بيڪانير هڪ بلي بلي شهر!

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

بيڪانير هڪ بلي بلي شهر!

الطاف شيخ

پاڻ بيڪانير شهر جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين جنهن جو نالو شاهه لطيف به کنيو آهي. بيڪانير جيتوڻيڪ اسلام آباد، ڪئالالمپور، سنگاپور ۽ نئروبي جهڙن شهرن وانگي ڪو ويجھڙائي وارو اڏيل شهر ناهي پر ساڳي وقت ملتان، ٺٽي، خدا آباد ۽ روهڙي وانگر ڪو آڳاٽو شهر به ناهي.

جوڌپور جي راجستاني حاڪم مهاراجا رائو جوڌا راٺوڙ جي ٻئي نمبر پٽ رائو بيڪا اهو سوچي ته پيءُ جي مرڻ بعد سندس تاج ۽ تخت جو مالڪ هن جو وڏو پٽ ٿيندو، سو 1488 ۾، پيءُ جي حيات هوندي، هن ٿريلي ويران علائقي ۾ پنهنجو شهر اچي اڏرايو جيڪو سندس نالي سان بيڪانير سڏجڻ لڳو. نه ته هي علائقو ويران ۽ سنسان هجڻ ڪري جنگل ديش سڏبو هو پر رائو بيڪا جي اچڻ ۽ شهر ٻڌجڻ بعد هي علائقو ويڙهاڪن جو ديس سڏجڻ لڳو. انگريز ليکڪ ڪننگهام پنهنجي ڪِتاب Ancient India (آڳاٽي انڊيا) جي صفحي 247 تي لکي ٿو ته ”جنهن ملڪَ جي راڄڌاني هاڻي بيڪانير آهي، ان کي قديم زماني ۾ ”باگڙ ديس“ سڏيو ويندو هو، جنهن جو مطلب آهي باگڙين يا ويڙهاڪن جو ديس. سندن اڳواڻ باگڙ راءِ هوندو هو……..“

هاڻ اها ته تاريخدانن يا محققن کي ڄاڻ ته اهو باگڙ راءِ ڪو ٻيو هو يا مهاراجا جوڌي جو پٽ رائو بيڪا جنهن هن بياباني ڀڙڀانگ علائقي ۾ اچي پنهنجي ننڍي الڳ ٿلڳ سلطنت قائم ڪئي.بهرحال بيڪانير ڪو انگريزن جو رکيل نالو ناهي جن اڪثر ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن شهرن جا نالا اچارن جي سهوليت خاطر بڙودا کي ودودرا، دهلي کي ديلهي، قاهري کي ڪيرو، شام کي سيريا، دمشق کي دمشقس وغيره رکيا. بيڪانير نالو انگريزن کان اڳ جو آهي. هن شهر جو بنياد 1486 ۾ رکيو ويو. ان کان پوءِ پورا 200 کن سالن بعد شاهه لطيف 1689 ۾ جنم ورتو. هن اهوئي نالو بيڪانير ٻڌو…… انگريز ته اڃان به هڪ ڏيڍ صدي بعد ۾ آيا….. جن هندستان جي ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي سهولت موجب بدلايا.

بهرحال بيڪانير شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. انگريز ننڍي کنڊ توڙي ٻين  ملڪن ملائيشيا، ڪينيا، سنگاپور، سري لنڪا، نائيجيريا وغيره ۾، جِتي جِتي راڄ ڪيائون اتي ٻين شين سان گڏ ريل ۽ واهن بئراجن جو به  نظام ڏئي ويا جن کي سندن وڃڻ بعد اسان انهن ۾ واڌارو ۽ سڌارو آندو يا نه پر ان ڳالهه ۾ ملائيشيا، سنگاپور، سائوٿ آفريڪا توڙي انديا جهڙن ملڪن کي Credit هجي جو هنن انهن سهولتن کي اڄ به جاري رکيو آهي بلڪه Modernize ڪيو آهي. اسان وٽ ٿر اڃان به رڻ پٽ ۽ بيابان آهي….. ڪنهن واهه يا ڪئنال کي اوڏانهن وٺي مڪاني ماڻهن جي پيٽ قوت لاءِ پوک جو بندوبست نه ڪيو آهي پر هيڏانهن بارڊر جي ٻي پار راجستان جي ٿري شهر بيڪانير ۾ گنگا ڪئنال ته انگريزن جي ڏينهن ۾ (1928ع) ۾ ئي کوٽجي ويو هو ۽ اندرا گانڌي ڪئنال انگريزن جي وڃڻ بعد 1987 ۾ کوٽيو ويو. اڄ هِتي جو علائقو سرسبز نظر اچي ٿو……. سرنهن، ڪڻڪَ، ڪپهه ۽ دالين کان علاوه چوڌاري ڀاڄيون به جام ٿين ٿيون. تڏهن ته بيڪانير شهر ۾ باغ باغيچا، پارڪ ۽ فارم هائوس نظر اچن ٿا. توهان کي مِٺي ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪونڊين ۾ پوکيل ٻوٽا به مرجھايل نظر ايندا. بدامني ۽ بدانتظامي ڪري موهن جو دڙو ۽ ساڌ ٻيلو وارن شهرن ۾ به نه ٽوئرسٽ نظر ايندا نه انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون! ڪراچيءَ ۾ ئي گذريل ويهن سالن ۾ فارينرن جي معيار جي ڪا هوٽل ٺهي هوندي پر هيڏانهن بيڪانير، جيسلمير، اڌيپور توڙي ڀُڄ، ناليا، ڀاوَنگر، راجڪوٽ جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون نظر اينديون ۽ ڏينهن رات ٽوئرسٽن جي ڌم لڳي پئي آهي. اسان وٽ فقط چوريون ۽ ڦرون، اغوائون ۽ قبيلائي جهيڙا…… چور ۽ ڌاڙيل ته ڇا پوليس ۽ علائقي جا چڱا مڙس انهن کان وڌيڪَ لڳا پيا آهن…… هلندڙ بسين، ٽرڪن ويندي ٽرينن ۾ پيون ڦرون ٿين………. اهڙي تناظر ۾ ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو جڏهن ته مڪاني  ماڻهو به گهر کان نڪرندي ڪيٻائين ٿا. عبادت لاءِ مسجدن ۽ مندرن ۾ وڃڻ لاءِ به گھٻرائين ٿا……!

بهرحال انڊيا جي ٻين شهرن وانگر بيڪانير ۾ به هڪ ٽوئرسٽ کي سڪون ملي ٿو ۽ کيس ڏسڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه نظر اچي ٿو…. ڪنهن زماني ۾ بيڪانير ننڍڙو شهر هو جنهن جي چوڌاري ڀت ڏنل هئي. ريلوي اسٽيشن جي اولهه وارو حصو اهو پراڻو بيڪانير آهي جنهن جي چوڌاري اڃان تائين اها ڀت نظر اچي ٿي. بيڪانير جو هي پراڻو حصو ائين لڳي ٿو جيئن گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي لي مارڪيٽ، موسيٰ لين، کارادر ۽ ميٺادر….. جتي آڌي رات جو به هوٽلون کليون پيون هونديون هيون. بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسين جا اسٽاپَ هِتي هوندا هئا ۽ ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر ايندا هئا. پڪوڙن، ڪوابن کان چانهه ۽ آئيس ڪريم بيحد لذيذ ۽ نج ملندا هئا.  ڪپڙن، ٿانون ۽ فئنسي شين سان دڪان ڀريا پيا هوندا هئا جن تي خريدارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. هوٽلن جي اڳيان رکيل بينچن تي مڪراني، بلوچ، سنڌي، ٿري، ڪوهستاني، لاڙي ۽ پٺاڻن جون ڪچهريون ۽ ٽهڪ هوندا هئا. رستي تان لنگهندڙ ٻارن توڙي وڏن جي چهرن تي مرڪَ ۽ سڪون هوندو هو. ويسٽ وهارف پاسي بيٺل جهازن جا يورپي توڙي آفريڪي جهازران ۽ خلاصي اتي ڦرندي نظر ايندا هئا. اڄ ايترا فارينر اسلام آباد جي بلو ايريا يا آب پارا ۾ به نظر نٿا اچن….. پر اهي رونقون ۽ نظارا بلڪه انهن کان به وڌيڪَ انڊيا جي ههڙن شهرن ۾ نظر اچن ٿا…… نه فقط قانون نافذ ڪرڻ ۾ پر تاريخي جاين کي صحيح سلامت رکڻ لاءِ انڊيا جي حڪومت بيحد سختي ڪندي اچي. دهلي جي لال قلعي وٽ رڪشا کي روڪي مون فوٽو ٿي ڪڍيو ته سامهون  بيٺل پوليس واري چيو ته سر آٽو کي اتي نه بيهاريو، عمارت جو شو خرا ب ٿو ٿئي…… ۽ ڏٺم ته واقعي آس پاس ۾ ڪنهن به ڪار يا ٽئڪسي کي ته پارڪ ڪرڻ جي اجازت نه هئي پر بس کي ٿوري دير بيهي مسافرن کي به ان هنڌ تي لاهڻ جي اجازت نه هئي. ايران ۾ ته ڪيترين تاريخي جاين جا فلئش سان فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ناهي. توهان ڪئميرا بدران موبائيل فون ذريعي ڪڍي سگهو ٿا ڇو جو گهڻي فلئش جي استعمال ڪري عمارت جي ڪاشي ۽ اصلي رنگن جي جوت جھڪي ٿيو وڃي….. ڏسو هو پنهنجي قومي ورثي جو ڪيڏو خيال ڪن ٿا ۽ اسان وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور جهڙن آثارِ قديمن مان وڃن شيون چوري ٿينديون.

بيڪانير جي پراڻي حصي ۾ اڄ به آڳاٽا مندر ان ئي بهتر حالت ۾ آهن جهڙا اڄ کان پنج صديون کن اڳ، جڏهن اهي ٺهرايا ويا هئا. انهن مان هڪ لڪشمي ناٿ مندر آهي  جنهن جي ڀرسان ان ننڍڙي قلعي جا کنڊهر موجود آهن جيڪو هن شهر جي باني رائو بيڪا ان وقت ٺهرايو ۽ جنهن ۾ سندس شاهي خاندان رهيو ٿي. رائو بيڪا (وفات 1504) کان پوءِ سندس پٽ رائو نارائڻ سنگهه (1505-1504)، ان جو پٽ رائو لونا ڪرڻ(1526-1505)،  تنهن کان پوءِ ان جو پٽ رائو جيت سنگهه (1542-1526)، ۽ پوءِ ان جو پٽ رائو ڪلياڻ مل (1574-1542) جنهن جي ڌيءَ سان مغل شهنشاهه اڪبر شادي ڪئي، ان قلعي ۾ رهيا ۽ پوءِ ڪلياڻ جي پٽ (اڪبر جي سالي) رائو راءِ سنگهه جيڪو مغل فوج جو اهم جنرل هو، نئون قلعو ٺهرايو جنهن کي ٺهڻ ۾ 5 سالَ (1589 کان  تائين1593) لڳي ويا. راجا راءِ سنگهه 1574 کان 1612 تائين حڪومت ڪئي يعني اهو سمورو ٽائيم دهلي جي تخت تي اڪبر جي حڪومت (1556 کان 1605 تائين) هئي. ان بعد 1605 کان 1627 تائين جھانگير تخت تي ويٺو.

بيڪانير سلطنت جا هي شروع وارا حاڪم مغلن جي خلاف هئا. رائو بيڪا جي پوٽي جي پوٽي ڪلياڻ مل (جيڪو پوءِ شهنشاهه اڪبر جو سالو ٿيو) ان شير شاهه سوريءَ جو ساٿ ڏنو جنهن 1540 ۾ همايون کي ڀڄائي ڪڍيو. پر پوءِ 15 سالن جي ڏيهه بدري بعد جڏهن 1555 ۾ همايون وري پنهنجو تخت هٿ ڪيو ته هنن بيڪانير وارن لاءِ مسئلو ٿي پيو. همايون جي 1556 ۾ وفات تائين مغل فوج بيڪانير تي حملا ڪيا پر وارياسي ۽ رڻ پٽ واري علائقي مان فائدو وٺي بيڪانير جي راجا ڪلياڻ مل مغل لشڪر کي پسپا ڪري ٿي موڪليو. ان بعد جيئن ئي اڪبر تختَ تي ويٺو ته هن مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ڪلياڻ مل جي پٽ راجا راءِ سنگهه (بيڪانير سلطنت جي ڇهين حاڪم) راجپوت سردارن ۾ سڀ کان اڳ مغل سلطنت سان گڏجڻ ۽ دوستي جو اعلان ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اڪبر جي حڪومت دوران بيڪانير سلطنت ۾ سک چين رهيو. 1570 ۾ راجا راءِ سنگهه جي ڀيڻ جي اڪبر سان شادي ٿيڻ ڪري بيڪانير جي شاهي خاندانَ جو مانُ مٿانهون ٿي پيو. راجا راءِ سنگهه هڪ دلير فوجي ٿي گذريو آهي جنهن مغلن لاءِ جِتي ضرورت پئي ٿي جنگ جوٽي ٿي. 1612 ۾ سندس وفات بعد سندس پٽ دلپت سنگهه (دليپ) فقط هڪ سال تختَ تي ويٺو جنهن بعد پوٽو سورت سنگهه 1613 کان 1631 تائين تختَ تي ويٺو پر اهي ٻئي اهم ثابت نه ٿيا. ان بعد سورت سنگهه جو پٽ رائو ڪرن سنگهه جيڪو 1631 کان 1669 تائين بيڪانير جو حاڪم رهيو هن گهراڻي جو اهم سردار مڃيو وڃي ٿو. شاهه جهان جي پٽن جي تخت تان جھيڙي ۾ هن اورنگزيب جو پاسو کنيو. اورنگزيب پنهنجن ڀائرن کي مارائي پيءُ (شاهجهان) کي قيد ڪري پاڻ 1658 ۾ تختَ تي ويٺو……. بعد ۾ شاهجان جي 1666 ۾ قيد ۾ وفات ٿي.

بيڪانير جي حاڪم رائو ڪرن سنگهه جي وفاتَ بعد سندس پٽ رائو انوپ سنگهه 1669 ۾ بيڪانير سلطنت جو تاج ڌڻي ٿيو. هي پهريون راجا هو جنهن کي اورنگزيب بادشاهه طرفان مهاراجا جو خِطابُ مليو. هِتي اهو به لکندو هلان ته بيڪانير جي هن راجا جي ڏينهن ۾ اسان وٽ هالا ڀرسان سن 1689 ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جنم ورتو. شاهه لطيف جي 63 سالَ ڄمار ۾ بيڪانير جا 5 راجا ٿيا. مهاراجا رائو انوپ سنگهه (1669 کان 1698)، ساروپ سنگهه (1698 کان 1700) سجن سنگهه (1700 کان 1735) زوراور سنگهه (1735 کان 1746) ۽ رائو گاج سنگهه (1746 کان 1787). شاهه صاحب جيڪڏهن بيڪانير آيو هوندو ته انهن مان ڪو حاڪم هوندو. 1700 ۾ جڏهن مهاراجا سجن سنگهه (بيڪانير سلطنت جو ٻارهون راجا) تخت تي ويٺو هو ته شاهه لطيف يارهن سالن جو هو ۽ مهاراجا زوراور سنگهه جي تخت تي وهڻ وقت شاهه صاحب جي عمر 46 سال هئي. الهاس نگر جو ليکڪ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي چوندو هو…… بلڪه هن جو خيال هو ته شاهه لطيف راجستان ۾ ان عمر ۾ مهاراجا زوراور سنگهه جي ڏينهن ۾ آيل لڳي ٿو….

بهرحال راجا راءِ سنگهه جيڪو 1593 ۾ جيڪو قلعو ٺهرايو اهو جھوناڳڙهه فورٽ جي نالي سان مشهور آهي ۽ 400 سال گذرڻ بعد اڄ به ڏسڻ وٽان آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments