تــبـديــلـيءَ جــو هــڪ قـصـيـدو! شوڪت لوهار Aug 2020
مون کي ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته قصيدو شاعري ۾ ئي ڇو چيو ويندو رهيو آهي؟ ماڻهو بادشاهه جي شان ۽ شوڪت ۾ نثر ۾ جيڪا تعريف ڪندا هئا يا ڪندا آهن ان کي ڇا چئجي ڀلا جيڪڏهن مان کڻي اهڙو نثري ٽڪرو لکان ته ڇا ان کي نثري قصيدو چئبو؟ ڇا منهنجو نالو انهن عظيم پنج ٽَن وارن شاعرن يا اٺ ٽَن وارن نثر نگارن ۾ شامل ٿي سگهندو جيڪي وقت جي بادشاهن جي پنهنجي نثري ادب ۾ تعريف ڪندا رهيا آهن؟
هن وقت جڏهن مان ترڪي ٽوپي پائي مور پکي جو کنڀ ٿر جي ڪوئلي مان نڪتل اعليٰ قسم جي مس ۾ ٻوڙي ريپبلڪ جي بادشاهه سلامت بابت ڪجهه نثري قصيدو لکڻ وڃي رهيو آهيان (هونئن مان ڪيڏانهن ڪونه ٿو وڃان) تڏهن ته منهنجي ڪيفيت عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ خداداد ۾ جيڪي عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا ويا آهن، انهن جي توقير ۽ تعريف ۾ قصيدا گوئي ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ناچيز جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي منهنجي مور پکي جي کنڀ مان ٺهيل انهيءَ قلم ۾ ايتري طاقت آهي جو اها حڪومت وقت جي عاليشان جوش رُبا ۽ ششدر ڪندڙ تبديلي بابت ڪجهه اکر اُڪلي سگهي؟ انهيءَ جو هڪڙو سبب ته اهو آهي جو هي مور پکي جي کنڀ وارو قلم مون ٿر ۾ روز مرندڙ مور پکين جي هڪ کنڀ مان ٺاهيو ۽ مس ٿر جي نڪرندڙ ڪوئلي جو مڪسچر آهي، جيڪو ڪوئلو ٿر واسين جي زندگي ڪوئلي جهڙي بڻائي باقي ڪارپوريٽ ذميواريون نڀائيندڙن جي زندگين کي اڇو اجرو ڪري رهيو آهي. بهرحال مان وري به ڪوشش ڪريان ٿو ۽ پنهنجي مخصوص تيموري پوشاڪ اوڍي عربي عطر لڳائي، نثري قصيدا گوئي ۾ چند مفروضات پيش ڪريان ٿو. ها انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن مون کان به وڌيڪ ڪو قصيدا گو اچي وڃي ته مان اڳ ۾ ئي معذرت ڪري ڇڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته وقت جي حڪومت عاليشان ۽ جاهه و جلال واهه! واهه!
موجوده دور جي حڪومت جڏهن وجود ۾ نه آئي هئي سڀ هنڌ اونداهه انڌوڪار هر طرف ڏڪار ئي ڏڪار هو، هر طرف بک ئي بک هئي. اسان وٽ ڪابه شيءِ تبديل ٿيل ڪونه هئي، اسان جا ويس وڳا ساڳيا هئا، اسان جو کاڌو ساڳيو هو، اسان جا روڊ رستا ساڳيا هئا، اسان جون اسپتالون به ساڳيون هيون، اسان جا اسڪول به ساڳيا هئا، مطلب پورو ملڪ هڪ يڪسانيت جو شڪار هو، شڪار ڇا هو بس هڪ شڪار گاهه هو، جتي عرب شهزاده تلور جو شڪار ڪري هليا ويندا هئا، پر اسان جا پنهنجا شهزادا ڪونه هئا. پوءِ ايئن ٿيو ته لکن، ڪروڙن يوٿين (روبوٽن) جون دعائون سانڀ پيون ۽ هي عهد عمراني اسان کي پنهنجي حياتي ۾ ڏسڻ نصيب ٿيو. تبديلي جي تيز تلوار عطاءُ الله جهڙي ماڻهو کي به تبديل ڪري ويئي، جنهن جو نالو گنيز بوڪ ۾ صرف انهيءَ لاءِ هو ته هو صرف ڪفن ۽ قبر جا گيت ڳائيندو هو، پر هن پهريون ڀيرو عمراني گانو ڳائي سڀن کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن عمرانيات جي ايندڙ حڪومت جا اهي منصوبا اڳ ڪٿي طور ٻڌايا جنهن جو مزو هن ريپبلڪ جو عوام هن وقت وٺي رهيو آهي.
اسان کي واقعي يقين به نه هو ته اسان رات پيٽ ۾ ايترا تبديل ٿي وينداسين جيترا سانڊا هڪ ٽاري کان ٻي ٽاري تي ويندي تبديل نه ٿيندا آهن.
انهيءَ کان علاوه ٿي سگهي ٿو ته مون کي هن حڪومت عمرانيات ۾ شامل نوسورتن جي شان ۾ ڪا ڳالهه چوڻ وسري وڃي جو انهن جي عقل ۽ دانش تي دنيا جي مڙني فلاسافرن جي فلاسافي ۽ دنيا جي سڀني سياستدانن جي سياست بس ڄڻ ڪو پاڻي جو بُلبلو آهي، بس حباب آهي. ايتري حد تائين جو آئن آسٽائن فواد چوڌري جي سائنسي سمجهه ۽ ٻوجهه کي ڏسي رت جا ڳوڙها روئيندو هوندو؟ روسو فيصل واوڊا کان سياست جو سوشل ڪانٽريڪٽ لکرائڻ چاهيندو هوندو. ٻاڦ جو انجڻ ٺاهيندڙ انگريز شيخ رشيد جي ريلوي بابت ڄاڻ تي وات ۾ آڱريون وجهي حيرت کائيندا هوندا؟
سڄي دنيا جا اخباري نمائندا ميڊم فردوس جي عظيم انڪشافن ۽ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اپوزيشن جي ٿيئٽر ڪردارن ۽ اسڪرپٽ جي خامين بابت جيڪا ڄاڻ هُن هِن وقت تائين دنيا کي مهيا پئي ڪئي آهي ان تي دنيا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ هزارين شاگردن پي ايڇ ڊيز ڪيون آهن.
معيشت کي حقيقي معيار تي پهچائيندڙ ۽ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا بڻائيندڙ حفيظي حڪمت تي ته آدم سمٿ جو روح به تڙپي پوندو هوندو، جو ڪاش مان پنهنجي وهي ۾ هن عظيم معاشي ماهر سان مِلان ها ته اڄ دنيا جي حالت ڪا ٻي هجي ها؟ واقعي ڪمال آهي جو ماڻهو گوگل جون نوڪريون ڇڏي اسان جي تبديلي سرڪار جو حصو ٿيڻ لاءِ ڊوڙي اچي رهيا آهن، ڪنهن به حڪومت ۾ انصاف جو وڏو ڪردار هوندو آهي، هن حڪومت جيترو اپوزيشن سان انصاف ڪيو آهي ايترو دنيا ۾ ڪو ڪري ته ڏيکاري؟ هڪڙو مجرم جنهن تي ست ارب رپيا لهڻو هو، ان کي صرف پنجاهه رپئي ۾ آزادي ملي وئي، انهيءَ کان وڌ ٻيو ڪو انصاف ٿي سگهي ٿو. انگلستان وارن جاين جي مستري ملڪ جا پئسا وطن عزيز ڏانهن واپس ڪري موڪليا آهن ۽ هاڻ ان تي مرڪزي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ضد ۾ پئجي ويا آهن ته اهي پئسا کين ملن جيئن هو هن ملڪ جي عوام مٿان خرچ ڪري سگهن. هي عمراني دور ته واقعي عوامي دور آهي. شينهن ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پين ٿا. بلڪه گهاٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي هو ته منرل واٽر جي ساڳي بوتل سان پاڻي شيئر ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ سيلفي به ٺاهين ٿا.
ڪالهه رات سيريل منهنجي خواب ۾ آيو ۽ چيائين ته مان جيڪڏهن وري جنم وٺي اچان ته ڇا مون کي مرا سفيد جي جاءِ ملي سگهي ٿي؟ مون جواب ڏنو، نڪو باقي چوهاڻ جي جاءِ وٺين ته مان ڳالهايان؟
ڳالهه ڪرڻ جي ناهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهڻ شروع ٿي ويون آهن. ماڻهو سڀ سُک جو ساهه کڻي رهيا آهن ۽ وقت جي بادشاهه کي جهوليون جهلي دعائون ڏيئي رهيا آهن.
اهو پهريون موقعو آهي سپهه سالار جي عهدي بابت قاضي ۽ راضي سڀ ڪتر ڪڊوري، ڪافيا کوليو ويٺا آهن. ها باقي ٿورو ٽماٽن جو اگهه وڌيو آهي، هونئن به ٽماٽن جي اگهه وڌڻ سان اسان جي ئي ملڪ خداداد جي آبادگارن جو فائدو آهي ڀلا اهي اسان جا ڀائر ناهن جو فائدو کڻن؟
ڀلي وزير جي ڳالهه ۾ ٽَن کن وزن آهي، جو اڳ آبادگارن کي ڪمند جو اگهه نه ملي سگهيو ۽ اهي ڪمند ساڙي ٻاري رهيا آهن ۽ ڊسمبر ۾ مچ ڪچهري ڪري رهيا آهن.
ٽماٽو هونئن به پٿري ڪندو آهي، گهڻو کائڻ نه گهرجي، کنڊ جي مهانگي ٿيڻ سان پاڻ فائدو ٿيندو، جو وطن عزيز ۾ شگر جو مرض وڌي ويو هو، ان کي روڪڻ جو اهوئي واحد طريقو آهي.
مهانگائي ٿيڻ سان شين جو واهپو گهٽ ٿيندو ۽ انهن جي قدر شناسي وڌندي. توهان پاڻ ئي کڻي ٻڌايو جڏهن ساوا مرچ ۽ ڌاڻا مفت ۾ ملندا هئا تڏهن انسان کي انهن جو ڪو قدر هوندو هو؟ ڀلا ٽماٽن جي عزت جيڪا اڄ آهي اها سئو سال پهرين ائين هئي؟ سٺي ڳالهه آهي جو مهانگائي وڌي آهي، انهيءَ وڌندڙ مهانگائي پٺيان ڪوبه آءِ ايم ايف نه آهي، ان پٺيان روحاني راز آهن ۽ روحاني راز ۽ رمز سمجهڻ لاءِ روحانيت جي ڏکئي پنڌ پيچرن مان گذرڻو پئجي ٿو. لاهوتي ۽ صوفي ميلن جا سيشن اسٽينڊ ڪرڻا پون ٿا، ٺيڪ آهي اياز کي سمجهڻ به ضروري آهي، پر ان کان اڳ ڊرٻائي کي مٿي ۾ ويهارڻ ضروري آهي.
حڪومت جا عاليشان قصا ۽ داستان لکندي لکندي منهنجي مس ڪپڙي مان مس خشڪ ٿيڻ لڳي آهي.
سنڌ به مرڪزي حڪومت جي اعليٰ پاليسين ۽ شاهوڪار رٿابندي مان فيضياب ٿي رهي آهي. سنڌ تي خدا جي وڏي رحمت آهي جو سنڌ ۾ ماڪڙ اچي لٿا آهن، مارو ماڻهو سڀ ماڪڙ کائي دعائون ڪن ٿا، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب نه آهي. بس ٿورا گهڻا ٻار ٻه چار نياڻيون روز اغوا ٿي رهيون آهن، ڀلا پوليس به ڇا ڪري پوليس به ته انسان آهي ۽ انسان خطا جو گهر ٿئي ٿو. ڀلُ چُڪ ته ٿي پئي ٿي، ڪُتا وڌي ڪونه ويا آهن، اڄڪلهه جا ٻار به ڏاڍا حرڪتي ٿي پيا آهن، اهي ڪتن کي تنگ نه ڪن ته حڪومت به تنگ نه ٿئي آخر ڪتن کي ٻار ٽڪر ڀتر هڻندا ته هو به پنهنجي سيلف ڊفينس ۾ آخر چڪ ته هڻندا نه!!! ڇتن ڪتن جون ويڪسينون ڪامورن ڪونه کپايون آهن، اهي فرجن ۾ پيون آهن، ڪامورن کي ڪارونجهر کپائڻ مان فرصت ملي ته ڪتن جو به ڪجهه ڪندا، ڀلا تڪڙ ڪهڙي آهي؟
ملڪ ۾ جيئن ئي تبديلي اچي ويئي ته ماڻهن جا وات پٽجي ويا جيڪي اڃا سوڌو پٽيل آهن، ڀلا پيٽرول ۽ ڊيزل جي هڪ ليٽر مٿان سرڪار پنجاهه رپيا ٽيڪس به نه وٺي ته ڪيڏانهن وڃي، آخر سعودي عرب يا عمان مان مٿي تي تيل ملتاني پير ۽ تَرينَ کڻي اچن ٿا، اوهان کڻو ته خبر پوي، يونيورسٽين جي تعليمي رقم تي انهيءَ ڪري ڪَٽ لڳايو ويو آهي جو گهڻو پڙهڻ هونئن به صحيح نه آهي، گهڻي پڙهڻ سان ماڻهو جو مٿو ڦري ٿو وڃي. اسان سڀن کي صرف ابن صفي جي عمران سيريز ۽ نسيم حجازي جي ڪتابن کانسواءِ ڪجهه به نه پڙهڻ گهرجي، اوهان کي اسٽڊي سرڪل هلائڻا آهن ته تبديلي سرڪار جي ڪارنامن بابت هلايو. نيب جي ڪاررواين ۽ اعليٰ عدالت سڳوري جي انصاف بابت هلايو. جيڪٽ واري ڇوڪري لال لال لهرائيگا انهيءَ ڪري چئي پئي ته جيئن هن کي انصافي حڪومت ۾ ڪا منسٽري ملي سگهي ٻيو نه ته به زر تاج سان گڏ ويهي ملڪ عزيز ۾ بي موسمي برسات بابت ڪي نعرا ئي لکي سگهي. شاگردن کي اڃان ڪيتري آزادي گهرجي، هو فيس بُڪ، واٽس اپ ۽ پبجي رانديون آزادي سان پيا کيڏن، هن ملڪ تي وڏو احسان ٿيو آهي جو تخت بادشاهي تي عمران ويٺو آهي. ملڪ جو سڀ ڪجهه ائين ئي ختم ٿيندو، جيئن ڪرڪيٽ جو ٿيو آهي، ڇو ته هر هڪ شيءِ کي تبديلي جو ذائقو چکڻو آهي، منهنجي هن لکڻي کي صرف نثري قصيدو سمجهي مون کي معاف ڪري ڇڏيندا ڇاڪاڻ ته مون کي به تبديلي لڳي ويئي آهي.

