهي ٿو. اها انساني فطرت آهي ته اهو گھٽ ڪوشش واري قانون کي اپنائي ٿو، جنهن موجب جڏهن ٻن هڪ جهڙين شين ۾ چونڊ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته ماڻهو قدرتي طور ان شيءِ ڏانهن مائل ٿئي ٿو جنهن ۾ گھٽ ڪوشش ۽ محنت درڪار هجي. مثال طور: اوهان موسم جي ڏکيائين جي ڪري اتر جي مقابلي ۾ پنهنجو زرعي فارم اوڀر ۾ ٺاهڻ چاهيندو جتي اوهان ساڳيا فصل پوکيو. سڀني ممڪن عملن جي مدنظر جيڪا ڳالھ سمجهي ويئي آهي اها هيءَ آهي ته سڀ کان گھٽ محنت طلب ڪم جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي. اسين اهو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيون جيڪو آسان هوندو آهي.

هر ڪم ڪرڻ لاءِ هڪڙي گھربل توانائي جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ڪم ۾ جيتري توانائي جي ضرورت هوندي، ان ڪم ٿيڻ جا اوترا گھٽ امڪان هوندا. جيڪڏهن اوهان جو هدف روزانو هڪ سئو پُش اپ هڻڻ آهي، جنهن لاءِ ڪافي توانائي جي گھرج آهي. شروع ۾ جڏهن اوهان ۾ جوش هوندو ته ٿي سگھي ٿو ته اوهان پنهنجون سموريون قوتون سهيڙي اهو ڪري وڃو، پر ڪجھ ڏينهن کانپوءِ اهو اوهان کي ٿڪائيندڙ لڳندو. جڏهن ته روزانو هڪڙو پُش اپ ڪرڻ سان ڄڻ ته ڪابه توانائي خرچ ڪانه ٿيندي ۽ اها عادت جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ توانائي خرچ ٿئي اها جلد ئي پختي ٿي ويندي.

اوهان ڪنهن به اهڙي رويي تي نظر وجهو جيڪو اوهان جي زندگين جي وڏي حصي تي اثر انداز ٿيندو هجي. اوهان ڏسندو ته اهو رويو بنا ڪنهن جذباتي ڪوششن وٺڻ جي عمل ۾ اچي ٿو. عادتون جهڙوڪ: فون ڏسڻ، اي ميل ڏسڻ يا ٽي وي ڏسڻ اسان جو ڪيترو نه وقت کايو وڃن، پر اهي بنا ڪنهن ڪوشش وٺڻ جي سرانجام ڏجن ٿيون. ڇاڪاڻ جو اهي ڪرڻ بنھ سوليون آهن.

دراصل هر عادت هر ان شيءِ جي راھ ۾ رڪاوٽ آهي جيڪا اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا. فٽ ٿيڻ جي راھ ۾ ڊائٽنگ ڪرڻ وڏي رڪاوٽ آهي. پرسڪون ٿيڻ جي راھ ۾ ميڊيٽيشن يا مراقبو ڪرڻ رڪاوٽ! واضح سوچ جي راھ ۾ لکڻ رڪاوٽ! اوهان دراصل عادت چاهيو ئي نٿا. اوهان چاهيو ٿا ان جو نتيجو. اها ڳالھ سمجهڻ گھرجي ته جيتري وڏي رڪاوٽ هوندي يعني جيتري ڏکي عادت هوندي، اوترو ئي اوهان جي ۽ اوهان جي خواهش جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. انهيءَ ڪري اهو ضروري آهي ته اوهان جي عادت کي ايترو ته سهل بڻائي ڇڏجي جو ان جي ڪرڻ لاءِ ڪا شعوري ڪوشش نه وٺڻي پوي. جيڪڏهن اوهان پنهنجين سٺين عادتن کي سولو ۽ سهل بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ٿا ته پوءِ ان سان چهٽي رهڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

جيڪڏهن اسين سڀ سست آهيون ته پوءِ اوهين انهن ماڻهن جون حاصلات ڪيئن ڳڻائيندو جيڪي وڏا ڪارناما سر انجام ڏين ٿا. جهڙوڪ: ٻار پالڻ يا ڪو نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ يا ماونٽ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪرڻ؟

ظاهر آهي ته اوهان هر مشڪل ڪم ڪري سگھو ٿا. مسئلو اهو آهي ته اوهان ڪجھ ڏينهن ته سخت محنت ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ڪجھ ڏينهن هٿيار ڦٽا ڪريو ڇڏيو. ڏکين ڏينهن ۾ اهو اهم هوندو آهي ته اوهان جيترو ٿي سگھي پنهنجي حق ۾ شين کي بهتر ڪندا اچو ته جيئن اوهان آساني سان انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪري سگھو جيڪي زندگي ۾ اوهان کي پيش اچن ٿيون. جيتري گھٽ ڇڪتاڻ اوهان محسوس ڪندو، اوترو مضبوطي سان اوهان اڳتي وڌندو. ”ان کي آسان بڻائڻ“ جي خيال پٺيان رڳو اها سوچ ڪار فرما ڪونهي ته ان کي سهل بڻائجي بلڪه اصل راز اهو آهي ته ان کي ان لمحي آسان بڻائيندي شين کي ايئن ڪجي جو اهي زندگي جي ڊگھي ڊوڙ ۾ ڪارآمد ٿي سگھن. …(هلندڙ)….

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments