بنا ڊرائيور واري ٽيڪسي روڊن تي هلڻ لاءِ تيار، وڌيڪ ڪهڙيون خاصيتون اٿس؟ ڄاڻي وٺو
چين ۾ پهريون ڀيرو مڪمل طور تي بنا ڊرائيور واري ٽيڪسي سروس هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني بائيڊو ڪوووهان ۽ چونگ چنگ ۾ ڊرائيور ليس ٽيڪسيون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. بائيڊو کي اپريل 2022ع ۾ چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ آٽوميٽڪ سروس هلائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر اختيارين شرط لاڳو ڪيو هو ته ڊرائيور کي سيٽ تي موجود رهڻو پوندو، پر هاڻ ووهان ۽ چونگ چنگ ۾ بنا ڊرائيور واري ٽيڪسي سروس هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ رڳو مسافر ئي سفر ڪري سگهن ٿا. اپولو گو نالي گاڏي کي ان سروس لاءِ استعمال ڪيو ويندو جيڪي ڏينهن جي وقت ۾ ووهان ۽ چونگ چنگ جي مخصوص علائقن ۾ هلايون وينديون. اها سروس ووهان جي 13 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۽ چونگ چنگ جي 30 اسڪوائر ڪلو ميٽر رقبي لاءِ دستياب هوندي. بائيڊو ٻڌايو ته روبوٽ ٽيڪسي سروس ۾ مسافرن جي تحفظ لاءِ ڪيئي اُپاءَ ورتا ويا آهن، جيئن پري کان ڊرائيونگ وارو فيچر ۽ هڪ سيفٽي آپريٽنگ سسٽم آهي، ڪمپني ٻڌايو ته ڊرائيور کانسواءِ ٽيڪسيون هلائڻ جي اجازت هن شعبي ۾ اهم ترين اڳڀرائي آهي ۽ ان سان ٽيڪنالوجي تي ريگوليٽرز جي اعتماد جو اظهار ٿئي ٿو. هي ٽيڪسي سروس ٻنهي شهرن ۾ 8 آگسٽ کان شروع ٿي چڪي آهي.
jazz instrumental