بلاگنئون

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو امر شاعر- شيخ اياز

شڪارپور! جنهن کي شيخ اياز هڪ “ذهني ڪيفيت” سڏيو، سو ماضيءَ ۾ “سنڌ جو پئرس” جي لقب سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جنهن جو واپار ڏيھ کان پرڏيهه تائين بلندين تي پهتل هو. شهر تعليم، صحت ۽ صفائيءَ توڙي امن جي حوالي سان مشهور هو. پيار ۽ محبت وارو شهر پنهنجي مٺڙي سنڌي لهجي جيان منفرد هو. جنهن جي لاءِ شڪارپور ڄائي فارسي ڪوي محمد عارف “صنعت” اعواڻ پنهنجي هڪ فارسي قصيدي ۾ لکيو ته شڪارپور جنت اڪبر آهي.

خوانند هست جنت اکبر شکارپور،

واز هشت در بهشت نکوتر شکارپور.

ترجمو: سڀ ٿا چون آ جنت اڪبر شڪارپور،

 تسنيم سلسبيل ۽ ڪوثر شڪارپور.

شڪارپور انهن ڏينهن ۾ هئي به بهشت جهڙي! شڪارپور! جنهن جي لاءِ ديس پرديس ۾ اهو مشهور هو ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن خوبصورت باغ ۾ وڃڻ جي ضرورت هجي ته شڪارپور هليا وڃو. قلات جو رهواسي مرزا احمد علي “احمد” جيڪو شاعر هو، تنهن پنهنجي هڪ فارسي قصيدي ۾ سنڌ جي سُونهن شڪارپور جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ۽ ان ۾ اظهار ڪري ٿو ته:

اگر ز روضهءِ مينو سواد گفتندي،

يقين شدم که همين گلشن شکارپور است.

ترجمو: پڇو جي مون کان ته ڇاهي بهشت جو روضو،

يقين آهي يقين گلشن شڪارپور.

شڪارپور جو “شاهي باغ” به “سنڌ واھ” وانگر پنهنجي اوج ۽ عروج ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪونه هو. سڀني شڪارپورين جي دل ۽ جان سمجهيو ويندڙ شاهي باغ شيخ اياز جي شاعريءَ جو موضوع به بڻيو:

سَرتا شاهي باغ ۾ انبن جي هيٺان،

او شال ٻڌان مان ٽپ ٽپ سانوڻ مينهن جي.

نه صرف “شاهي باغ” پر “لکيدر”، “ڪاري نهائين محلي”، “ڍڪ بازار”، “هاٿيدر” وغيره کي به شيخ اياز ساراهيو آهي. واقعي شڪارپور سنڌ جي منفرد شهرن مان هڪ هو. شيخ اياز جي شعرن جي چاشني کي چکيندي “لکيدر”، “ڪاري نهائين محلي”، “ڍڪ بازار” ۽ “هاٿيدر” جي ذڪر کي پَسي وٺون:

ڌرتي تي ڌرڻو ڪري تيسين شل ترسان،

جيسين ميڙاڪا ڏسان، “لکيدر” ڀرسان،

ڇڳل ڪنڊين جان، جيڪي ڇُڙ ڇڙ ٿي ويا.

ـــ

جنهن مان رستو ٿي ويو، تنهنجي گهر تائين،

“ڪاري نهائين” وسري، وسري ڪينڪي.

ـــ

ڄڻ ڪا “ڍڪ بزار”، آهي تنهنجي جندڙي،

نيٺ ته ويندين پار، سَڀُ ڏي وٺ پٺتي ڇڏي.

ـــ

وسرن نه گهٽيون ۽ گهر،

تون آن اکين اڳيان، هن وقت به هاٿيدر.

شڪارپور سونهن جو شهر آهي، ڪاٺيءَ واري خوبصورت ڪم سان دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي اجاڳر ڪرڻ وارو شڪارپور شهر ناميارن شاعرن، اديبن، صحافين، واپارين، تعليمي ماهرن، سماج سڌارڪن ۽ سياستدانن جو جنم ڀومي آهي. تن ۾ شيخ اياز اهو گل آهي جنهن جون ادب ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اسين سندس ورسيءَ جي مناسبت سان کيس ياد ڪندي خدمتن جو اعتراف ڪري رهيا آهيون:

شڪارپور جي شيخ محلي ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ شيخ واجد علي وڪيل پنهنجي سياسي ۽ سماجي واقعن جي ڪري گهڻو مشهور هو اتي 2 مارچ 1923ع تي غلام حسين شيخ جي گهر ۾ مبارڪ علي جو جنم ٿيو. شيخ اياز جو پيءُ غلام حسين شيخ لا ايجنٽ هو ۽ شاعري به ڪندو هو. پنهنجي لاڏلي پٽ کي پاڻ سان گڏ گهمائيندو هو ۽ ڳالهيون هجن يا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، پُٽ جي تعليم تي ڌيان ڏيندو هو. ابتدائي تعليم لاءِ ننڍڙي مبارڪ علي کي پنهنجي پيءُ “ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2” ۾ داخل ڪرايو جنهن اسڪول کي هاڻي “جماڻي هال پرائمري اسڪول” ڪوٺيو وڃي ٿو. پرائمري تعليم دوران ئي فارسي جي تعليم ڏيارڻ لاءِ کيس قاضي عبدالغفور وٽ ويهاريائين. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ عربي جي سکيا سان گڏ فارسيءَ جي تعليم ڏيارڻ به لازمي هوندي هئي. سيڪنڊري تعليم لاءِ “نيو ايرا هاءِ اسڪول” جو انتخاب ٿيو. هي اسڪول شڪارپور ۾ تعليم جي حوالي سان بلندين تي پهتل هو. تنهن اسڪول کي هاڻي “گورنمينٽ قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول” چيو ويندو آهي. مبارڪ علي شيخ اتي اڃان هڪ سال مس پڙهيو هو ته سندس والد گذاري ويو. پيءُ جي وفات جي صدمي سان گڏ سندس ننڍڙن ڪلهن تي آيل بار مبارڪ علي مٿان صدمن جو پهاڙ اڇلايو. پنهنجي همت ۽ والده جي حوصلا افزائي کيس اڳتي آندو. مئٽرڪ جو امتحان 1941ع ۾ پاس ڪيائين.

مئٽرڪ ڪلاس ۾ پڙهڻ کان اڳ ئي شيخ مبارڪ علي اياز شعر چوڻ لڳو هو سندس ادبي رهبر پروفيسر کيئلداس “فاني” هو، جيڪو سندس مَڪتبي معلم پڻ هو. مئٽرڪ کانپوءِ “چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج” ۾ داخل ٿيو، جتي محمد نعيم “وجدي” صديقي ۽ لعل محمد “لعل” جهڙا شاعر سندس دوست بڻيا. تن ڏينهن ۾ ڪاليج جي مئگزين کي ايڊٽ ڪرڻ جو بار به سندس حصي ۾ آيو هو. اهڙي طرح هو پنهنجي انهن ٻنهي دوستن سان گڏ لکندو ۽ اڀياس به ڪندو هو. سندن هر روز اهو معمول هو ته هڪ هڪ ڪويتا لکي “شاهي باغ” ويندا هئا ۽ اهو غزل يا نظم هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا. 1943ع ۾ شيخ اياز انٽر پاس ڪئي. ڪجهه وقت لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت به ڪيائين ۽ تعليم کي به جاري رکندو آيو.

شڪارپور مان آگسٽ 1947ع ۾ “اڳتي قدم” رسالو جاري ڪيائين جنهن نه صرف ادبي حلقي ۾ مڃتا ماڻي، پر اياز جي ادبي حيثيت کي به اجاڳر ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “سفيد وحشي” به تن ڏينهن ۾ ڇپيو هو. ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪري هڪ طرف وڪالت ۾ پنهنجو ڌيان ڏيڻ لڳو ته ٻئي پاسي شيخ اياز جي هڪ هڪ سٽ سنڌ ۾ انقلاب برپا ڪرڻ لڳي هئي. هو پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري چڪو هو. سنڌ ۾ اهڙي ڪا محفل نه هئي جنهن ۾ اياز يا اياز جو تذڪرو نه هجي. پنهنجي ادبي صلاحيتن سبب شيخ اياز شهرت جي بلندين تي پهچندو ويو. سندس ڪلام نوجوانن جي زبان تي ايندو رهيو ۽ ڊائرين ۾ لکجندو رهيو. هو اسٽيج تي چڙهي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ماروئڙن جي ڏک ۽ درد کي لفظن جي روپ ۾ بيان ڪري شيخ اياز نه صرف سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو، پر انقلاب برپا ڪرڻ وارن ڪوين ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو:

ڏات وڏي شئي ناهي،

پر سچ وڏي شئي آهي.

جو سچ مچائي مچ،

سو مچ وڏي شئي آهي.

1950ع کان ڪراچيءَ ۾ ۽ 1952ع کان سکر ۾ شيخ اياز وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سياست ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳو. هُن مختلف ملڪن جا دورا به ڪيا ۽ ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. 1965ع، 1971ع ۽ 1986ع ۾ جيل ۾ به ويو. 13 جنوري 1976ع کان 22 جنوري 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو. جتي سندس ڪيل فيصلا ۽ کنيل قدم ان وقت سنڌ جي نوجوانن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اهم هئا، پر سندس اهو دور اڄ ڏينهن تائين تنقيد جي زد ۾ آهي. ان وچ ۾ شيخ اياز سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي لافاني ڪلام “شاهه جو رسالو” اردو ۾ ترجمو ڪيو. سندس تخليقي مواد به هند ۽ سنڌ ۾ ايتري ته مڃتا ماڻي جو سندس ڪلام جو ڌارين ٻولين ۾ ترجمو به ٿيو ۽ ڪيترائي ڪتاب حڪومت جي طرف کان بندش هيٺ به آيا.

مون هند ڏٺي سنڌ ڏٺي سچ چوڻ لاءِ،

هڪ شيخ اياز آ ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ.

شيخ اياز 94-1993ع ۾ ڏيڊ سال کن روزاني برسات جو ايڊيٽر به ٿي رهيو، جتي سندس لکيل ايڊيٽوريل به ادبي حلقن ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان علاوه نثر توڙي نظم ۾ سندس تحرير ٿيل 50 کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي دامن ۾ گلاب جي گل جيان لڳندا آهن. 23 مارچ 1994ع تي حڪومت پاڪستان طرفان ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس “هلال امتياز” سان به نوازيو ويو. پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين. پهرين گهر واري زرينه شيخ سان آخري وقت تائين گڏ رهيو تنهن مان کيس انيس اياز، سليم اياز، ياسمين، روحي ۽ نگهت، ٻي گهرواري اقبال بيگم مان، جنهن کان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي جدا ٿي ويو هو، اولاد: مونس اياز، سرمد اياز ۽ ڊاڪٽر وينگس اياز آهن.

شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو، کيس باغي شاعر ڪوٺيو ويندو هو. صرف سندس شاعريءَ کي ئي سنڌي ادب ۾ خاص حيثيت حاصل ناهي، پر شيخ اياز جون لکيل ڪهاڻيون به سنڌي ادب ۾ خاص مقام جون حامل آهن. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ايترو ته وسيع رهيو جو اياز گهٽ وقت ۾ اهو گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪو ماڻهو صدين تائين به ڪين ڪري سگهندا آهن. سندس پيغام سان سنڌ جو ٻار ۽ نوجوان، پوڙهو يا عورت ايترو ته متاثر ٿيا جو اياز جي وائي هر ڪنهن وات اچڻ لڳي. اهوئي سبب آهي جو هند يا سنڌ ۾ شيخ اياز جي ادبي حيثيت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. هن جي جوت مان اڄ تائين گهڻا ئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ اهڙو سلسلو ايندڙ وقت تائين جاري رهندو. اياز اڳ جيان اڄ به منفرد مقام ۽ اعليٰ حيثيت سان پنهنجو پاڻ مڃرائي رهيو آهي، ڪالھ جي حڪومتن مٿس بندشون وجهي پيغام کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ جي حڪومت سندس ڪتابن کي سهڻي ترتيب ۽ سٺي معيار سان شايع ڪري رهي آهي.

تون جي مون کي ڪونه مڃيندين،

مون کي ڪا پرواهه نه آهي.

آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،

مون تي ميڙو مچڻو آهي.

شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، وصيت هئڻ باوجود به مرحوم کي شڪارپور بدران آلين اکين سان ڀٽ شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شيخ اياز جي حياتيءَ توڙي وفات کانپوءِ فن ۽ فڪر تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر پوءِ به سندس شاعريءَ جي اڀياس ۾ مختلف پهلوئن تي اڃان به لکي سگهجي ٿو. هيٺ سندس ڪلام پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو:

الائي وري رات ايندي نه ايندي،

اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي.

ڀلي ڏي نه ورندي تمنا نه ورندي،

پئي دل اسان جي اوهان کي سڏيندي.

بهار آيو آهي اگر تون به آئين،

گلن سان محبت به جهولي ڀريندي.

سدا تنهنجو حسن و حيا ياد ايندو،

وري دل نه ٻي ڪا مکڙي پٽيندي.

وري تنهنجي در تي “اياز” آيو آهي،

سندس اک نه ٻي ڪا به چانئٺ چمندي.

***