بيوٽي پارلرَ، شادي هالَ، مزارون ۽ پارڪَ بند: سنڌ حڪومت جو نئون حڪم جاري
سنڌ حڪومت عالمي وبا ڪورونا سبب بيوٽي پارلرن، شادي هالن، مزارن ۽ پارڪن کي وڌيڪ بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي تحت سئنيما گهر، بيوٽي پارلر، شادي هال، مزارون، پارڪ بند رهندا. جڏهن ته راندين جي سرگرمين تي به پابندي برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسن جا وقت معمول موجب ڪيا ويا آهن ۽ ڪاروباري وقت صبح 6 وڳي کان رات 8 وڳي تائين هوندا. جڏهن ته صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو. آفيسن ۾ ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلن ۽ ريسٽورينٽن جي لاءِ رات 12 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت هوندي. جڏهن ته ڊائن ان ٽيبل سروس تي به پابندي برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب حڪم نامو 31 مئي تائين لاڳو هوندو.