بني گالا جا جن زور يا مهانگائيءَ جو جن زور؟ انور حسين قاضي
جڏهن پڙهڻ جهڙا ٿياسين ته الف ليليٰ ڪتاب مليو ته هن کي پڙهو آکاڻي ۾ سبق آهي، اوهان جي سنڌيءَ جي پڙهائي به بهتر ٿيندي. ان ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي هئي ”الادين جو چراغ“ جنهن ۾ هڪ غريب ڇوڪري کي ڪو پراڻو چراغ هٿ ايندو آهي ان کي مهٽڻ سان هڪ ديو قامت جن حاضر ٿي الادين جي هر حڪم جي پوئيواري ڪندو آهي. ٻاراڻو ذهن هو دل گهرندي هئي ته ڪاش اهڙو چراغ ۽ اهڙو جن اسان کي به ملي! جيئن ان کان هر حڪم پورو ڪرائي سگهون. وقت گذرندو رهيو عمر مطابق سوچڻ شروع ڪيو ته خبر پئي مختلف ڳوٺن ۾ ڪن ماڻهن تي جن قبضو ڪندا آهن خاص طور عورتن تي، پوءِ اهي درگاهن تي وڃي جن جا شرط پورا ڪنديون آهن، ماڻهن جو ان ۾ ڌيان هو، اڃان تائين آهي يا وري ان جن کي ڪڍڻ لاءِ ڪجهه ڀوپا گهرائي جاڳر ڪيو ويندو هو اڃان به هر ڳوٺ ۾ جن ۽ ڀوپو ملندو آهي، پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڀوپو ويچارو جن جي هٿان پادر کائيندي ڏٺو ويو آهي. هڪ سچي ڳالهه آهي ڪجهه وقت پهرين هڪ ڀوپي پادر کاڌا، پر وري به ڪنهن ڳوٺ ۾ جن ڪڍڻ ويو (ان غريب جي روزي روٽي ان ۾ آهي). پوءِ ڪنهن هوٽل تي ويهي اتان جي پنهنجن ڇاڙتن کان پڇي پيو ته جنهن ماڻهو جو جن ڪڍڻو آهي اهو طاقتور آهي يا ڪمزور اگر داٻي دڙڪي ۾ نه اچي ته پوءِ وري پادر کائڻا پئجي ويندا. ڇاڙتو، چيائين پير سائين اهو ڪمزور آهي اوهان کي ڪجهه نه چوندو. هيءَ ڪهاڻي هر ڳوٺ جي آهي انهيءَ جي پويان هڪ وڏي معاشي ۽ نفسياتي اڻ برابري آهي ان تي ڪنهن ٻئي وقت بحث ڪنداسين. صرف جملي ۾ سائنس ان کي ذهني فتور سمجهي ٿي.
گهڻو ڪري عورتون جيڪي انتهائي بندش ۾ هونديون آهن اهي اهڙي قسم جا نقلي ناٽڪ ڪنديون آهن، پر منهنجو بحث بني گالا جي جنن ۽ مهانگائيءَ جي هڪ ئي جن جي وچ ۾ مقابلي تي آهي ته ڪير ٿو زور ٿئي يا ڪنهن جا پير زور آهن. مهانگائيءَ ته اسان جهڙن سفيد پوش ماڻهن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن. مزدور بي روزگار، هاري ويچارا روز مرن پيا. سوال اهو آهي ته مهانگائيءَ جو ذميوار صرف عمران خان يا ان جي حڪومت آهي، اهي وزير يا مشير خزانه آهن، جن کي هو ويچارو سڃاڻي به ڪونه ٿو سواءِ اسد عمر جي.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، هيءَ حڪومت عقل کان عاري آهي فهم هن کي ويجهو به نه آيو آهي، پر جيڪي فرشتا نما وزير هن حڪومت ۾ آهن انهن کي به ته فرشتن ئي آندو آهي. بقول C.N.N جي اينڪر جي ته وزيراعظم صاحب کي پاور ته اسلام آباد جي ميئر جيترو به نه آهي، پوءِ هن غريب جي پويان ايڏي ڀنڊي ڇو ٻاري وئي آهي.
هڪڙي آکاڻي ٻڌندا هئاسين ته ڪنهن جوڙي وٽ چار ٻار هئا اهو جوڙو ڪنهن مذهبي اسٿان تي وڃڻ چاهي پيو، پر ٻار ڪاڏي ڪري. پاسي جي گهر ۾ هڪ پوڙهي عورت هوندي هئي، ٻار ان کي ناني ناني ڪري ڪوٺيندا هئا. غريب جوڙي ان پوڙهي عورت کي چيو ته تون اسان جي ٻارن جي سنڀال ڪجانءِ جيسين اسان موٽي اچون، اسان توکي ان جو ڪجهه اجورو ڏينداسين. پوڙهي چيو ابا اوهان کان اجورو ڪيئن وٺنديس. بس اٽو گيهه رکي وڃجو ماني پچائي ٻارن کي کارائينديس ۽ رات جو انهن سان ئي انهن جي بستري ۾ سمهي رهنديس. ويچارا ڏاڍا خوش ٿيا، پوڙهيءَ جا ٿورا مڃيندي سفر تي روانا ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو ناني انهن ٻارن جي گهر آئي. ابا اٽو ڪٿي آهي اوهان کي ماني پچائي ڏيان. ٻارن اٽو ڏنو پوڙهي چار مانيون پچايون. هرهڪ ٻار کي هڪ هڪ ماني ڏنائين. ٻارن پوڙهيءَ کان پڇيو ناني تون به کاءُ چوي ابا انهيءَ مانيءَ مان هرهڪ چوٿو چوٿو مون کي ڏئي، باقي اوهان کائي ڍئو ڪريو، آئون ڀلي بک مران. هاڻي چار چوٿا هڪ ماني پوري، ٻارن ويچارن کاڌي مني ماني. جڏهن رات ٿي ۽ سيارو هو ته رات جو ناني وچ تي سمهي رهي ٻه ٻار هڪ پاسي ٻه ٻار ٻئي پاسي. چوي ابا سوَڙ هڪ آهي اوهان پاڻ تي وجهو ناني ڀلي سيءَ مري.
جڏهن ٻارن جا مائٽ واپس آيا تڏهن پوڙهي انهن کي ٻڌايو ته ابا مون ته ماني به نه کاڌي. اوهان جي گهر رات جو ٻارن سان گڏ سمهي رهندي هئس، ٻارن کان پڇو. ٻارن به اها ڳالهه ڪئي، ويچارا اٻوجهه نانيءَ جي چالاڪيءَ کي به نه سمجهي سگهيا. احسان مند ٿيا ۽ کيس دعائون ڏيندا رهيا. شايد اسان عوام جي سار سنڀال به اهڙي ڪنهن نانيءَ وٽ آهي. انهيءَ جو پيٽ ته ڀريل آهي، ڪابه تڪليف نه آهي، باقي عوام کي جيئن وڻي ايئن گذاري!!!
چوڻ جو مطلب جيڪي اسان جا بظاهر حڪمران آهن يا نظر نه ايندڙ حڪمران آهن. پوءِ اها خلائي مخلوق هجي يا جناتي مخلوق، نظر ته نٿي اچي. محسوس ايئن ٿو ٿئي ته مهانگائيءَ جو جن بي قابو ٿي ويو آهي ۽ ان جو فائدو به خلائي مخلوق وٺي پئي عوام کي ان جو ڪوبه فائدو نه پوندو. اگر ڪوبه ايندو ته مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪري نه سگهندو، انهيءَ ڪري جو مهانگائيءَ جو سبب پڻ حڪمران آهن، ظاهر هجن يا لڪل هجن.
همسري جولاءِ ۾ هڪ آرٽيڪل موجود آهي. جنهن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته بجيٽ جي منظوريءَ کانپوءِ حالتون هن حڪومت خلاف وينديون، اهو نظر اچي رهيو آهي. نون ليگ جيڪا ان ڳالهه جي حامي هئي ته اسان system کي مضبوط ڪنداسين ۽ ڪنهن به طاقتور کي اجازت نه ڏينداسين ته عوام جي ووٽ کي پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪري. عمران خان ويچارو انهن جي آڌار تي آيو آهي. هاڻي نون ليگ جو نشانو عمران خان ٿي رهيو آهي نه ڪي عمران خان کي آڻڻ وارا. مطلب ته ساڳي راند جو حصو ٿين پيا. جنهن راند جو حصو پاڪستان جو هر سياسي ماڻهو ٿيندو پيو اچي، شايد انهن کي پڪ آهي ته ايمپائر کي ملائڻ کانسواءِ راند کيڏي نٿي سگهجي. ڇو ته ماضي انهن جي اڳيان آهي ۽ مستقبل ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي پوءِ ڇو نه هو ايمپائر سان گڏجي راند کٽي وٺن. عوام نه تين ۾ نه تيره ۾.
اسان وٽ ۽ اسان جهڙن غريب ملڪن وٽ ايئن ئي ٿئي پيو، عوام صرف تماشو ڏسي ٿو ته ڪير حڪومت ۾ اچي ٿو، ڪير ان کي آڻي ٿو، وري اهو حڪمران ڪيئن خراب ٿئي ٿو، ان کي ڪير ٿو خراب ڪري. اصل طاقت چاهي ٿي ته هن حڪمران اسان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، هاڻي عوام کي ڪو نئون حڪمران ڏيون جيئن عوام وري ان جي پٺيان لڳي. اگر ساڳيو حڪمران هوندو ته متان عوام اهو نه سوچي ته اسان جو دشمن حڪمران نه پر ان کي آڻڻ وارا آهن، ڏاڍا سياڻا آهن.
شروعات بلوچستان جي حڪومت کان ٿي چڪي آهي، ڄام ڪمال استعيفيٰ ڏيئي چڪو آهي. ڇا جيڪو نئون وزيراعليٰ بلوچستان ايندو اهو بلوچستان جا مسئلا حل ڪندو؟ يا هو حل ڪرڻ جي قابل هوندو؟ يا ان جي نيت عام بلوچستان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي آهي؟ ڇا هو ڪنهن جي سپورٽ کانسواءِ ايندو؟ جواب اوهان سڀني کي خبر آهي پوءِ هيءَ راند ڇو؟ انهيءَ ڪري جو عوام کي مصروف رکيو وڃي.
پر وزيراعظم جو مسئلو اڃان ڪجهه منجهيل لڳي ٿو. ڀلي کڻي خلائي مخلوق جي ڪري آيو هجي، پر هو سمجهي ٿو ته ڪجهه مهرباني ڪن جنن جي به آهي ۽ اهي کيس چئي رهيا آهن ته ”گهبرانا نهين.“
آڪٽوبر 6 تاريخ کان جيڪو نوٽيفڪيشن نڪرڻ وارو هو اهو 26 آڪٽوبر 2021 تي نڪتو، ان به هن معاملي کي خراب ڪيو آهي. محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هي وزيراعظم به پنهنجي مدت پوري ڪري نه سگهندو. بقول نواز شريف ته ڪو ته هجي جيڪو پنج سال پورا ڪري، مشڪل نظر اچي ٿو.
اميد ته بهتري جي آهي، پر مشڪل آهي. عوام ويچارو اڃان به چڪيءَ ۾ پيسبو، کڻي ڪير به حڪمران اچي. مهانگائيءَ جو جن وري به عوام کي ڊيڄاريندو باقي ٻيا جن هن کان ڏاڍا آهن.