بلاگخاص

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!

الطاف شيخ

اڄ بنارس شهر جي ٻن ٽن ڪلاڪن جي چڪر لاءِ مون سان گڏ جيت سنگهه نالي هِتي جي هڪ پرائمري اسڪول جو سک ٽيچر هو. هو شامَ جي وقت ڪجهه ڪلاڪ بنارس ۾ آيل  ٽوئرسٽن يا ياترين سان گڏ گائيڊ ٿي چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿو. جيت سنگهه پنجاب (يعني انڊيا واري مشرقي پنجاب) جي شهر جالنڌر جو رهاڪو آهي ان تان مون کي ياد آيو ته اسان جو اڳوڻو فوجي صدر جنرل ضياءُ الحق به جالنڌر جو هو. جنرل ضياءُ ڪنهن ڳالهه تان بينظير ڀُٽو جي حب الوطني تي شڪ ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ بينظير اخباري نمائندن کي چيو هو ته هي منهنجو وطن آهي منهنجو ڄمڻ توڙي مرڻ هن ملڪ سان ئي آهي…. آئون ڪا جالنڌر کان نه آئي آهيان. مون ان وقت هڪ سينيئر صحافي کان پڇيو هو ته بينظير جالنڌر جو ڇو پئي مثال ڏئي؟

”ان ڪري جو ضياءُ الحق اتان جو آهي.“ هن وراڻيو.

بهرحال جالنڌر جو هي جيت سنگهه روزگار خاطر ڪافي سالن کان هِتي بنارس ۾ رهي ٿو. آئون هڪ ايراني ريسٽورينٽ تي چانهه پي رهيو هئس ته هي به مسڪا بن (مکڻ لڳل بن) ۽ چانهه پيئڻ لاءِ مون واري ٽيبل تي اچي ويٺو. مون ساڻس خبر چار ڪئي ته خبر پئي ته هو گائيڊ به آهي ۽ شهر جو چڪر ڏيڻ لاءِ مون سان گڏ ڪلاڪ ٻه هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻپهري جو وقت هو ۽ مون کي عادت موجب ننڊ به اچي رهي هئي، پر پوءِ مون سوچيو ته ننڊون ته پنهنجي ڳوٺ به پهچي ڪري سگهان ٿو. هونئن به گهمڻ ۾ ئي وقت گذارجي… سمهڻ يا ڪٿي هوٽل يا دعوت ۾ پر تڪلف قسم جي ماني کائڻ تي وقت وڃائڻ بدران نئين شهر جو ڪو مندر مسجد، ڪو قديمي پاڙو يا پارڪ ڏسي وٺجي ته سٺو.. ۽ جِتي هوائي جهاز جي ڳري ٽڪيٽ ڀري ماڻهو ڌارئين ملڪ جو ڪو شهر گهمڻ لاءِ آيو آهي اتي بهتر آهي ته اڪيلو وائڙن وانگر رُلڻ بدران سئو ٻه سئو رپيا خرچ ڪري گائيڊ کڻجي جيڪو توهان کي ڪنهن ڊٺل ڀت بابت به ٻڌائي سگهي ٿو ته جنهن کي توهان هڪ عام سرن جي ڀت سمجھي رهيا آهيو اهو هڪ قديم فلاڻي دور جي ڪنهن ڊٺل مسجد يا مندر جي يادگار نشاني آهي… ۽ ڪڏهن جيت سنگهه جهڙا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان گائيڊ مليو وڃن جن جي في سٺ ستر رپين کان به گهٽ آهي. هن مون سان شامَ تائين گڏ هلڻ لاءِ 70 رپيا چيا، پر پوءِ مون هن کي ٻه دفعا پاڻ سان گڏ چانهه پياري ۽ سئو رپين جو نوٽ ڏنومانس ته هو بيحد خوش ٿي ويو ۽ موڪلائڻ وقت خبر ناهي ڪيترا دفعا “Sir! Thanks a lot” جملو ورجائيندو رهيو.

اها ڳالهه مون ان ڪري نه لکي آهي ته مون گائيڊ کي ٽيهه رپيا وڌيڪَ ڏئي ڪا حاتم طائيءَ جي قبر تي لت هنئي آهي، پر ان ڪري لکي آهي ته انڊيا جي ماڻهن ۾، چاهي هندو هجن يا سک، عيسائي هجن يا مسلمان… هو ٿوري ۾ خوش گذارين ٿا ۽ راضي رهن ٿا… ۽ ڪوشش ڪري چهري تي مرڪ رکن ٿا ۽ منهن نٿا سڄائين. اهوئي سبب آهي جو ولائت ۾ نوڪري لاءِ هر ڪو انڊين ۽ سريلنڪن ۽ بنگلاديشين کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ ويندي اسان جا پاڪستاني ڪارخانيدار ۽ بزنس مين جن جو ولائت ۾ ڪاروبار آهي اهي به پنهنجن پاڪستانين کي نوڪري ڏيندي ڪيٻائين ٿا… منهنجو جڏهن به ساڻن ان ڳالهه تي بحث ٿيندو آهي ته هو اهوئي چوندا آهن ته پنهنجي ملڪ جا ماڻهو گوسڙو هڪ طرف آهن ته ”منهن سڄيل“ ٻئي طرف. هو “No Work” ڪلچر واري ماحول مان اچڻ ڪري پورهئي کان ڀڄن ٿا… اجايا سجايا خرچ وڌايو ڇڏين پوءِ کين سندن پگهار هر وقت گهٽ لڳي ٿو.

بهرحال هن جالنڌر جي سک نوجوان کي اڄ واري ٽوئر دوران هر وقت منهن تي مرڪ به نه هئي. هڪ دفعو سندس چهري تي مون کي اداسي، خاموشي، غم ۽ غصي جون ريکائون به محسوس ٿيون. اهو ان وقت جڏهن اسان گنگا ندي جي ڪناري تان واڪ ڪندا لليتا گهاٽ وٽان ٿيندا عالمگيري مسجد وٽ پهتاسين جِتي هن منهنجي چوڻ تي منهنجون تصويرون به ڪڍيون ۽ هن ان مسجد لاءِ ٻڌايو ته اها مسجد سترهين صدي جي آهي جنهن کي ٽن صدين کان مٿي عرصو ٿيو آهي ۽ اها مسجد عالمگير هندستان جي ڇهين مغل شهنشاهه اورنگزيب ٺهرائي جيڪو عالمگير به سڏجي ٿو.

سردار جيت سنگهه کي اورنگزيب جي ذڪر تي ڪجهه دير جي لاءِ بيچين ضرور رهيو يا شايد مون سمجھيو يا محسوس ڪيو. هونئن جي هن جون اهي Feelings هيون ته به هو حق بجانب هو. هن جي ڌرم جي گروءَ کي هن شخص (اورنگزيب) بي عزت ڪرڻ بعد جنهن بي درديءَ سان قتل ڪرايو… ان لاءِ هن کي ڇو نه ڏک هوندو. اورنگزيب جهڙن حاڪمن مسجدون ۽ عمارتون ضرور ٺهرايون، پر پنهنجي نالي ۽ ناموس لاءِ… غريب عوام عوام لاءِ ته نه پارڪ ۽ مسافر خانا ٺهرايا ۽ نه وري اسڪول ۽ اسپتالون… بلڪه سردار نيغ سنگهه جهڙي سکن جي نائين گروءَ کي مسلمان نه ٿيڻ ۽ طهر نه ڪرائڻ جي بدلي ۾ سزا ڏئي هن پنهنجي پر ۾ ته اسلام لاءِ وڏي خدمت ڪئي، پر اسان جي مسلمان حاڪمن جي اهڙن غير شرعي ۽ ڪڌن ڪمن ڪري صديون گذرڻ بعد به غريب مسلمان عوام انهن حاڪمن جي پوکيل نفرتن جو فصل اڄ به لڻي رهيا آهيون.

مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مسلمان حاڪم فقط ننڍي کنڊ ۾ نه هئا، پر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ به هئا، پر انهن ته ڪڏهن به اسلام جي خدمت کي بنياد بڻائي نه غير مسلمانن جي عبادت گهرن کي ڊاٺو ۽ نه انهن کي زوريءَ مسلمان ڪيو. اهو سڀ کيل تماشو اسان وٽ ئي ٿيندو رهيو ۽ اڄ به اسان جي ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ته هيڪاندو گهڻو ٿي رهيو آهي جِتي عيسائين ۽ هندن کي ۽ سندن عبادت گهرن ڪليسائن ۽ مندرن کي ساڙيو پيو وڃي، پر پنهنجن مسلمانن جو به قتل عام جاري آهي ڪٿي شيعا ۽ انهن جي امام بارگاهن کي ساڙيو پيو وڃي ته ڪٿي مسجدن کي! دنيا کي ڇا ته مئسيج ملي رهيو آهي! اسان وٽ پيار، محبت ۽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ بدران نفرت جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي.. ۽ اسان پنهنجي هر عمل کي عين اسلامي ۽ اسلام جي خدمت سڏيون ٿا. جيئن سلطان محمود غزنوي ڪيو ٿي. پاڻ ۽ سندن لشڪر پڙهي شايد نماز به ڪانه ٿي زور رڳو ٻئي جي عبادت گهرن کي ساڙڻ جو.. سو به سومناٿ جهڙي شاهوڪار مندر کي.. جنهن مان مليل دولت ۽ سون سان خرجينون ڀري پنهنجي ملڪ افغانستان ۽ ايران کڻي ويا ٿي.. ڇا اهو مال ملڪيت اتي ئي غريبن کي نٿي ڏئي سگهيا؟ ڀلا هندن کي نه ته اتي رهندڙ مسڪين مسلمانن کي ڏئي وڃو ها، پر دراصل ڳالهه رڳو رهي آهي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ ۽ گهڻي کان گهڻو پاور حاصل ڪرڻ جي.. جنهن لاءِ اسان جا مسلمان حاڪم اڄ به اٽڪلون سٽڪلون ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي ان ڪڌي عمل کي Justify ڪرڻ لاءِ هر ظلم کي اسلام جي خدمت جو نعرو هڻن ٿا.. اڄ به اسان جي حاڪمن کي غريب عوام جو ڪو فڪر ناهي.. پنهنجي هڙان ته ڪجهه نٿا ڏين، پر ڊولپمينٽ جا فنڊ به کايو وڃن… لوفر ۽ غندا سياستدان ۽ وزير ته اهو ڪن ٿا، پر پاڻ کي سيد پير سڏائڻ وارا به حرام جي ان ڌنڌي تي لهي پيا آهن. اهوئي حال هنن مغلن ۽ ٻين اسان جي حاڪمن جو هو.

چون ٿا.. بلڪه اسان جڏهن 1955ع ڌاري پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ هئاسين ته مون کي اڄ به چٽو پٽو ياد آهي ته اسان جي تاريخ جي ڪِتاب ۾ اورنگزيب لاءِ لکيل هو ته هو وڏو نيڪ نمازي ۽ پرهيزگار هو. حڪومت جي خزاني مان پائي به کڻڻ بدران ٽوپيون ڀري پنهنجي خرچ لاءِ پئسو ڪمائيندو هو! سائين سبحان الله. هوندو! پر سوال آهي ته جي هو ائين ڪندو به هو ته غلط هو. هڪ بادشاهه يا حاڪم جو ڪم آهي رعيت جو خيال رکڻ ۽ انهن جو ڀلي جو سوچڻ يا سڄو ڏينهن گوڏي تي ٽوپي رکي ڀرت ڀرڻ! هي ائين اهي جيئن نواز شريف جي اڳئين دور ۾ هو هيليڪاپٽر ۾ چڙهي ٽنڊو الهيار جي ٿاڻي تي آيو هو جيئن غريب کي انصاف ملي سگهي. اها خبر مون ملائيشيا ۾ ٻڌي هئي… منهنجي ملئي دوستن ان تي چٿر ڪندي چيو هو ته توهان جي ملڪ ۾ ته پوءِ ست هزار وزير اعظم کپن جيڪي مختلف ٿاڻن تي وڃي ڪورٽ ڪچهري ڪن! پر سائين اسان جي ماڻهن جي هر ڳالهه ۾ واهه واهه!

هن شهر بنارس ۾ جيڪو ننڍي کنڊ جو سڀ کان گهڻو پوتر مندر سڏيو وڃي ٿو يعني وِشوَ ناٿ مندر ان کي به ڊاهڻ لاءِ آرڊر ڪڍيائين.. ان بعد ڪيشوا راءِ مندر ۽ سومناٿ مندر کي ڊاهڻ لاءِ حڪم جاري ڪيائين. ها تاريخن ۾ اهو به آهي ته اورنگزيب هٿ سان قرآن شريف به لکندو هو.

هو جڏهن ايڏي پائي جو مسلمان هو جنهن ضرور قرآن به پڙهيو هوندو… بلڪه لکڻ وارو ته اڃان به قرآن جي آيتن تي غور ڪري ٿو… ڇا هو ان ڳالهه کان واقف نه هوندو ته اسلام مسلمان کي ڪنهن غير مسلمان تي پنهنجي مرضي ٿاڦڻ کان منع ٿو ڪري. سورة البقره جي 256 آيت آهي ته ”دين جي باري ۾ زور زبردستي جائز نه آهي…. “ يا سورة الڪافرون ۾ آهي ته ”اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي….“

مون کي ته تڏهن به جڏهن پڙهندو هئس ۽ اڄ به اها ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته تاريخن اُنَ جهڙي بادشاهه کي ڪيئن ٿيون درويش صفت ۽ اسلام جو خدمتگار سڏين! هڪ اهڙو ماڻهو جنهن حڪومت خاطر پنهنجي ڀائرن کي ماريو ۽ پيءُ شاهه جهان کي هڪ يا ٻه ڏينهن نه پر اٺ سال… سندس مرڻ تائين قيد ۾ رکيو… اهو ڪهڙو نيڪ چئبو! ۽ اهو ماڻهو  جنهن کي پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ ماءُ جو خيال نه هجي اهو ٻين لاءِ ڇا ڪندو؟

سندس ڀاءُ شهزادي دارا شڪوه لاءِ چون ٿا ته هن مٿرا واري مٿين مندر ”ڪيشوا راءِ“ کي هڪ ٽُڪ جي ڪم واري ڪاٺ جي railing ڪٽهڙو تحفي طور ڏنو. اورنگزيب کي خبر پئي ته هُنَ ڀاءَ کي ذليل ڪرڻ ۽ مندر کي ڊاهڻ لاءِ ان کي بهانو بڻايو ۽ ڪورٽ ۾ فرمان جاري ڪيو ته هڪ مسلمان کي هندن جي مندر ڏي اک کڻي به نهارڻ نه کپي. دارا شڪوه اهو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪافر بڻايو آهي… “ بس سائين ان وقت جي عوام به اڄ جي جاهل عوام وانگر حاڪم جي هر ڳالهه تي واهه واهه ڪندي رهي!! ان مندر بعد اورنگزيب صاحب دهلي جي ڪالڪا مندر کي ڊاهڻ جو فرمان جاري ڪيو هو.

مون کي اسان جي مسلمان حاڪمن جي ان قسم جي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪٿي ڪاٺ جو ڪٽهڙو ڏيڻ تي به  مندر ساڙيو ويو ڪٿي اڪبر جهڙي بادشاهه هندو ڇوڪري جوڌا ٻائي سان شادي ڪرڻ لاءِ هن جو شرط مڃي پنهنجي گهر ۾ کيس مندر ٺاهي ڏنو! دراصل هي سڀ ڪجهه فقط پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ مفاهمت بازي هئي جنهن جو مثال اسان جا ماڻهو گذريل حڪومت جي دور ۾ ڏسي چڪا. هندن ۽ مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ اڪبر صاحب ته ”دين الاهي“ نالي ماڳهين پنهنجو مذهب ويهي جوڙيو! مون کي ته اها  ڳالهه به سمجهه ۾ نٿي اچي ته انهن مغلن  هڪ طرف ته هندن ۽ انهن جي مندرن کي ڊاهڻ عين اسلامي ڪم ٿي سمجھيو ته ٻئي طرف وري هندو ڇوڪرين سان شاديون رچائي انهن جي مائٽن کي وڏو همدرد ۽ پنهنجو سمجھيو ٿي. اڪبر ته غير مسلم سان شادي ڪئي (1562 ۾ جيپور جي راجا بهال مل جي وڏي ڌيءَ سان پڻ شادي ڪئي). ان بعد هن جي پٽ سليم (جهانگير) راجا ڀڳوانداس جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. بس ماڻهن جي جذبات کي خوش رکڻ لاءِ هنن مڙيئي ڪٿي مسجد ۽ ويندي ڪٿي مندر اڏرائي ٿي ڇڏيو جيئن جاهل ۽ اڻ پڙهيل عوام هنن لاءِ واهه واهه ڪندو رهي. عوام اڻ پڙهيل ڇو نه رهندي جڏهن هنن حاڪمن بادشاهن انهن لاءِ اسڪولن ۽ اسپتالن جهڙي ڪا شيءِ ئي نه ٺهرائي. ويندي پاڻ حاڪم به ڪيترا ايئن جاهل هئا جيئن اڄ اسان جا ڪيترا حاڪم جعلي ڊگرين وارا آهن. اڪبر بادشاهه لاءِ ته چون ٿا ته هن کي پنهنجو نالو به لکڻ نٿي آيو… گهٽ ۾ گهٽ بالي ووڊ جي فلم جوڌا اڪبر ۾ ته ائين ڏيکاريو ويو آهي. جوڌا هڪ هندو جي ڌيءَ ٿي ڪري به فارسي زبان کان به واقف آهي ۽ هوءَ جڏهن اڪبر جو نالو خوبصورت ڪئليگرافي ۾ لکي اڪبر کي پيش ٿي ڪري ته هن کي اهو به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته  ڪهڙو پاسو سبتو ٿيندو!