جاپان بابت ڪجهه مختصر ڳالهيون….

الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل

جاپان بابت ڪجهه مختصر ڳالهيون….

الطاف شيخ

  • ٽائٽانڪ جهاز تان بچڻ تي ٿڪ لعنت

سڀ کان گهڻو جن ملڪن ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو آهي، رهڻ ٿيو آهي ۽ اتي جي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جپان انهن مان هڪ آهي. جپان ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ تي جپان جي ماڻهن يا انهن جي ڪلچر جي يڪدم خبر نٿي پوي پر پوءِ جيڪو اتي تعليم يا نوڪري خاطر وڏو عرصو رهي ٿو يا اسان جهاز جي نوڪري ڪرڻ وارن وانگر سالن جا سال ايندو ويندو رهي ٿو ته پوءِ احساس ٿو ٿئي ته هنن جو ڪلچر توڙي سوچ اسان کان يا ٻين ايشيائي ملڪن کان مختلف آهي. مثال طور اسان وٽ سئنيما هال ۾ جي باهه لڳي وڃي ۽ اسان ٻين کي ڌڪا ڏئي پنهنجي جان بچائي ٻاهر نڪري اينداسون ته مائٽ مٽ مبارڪون ڏيندا ….. اهو ئي چوندا ته واهه جي همت ڪيانوَ، چڱو ڪيانوَ، پنهنجي جان بچائي آيائو وغيره. جپان ۾ يا پنهنجي ملڪ ۾ توهان جو پنهنجي هم وطني دوستن سان ملڻ جو پروگرام هجي پر آفيس يا فئڪٽري ۾ ڪم جي گهڻائي ڪري باس طرفان موڪل جو آسرو نه هجي. پوءِ توهان اهانو بهانو ڪري ڊيوٽي تان ڀڄي دوستن سان وڃي ملندائو ته هو “واهه واهه” ئي ڪندا ته واهه جي اٽڪل ڪري ڀڄي آئين. پر يقين ڪريو ڪنهن جپاني مرد يا عورت لاءِ ائين ڪرڻ ناممڪن آهي. هو ائين ڪندو به ته هن جي ان عمل کي ڪو پسند نه ڪندو. ڇو جو جپانيءَ لاءِ هر وقت عزت آبرو (Honour)، نوڪري (Duty) ۽ شرم (Shame)- يعني خواريءَ کان بچڻ اهم ڳالهه آهي. جپاني خواريءَ جي زندگي (جيئڻ) کان موت کي ترجيح ڏئي ٿو. هو ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ ۾ به سخت پريشان ٿئي ٿو  ۽ ان ذهني ڪوفت مان نڪرڻ لاءِ هاراڪري (پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي( ڪرڻ کي بهتر سمجهي ٿو.

جپان جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ جپاني پروفيسر پنهنجن ٻن شاگردن جي فيل ٿيڻ جي خبر ٻڌي هاراڪِري (Harakiri) ڪري ڇڏي. هن ان ڏک- بلڪه Guilt ۾ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو ته هو ڇو فيل ٿيا. ضرور پڙهائڻ ۾ هن کان ڪوتاهي ٿي وئي هوندي. اسان وٽ ڪو ڏوهه ڪرڻ تي اسان سٺو وڪيل ڪري ڪورٽ مان ڪيس کٽي خوش ٿيو وڃون….. يا عيسائي ماڻهو ٻائي اڳيان پنهنجا ڏوهه گناهه بيان ڪري (Confession) ڪري پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪريو ڇڏي ۽ سڪون جي زندگي گذاريندو وتي. اسان به چئون ٿا ته رب رحيم آهي هو غفور ۽ بخشڻهار آهي. سچي دل سان توبهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آئندي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا…. يا مغرب ۾ Guilty Concscience ۾ مبتلا ٿيڻ تي جڏهن ڪنهن جون ننڊون حرام ٿين ٿيون ته ڊاڪٽر هن کي هفتي ٻن لاءِ ننڊ جون گوريون ڏئي ٿو يا سئڪاٽرسٽ هن جي سائڪو ٿيراپي ڪري ٿو. پر جپانيءَ جي ان خواري مان ايڏو سولي جان نٿي ڇٽي. اها تڏهن ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن هو اهو ڪم ڪري جيڪو هن جي سوسائٽي يا ڪميونٽي چاهي ٿي. اها گهڻين حالتن ۾ هن جو موت چاهي ٿي. ٻي صورت ۾ نه فقط اهو ماڻهو خواريءَ جي زندگي بسر ڪري ٿو پر هن جي موت بعد هن جو اولاد به! پر جي ڪو ڏوهه يا گناهه جهڙو ڪم ڪري هو پنهنجو آپگهات ڪري ٿو ته هن جي سوسائٽيءَ ۾ هن جا سڀ ڏوهه ڌوپيو وڃن ۽ هن جو اولاد به فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري هلي ٿو.

مٿي مون سئنيما هال ۾ باهه لڳڻ جو مثال ڏنو آهي. هڪ جپاني اهڙي طرح پنهنجي جان بچائي اچڻ ۾ ڪڏهن به فخر محسوس نه ڪندو. ان ڳالهه تي سندس مائٽ ۽ دوست يار به ٿڪ لعنت ڪندس…. ڇو؟ ان ڪري ته تو سئنيما ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن (ڪمزورن) کي بچائڻ بدران، هنن کان اڳ ڇو نڪري آئين؟ اهڙي زندگي حاصل ڪرڻ کان سئنيما ۾ پنهنجي واري لاءِ ترسڻ ۾ سڙي مري وڃين ها ته موت توکي امر بنائي ڇڏي ها.

هاڻ اها ڳالهه سمجهڻ بعد پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهندا ته ٽائٽانڪ جهاز جي واحد جپاني مسافر ماسابومي (masabumi Hosono) جي بچي اچڻ تي جپان وارن خوشيون ڪرڻ بدران ڏک ۽ ندامت محسوس ڪئي. جپانين جي حساب سان هن کي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ بدران جهاز تي ترسي ٻڏي ويندڙن سان گڏ ٻڏي وڃڻ کتو ٿي. هوءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ بدران ڪنهن عورت، پوڙهي يا ٻار کي جان بچائڻ جو موقعو ڏئي ها. ماسابومي جي ان عمل تي ناراض ٿي جپان جي منسٽري ٽرانسپورٽ جنهن ۾ هو وڏي عهدي تي هو، هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي سبجيڪٽ ۾ وڏي قابليت رکي ٿي ۽ وزارت ڪجهه عرصي بعد هن کي وري نوڪري ڏني پر هو سڄي عمر افسوس ڪندو رهيو ۽ بعد ۾ سندس خاندان به ته هن کي پاڻ ٻوڙڻ کتو ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ بعد ۾ ”هارا ڪِري“ ڪرڻ کتي ٿي.

هڪ جنگي جوڌو يا سپاهي (Samurai) جيڪڏهن جنگ هارائي ٿو يا پنهنجي مالڪ (Shogun) يعني جاگيردار/ وڏيري جي خدمت ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو يعني صحيح ڊيوٽي نٿو ڪري، ته جنگجو سپاهين جي ڪوڊ (Bushido) مطابق هن کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي. ان سلسلي ۾ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ اسان کي انجنيئرنگ پڙهائڻ وارو هڪ جپاني پروفيسر اسان کي فخر سان چوندو هو:

Live if you can, die if you must, but fight always with honour, and never leave shame on your family or on your country.

ٽائٽانڪ جهاز بابت تفصيل سان پنهنجي ڪتاب “موج نه سهي مڪڙي” ۾ لکي چڪو آهيان. هتي چند سٽون لکندس ته هي جهاز پنهنجي وقت جو سهڻو ۽ مضبوط پئسينجر جهاز هو جيڪو اڄ کان سئو سال کن اڳ 1912ع ۾ ٺهيو هو. پهريون دفعو هن پاڻيءَ جي جهاز ۾ ايڏي ته سيفٽي رکي وئي جو اهو ميزائيل لڳڻ سان به ٻڏي نٿي سگهيو. سڄي جهاز ۾ پاڻي ڀرجڻ بدران فقط ان ننڍڙي حصي ۾ پاڻي ڀرجي سگهيو ٿي. ٺاهڻ وارن انجنيئرن کي ايڏو اعتماد هو جو هنن چيو ٿي ته ڪارڪ (بوتل جو ٻوچ) ٻڏي سگهي ٿو پر لوهي جهاز ٽائٽانڪ هرگز نه. پر پوءِ اهو پهرين سفر جي شروعات ۾ رات جي وقت هڪ وڏي برف جي ڇپ (Iceberg) سان اهڙو رهڙيو جو ٻڏڻ ۾ ويرم ئي نه ڪيائين. جهاز جتي ٺهيو هو يعني انگلينڊ جي بندرگاهه سائوٿمپٽن کان نيويارڪ (USA) وڃي رهيو هو. مٿس 2224 مسافر ۽ جهاز هلائڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ وارو عملو چڙهيل هو جن مان 1500 ٻڏي ويا. هن سفر ۾ دنيا جا ڪجهه امير ترين ماڻهو پئسينجر هئا. جهاز ۾ مسافرن لاءِ فائيو اسٽار هوٽل جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، هاءِ ڪلاس جمنازم ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون ويون هيون پر ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ فقط ايتريون ٻيڙيون هيون جن ۾ 1178 ماڻهو چڙهي سگهن. دراصل اهڙو بندوبست به پهريون دفعو هن جهاز ٽائٽانڪ تي ڪيو ويو هو نه ته ان کان اڳ انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ نٿي رکيو ويو. هن جهاز ۾ ايترن ماڻهن جي بچاءَ لاءِ ايتريون ٻيڙيون رکڻ به اجايو سمجهيو ويو پئي جو هي جهاز ته ٻڏي نٿي سگهيو. مسافرن کي به ان ڳالهه تي ايترو ڀروسو هو جو جهاز نڪرڻ مهل جڏهن ”بوٽ ڊرل“ ٿي رهي هئي ته جيئن پئسينجرن کي خبر پوي ته ڪهڙي هنڌ تي ٻيڙيون آهن ته ان لاءِ به هو نه نڪتا. جهاز تي 48 ٻيڙين جي ضرورت هئي پر موجود 20 هيون جن مان به 4 هيٺ لهي نه سگهيون.

جهاز تي سفر ڪرڻ وارن ۾ ماسابومي هوسونو اڪيلو جپاني مسافر هو. ماسابومي 1870 ۾ نگاتا پريفيڪچر جي شهر Joetsu ۾ ڄائو. 1896ع ۾ هن ٽوڪيو هائر ڪمرشل اسڪول (هاڻ هتاتسو باشي يونيورسٽي) مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ مختلف نوڪرين دوران هن ٽوڪيو لئنگويج اسڪول (هاڻ ٽوڪيو يونيورسٽي آف فارين اسٽيڊيز) مان روسي زبان جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ وزارت ٽرانسپورٽ ۾ سرڪاري ڪامورو ٿيو. 1910ع ۾ هن کي جپان حڪومت روس موڪليو جيئن هو اتي جي سينٽرل ريلوي سسٽم بابت ڄاڻ حاصل ڪري اچي. واپسيءَ تي هن کي ٻه چار ڏينهن لنڊن رهڻو هو جتان هن ٽائٽانڪ جهاز لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، جيئن هو نيويارڪ پهچي سگهي جتان پوءِ ٽوڪيو موٽي.

10 اپريل 1912ع تي هو لنڊن کان سائوٿمپٽن پهتو جتان جهاز کي نيويارڪ لاءِ روانو ٿيڻو هو. هو سيڪند ڪلاس پئسينجر جي حيثيت ۾ جهاز ۾ سوار ٿيو ۽ جهاز اتان روانو ٿيو. جهاز کي حادثو 14 ۽ 15 اپريل جي وچ واري رات ۾ ٿيو. هو ان وقت پنهنجي ڪئبن ۾ ستل هو ته اسٽيورڊ سندس ڪئبن جو در کڙڪائي، کيس اٿاريو ته پنهنجا سفري ڪاغذات کڻي ٻاهر نڪرو جهاز ٻڏي رهيو آهي. هو ٻاهر نڪتو پر جهاز جي عملي اهو سوچي ته هي ٿرڊ ڪلاس جو مسافر آهن، هن کي ٻيڙين واري ڊيڪ ڏي وڃڻ کان جهليو پر بقول هن (ماسابوميءَ) جي هو هِتان هُتان گهتون هڻي بوٽ ڊيڪ تائين پهچي ويو. جهاز جا جنريٽر وغيره سڀ بند ٿي ويا هئا هڪ اونڌاهه هئي ۽ ٻيو سخت سيءُ ۽ جهاز جي پاسيري ٿيڻ ڪري به هلڻ مشڪل ٿي رهيو هو. جهاز تان ايمرجنسي جا بلو رنگ جا ڦٽاڪا (Flares) شوٽ ٿي رهيا هئا جيئن پري تائين ڪو جهاز انهن کي ڏسي وٺي ته هنن ٻڏندڙ کي اچي بچائي.

ماسابومي پنهنجي اڳيان ٻيڙين کي هيٺ لهندو ڏسندو رهيو جنهن ۾ پوڙها، عورتون، ٻار ۽ فرسٽ ڪلاس جا مسافر لهي رهيا هئا. هاڻ باقي چار ٻيڙيون وڃي بچيون هيون. هو ٽوڪيو ۾ رهندڙ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ياد ڪري رهيو هو ته هاڻ هنن سان ملڻ جي ڪا اميد نظر نٿي اچي. اهڙي طرح انهن چئن ٻيڙين مان به هڪ هڪ ٿي هاڻ آخري هيٺ لهي رهي هئي ته جهاز جي آفيسر اعلان ڪيو ته Room for 2 more يعني ٻيڙيءَ ۾ اڃان ٻن مسافرن جي چڙهڻ جي جاءِ آهي. ان اعلان تي ماسابوميءَ جي ڀر۾ بيٺل هڪ همراهه ٻيڙيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ پوءِ هن به کڻي پاڻ کي ٻيڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو. ماسابومي ٻڌائي ٿو ته اتي ايتري اونداهه هئي ۽ سيءَ ڪري هر ڪو ڪوٽن ۽ ٽوپن ۾ اهڙو ته ويڙهيل هو جو خبر نٿي پئي ته ڪير مرد آهي ڪير عورت.

ماسابو جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ ۽ ٻيڙيءَ جو جيئن جهاز کان ٿورو پرڀرو ٿيڻ ٿيو ته جهاز تي ڌماڪو ٿيو ۽ اهو ٻڏي ويو. جهاز تي ترسيل ماڻهن جون دانهون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون جيڪي ڪجهه دير بعد هڪ هڪ ٿي ٻڏڻ تي خاموش ٿي ويون. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ به موجود مرد، عورتون ۽ ٻار رئندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا. هر ڪو پنهنجن وڇڙيلن کي ياد ڪري رهيو هو ته هو خبر ناهي ڪنهن ٻيڙيءَ تي چڙهي پنهنجي جان بچائي سگهيا يا جهاز تي رهجي وڃڻ ڪري ٻڏي ويا. ماسابومي هوسونو ٻڌائي ٿو ته هو به سخت ڊپريشن ۾ هو ته هاڻ اڳيان ڇا ٿيندو. جيڪي ٻيڙين ۾ اچي ويا آهن انهن کي بچاءَ لاءِ ڪو واٽ ويندو جهاز اچي کڻندو يا نه ۽ جيسين ڪو جهاز کين ٻيڙين مان اچي ڪڍي، سندن ٻيڙيون سمنڊ جي ۽ مسافر سيءَ جي سَٽَ به سهي سگهندا يا نه. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترا ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل مسافر سيءَ ۽ ٿڌي پاڻيءَ ڪري رات اندر مري ويا. ڏينهن ٿيڻ تي ساڳي ڪمپنيءَ جو هڪ جهاز ڪارپاٿيا (RMS Carpathia) پهچي ويو جنهن سڀني مسافرن کي ٻيڙين مان ڪڍي نيويارڪ پهچايو. نيويارڪ کان ماسابومي جڏهن ٽوڪيو پهتو ته جپاني قوم هن جي بچڻ جي خوشي ڪرڻ بدران هن کي نفرت ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ته هن کي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي زندگي بچائڻ بدران جهاز تي ٻين سان گڏ ترسي ٻڏي وڃڻ کتو ٿي. اخلاقيات (Ethics) جا پروفيسر هن کي ندڻ لڳا ۽ سندس ان عمل کي Immoral قرار ڏيڻ لڳا ته He has Betrayed the Samurai spirit of self sacrifice. ماسابوميءَ ٻين کي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ بدران پنهنجي زندگي بچائي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي بدنامي ڪئي آهي. اهڙي جيئڻ کان ته موت بهتر هو. اخبارن ۾ ڪيترن جا خط  ايندا رهيا ته هن بدناميءَ جو داغ مٽائڻ لاءِ ماسابوميءَ کي “هارا ڪِري” ڪرڻ کپي.

سندس بدناميءَ ڪري حڪومت کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو پر پنهنجي (ريلوي جي) ڪم ۾ ماهر هجڻ ڪري کيس وري نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ۽ 1939ع ۾ وفات تائين نوڪري ڪندو رهيو. وفات بعد به هن شخص جي ڪهاڻي هن جي عزيزن ۽ پيارن لاءِ شرمساريءَ جو داغ (Stigma of shame) رهي ۽ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته:

“Everybody in his family is quite ashamed of his cowardly return from the ship.”

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments