”بابا؛ ڪٿي پُهتا آهيو؟، ماني مون سان گڏ کائجو؟ مڇي کائيندا آهيو نه؟“ هي لفظ سنڌ جي نامياري شاعر آڪاش انصاري صاحب جا هئا. جڏهن آئون ساڻس ملڻ لاءِ ويو هئس ته هن وٽ پهچڻ کان پهرين ئي هِن مونکي رستي ۾ ئي فون ڪري، مڇي کائڻ جي پڪ ڪئي. آئون جڏهن هن وٽ پهتس ته هو پاڻ دروازي تي آڌر ڀاءُ ڪرڻ آيو. اُنهن ڏينهن ۾ سندس ڄنگهه ۾ ڪنهن حادثي سبب تڪليف هُئي، پاڻ اسٽڪ جي سهاري سان هلي رهيو هو. پُڇيومانس ته سائين هي ڇا ٿيو؟ پاڻ چهري تي وڻندڙ مسڪراهٽ آڻي چيائين “بابا جيڪو ڌڪ سو ڪاڻي جي اک ۾، بئنڪ مان ٻاهر نڪري رهيو هئس ته رستي تان ويندڙ موٽرسائيڪل اچي لڳي ۽ اهو حال ڪيو اٿائين.”
منهنجي ساڻس اِها ڊگهي ڪچهري جنوري، 2024 ۾ ٿي هئي. وڏي ڳالهه ته پاڻ اُهو سڄو ڏينهن مونکي ڏنائين. ٻيو ڪير به نه هو. چيائين مون کي نوجوانن سان ڪچهري ڪندي مزو ايندو آهي. نوجوانن سان ڪچهري مان توانائي ملندي آهي. جڏهن مون ساڻس ڪچهري ڪئي ۽ تعليم جو موضوع آيو ته چيائين آئون به اسڪول هلائي رهيو آهيان. اُتي پاڻ گڏجي هلنداسين… افسوس جو اسان گڏجي نه وڃي سگهياسين ۽ هُو پاڻ هليو ويو.
اُن ڏينهن پاڻ ماضيءَ کي ياد ڪندي ديوار تي لڳل ايل سي ڊي کي موبائيل سان ڪنيڪٽ ڪري يوٽيوب تي سندس يادگار وڊيوز هلائڻ لڳو ۽ هرهڪ جو پسمنظر ٻُڌائڻ لڳو. اُنهن ۾ سندس جوشيلي ۽ بيباڪ انداز ۾ سندس انقلابي شاعري پڙهڻ جو انداز واهه جو آهي.
هن سڄي زندگي زنده دلي سان گذاري، پر خاص طور زندگي جي آخري سال ته هي تمام گهڻو متحرڪ ٿي ويو هو. ڪافي پروگرامن ۾ شرڪت به ڪري رهيو هو. دوستن يارن سان به ملي رهيو هو. پنهنجي جيري (Liver) جي پيوندڪاري کانپوءِ چوندو هو ته بابا مونکي جيرو هڪ نوجوان عطيو ڪيو آهي، سو هاڻي آئون نوجوان آهيان. واقعي به هُو ته ڪيترن ئي نوجوانن کان وڌيڪ متحرڪ، خوبصورت ۽ وڻندڙ هو.
ڪچهري دوران سندس چپن جي پُڇڙي تي هلڪي مُرڪ ڏاڍي وڻندڙ هوندي هئي. شاعري پڙهندي، ڳالهائيندي يا وري ڌيان سان ٻُڌندي هڪ پاسي ڪنڌ لاڙڻ جو سندس انداز به سندس شخصيت جي سونهن هوندو هو. موسيقيءَ سان به سندس ايترو لڳاءُ جو ڪچهري دوران جهونگارڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو.
سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي هجي، تنگ نظري، لاقانونيت ۽ ناانصافي هجي، وسيلن جي ڦرلٽ هجي يا وري پاڻيءَ جو مسئلو هجي… هر مسئلي تي سندس آواز ۽ موقف واضح، چٽو ۽ بيباڪ هوندو هو. سندس وڇوڙي کان ٽي ڏينهن پهرين به بدين ۾ هڪ ڪاموري پاران ڪتابن جا اسٽال هٽائڻ واري معاملي کي هن وڏي بيباڪيءَ سان کنيو ۽ نيٺ ڪاموري معافي وٺي جان ڇڏائي ۽ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي. آڪاش انصاري رڳو لاڙ ۽ بدين نه، پر پوري سنڌ جي سڃاڻپ هو. هن سنڌ کي بين الاقوامي سطح تي به بيحد شاندار انداز ۾ متعارف ڪرايو.
هي گهمڻ ڦرڻ جو به شوقين هو. پاڻ دنيا جا لڳ ڀڳ سڀ خوبصورت ملڪ ۽ جڳهيون گهمي چڪو هو. مهمان نواز ۽ بيحد پيار ڪندڙ شخص هو. اُن ڏينهن مون کي پنهنجو ڪتاب به سوکڙي طور ڏنائين، جيڪو سندس شاعري جو انگريزي ترجمو هو. اُهو ترجمو ڊاڪٽر سحر گل ڪيو هو. مون به کين پنهنجا ڪتاب ڏنا هئا، جيڪي ڏسي منهنجي پُٺي ٺپري شاباشي ڏنائين ته بابا زبردست ڪم ڪيو اٿئو. ڪتابن جا اندر صفحا کوليائين ته بيساخته چيائين ته يار هنن تي اڄوڪي تاريخ ۽ پنهنجو نالو پنهنجي هٿن سان لکي ڇڏ. ڇا ته سندس پيار ۽ پنهنجائپ هئي.