بلاگ

جذباتي ۽ حساس ماڻهو سنڌيڪار: مير سردار چنڙ اپريل 2022

جذبات

جذبات ڪي رو مين بهه گيا هون

ڪهنا جو نه ٿا وه ڪهه گيا هون

”جذبات ۾ وھڻ“ يا ”جذبات جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ“ اھڙا ئي ڪجهه جملا اوھان ٻڌا ھوندا. اسان وٽ ھڪ رويو اختيار ڪيو ويندو آھي ته ماڻهو پنهنجن معاملن ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ حساس ھوندا آھن. مان سمجھان ٿو ته ماڻھن جي ناڪامي جو ھڪ وڏو سبب اھو رويو آھي. اسان جي معاشري ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جڏهن ڪوبه انسان ڪامياب زندگيءَ جو فيصلو ڪري پنهنجي خوابن کي حاصل ڪرڻ نڪرندو آھي ته رستي جي ڏکيائين کان اڻڄاڻ، سولو ۽ شارٽ رستو اختيار ڪري ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اھڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن وري مسئلا ۽ ڏکائيون سامھون اينديون آھن ته انھن مسئلن کي لغام ڏيڻ بجاءِ ھمت ھاري ويھندا آھن ۽ ناڪامي سدائين لاءِ پنهنجي ڳلي جو ھار بڻائي ڇڏيندا آھن. اھي جذباتي ۽ حساس ماڻھو سڄي عمر ماڻھن کي اھو ھڪ داستان ٻڌائيندي پنهنجي ناڪامي کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

ھر اھو انسان جيڪو زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪامياب ٿيڻ چاھيندو آھي ان کي پنهنجي غلطين ۽ احساسن کي مٿي سان ٻڌي ڪري انھن جو داستان ٻڌائڻ بدران انھن پٿرن وانگر پيرن ھيٺان گڏ ڪري محل ٺاھڻ سکڻو پوندو. ماڻھو اڄ بزنس جي شروعات ڪندا آھن ۽ چاھيندا آھن ته بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ پريشاني جي ھڪ مھيني اندر پنھنجي بزنس ۾ ڪامياب ٿي وڃن، اھو ناممڪن آھي. جيستائين رڪاوٽون ۽ مسئلا نه ھوندا تيستائين اوھان ڪامياب بزنس مين نٿا بڻجي سگھو. ڏکائيون اينديون ناڪامين کي منهن ڏيڻو پوندو تڏھن ئي اوھان ڪاميابيءَ جي قابل بڻجندا.

فرض ڪريو ته اوھان چلھي ۾ باھ ٻاريو ۽ اڻڄاڻائي ۾ چلھو ڀڙڪو کائي ۽ اوھان باھ ۾ ھٿ ساڙي ويھو ته ڇا ٻيھر توهان باھ ٻارڻ ڇڏي ڏيندو؟ نه ڪڏهن به نه! پر اوھان ٻيھر باھ ٻارڻ وقت خيال ڪندو. جڏهن ھٿ سڙڻ تي اوھان باھ ٻارڻ نه ڇڏي ته ڪاميابي جي رستي ۾ مصيبتن کان پريشان ٿي ڪري ڪاميابي جو رستو ڇو ڇڏي ڏيندا آھيو؟ انسان جي لاءِ ھيءَ زندگي آزمائش جو گھر آھي ھتي اوھان کي ھر موڙ، ھر جڳھ ۽ ھر مقام تي ڏکائين سان منهن ڏيڻو پوندو، پر ان سفر ۾ ڪامياب اھو آھي جيڪو انھن تڪليفن ۽ ڏکائين کان ڊڄندو ناھي، پرجوش جذبي سان اڳيان وڌندو آھي. مان ڏسندو آھيان ته ھر جذباتي انسان وٽ ٻڌائڻ لاءِ ھڪ رام ڪٿا موجود ھوندي آھي ۽ اھائي رام ڪٿا سندس ناڪامي جو سبب بڻجندي آھي. ياد ڪريو درد، مسئلا، تڪليف، اڪيلائي ۽ رڪاوٽن کان وڏو دنيا ۾ ڪوبه استاد ناھي، جيڪو ڪجهه انسان ڏکن ۽ تڪليفن مان سکندو آھي ايترو شايد ئي کيس ڪا ٻي شيءِ سيکاري سگھي. رڪاوٽن باوجود ھمت ٻڌڻ ۽ اڳيان وڌڻ ڏکيو ضرور آھي، پر ناممڪن ناھي. ڪاميابي چاھيندي آھي ته پنهنجا درد، پنهنجي تڪليف ۽ اڪيلائي کي پنهنجو استاد بڻايو. جذبات ۾ وھي ڪري ناڪامي کي راضي رھڻ ڪامياب ماڻھن جي روش ناهي، ڪامياب ماڻھو پنهنجن جذباتن کي ھڪ حد تائين اھميت ڏيندا آھن، پر انھن کي پاڻ تي گھيرو ڪرڻ ناهن ڏيندا. مان اڪثر ماڻھن وٽان ٻڌندو آھيان ته ناڪام نه ٿيڻ اصل ۾ ڪاميابي آھي. منهنجي خيال ۾ اھا سراسر غلط فھمي آھي. ڪاميابي ۽ ناڪامي  ھڪ سڪي ڄا ٻه پاسا آھن، ماڻھو مون کي ڪامياب سمجھندا آھن، پنهنجو آئيڊيل ۽ رول ماڊل مڃيندا آھن. اھي سمجھندا آھن ته مون کي ڪڏهن زندگيءَ ۾ ناڪامي کي منهن ناھي ڏيڻو پوندو، پر حقيقت اھا آھي ته مان اڄ به ھر ايندڙ ڏينهن ناڪامين کي منهن ڏيندو آھيان. پنهنجي ناڪامين مان سکندو آھيان ۽ اڳيان وڌندو آھيان. ھا، پر منهنجي ڪاميابي اھا ضرور آھي ته مان ڪڏهن ناڪامي کي مٿي سان ٻڌو ناهي.

ھڪ سال اڳ ھڪ صاحب مون سان ملڻ آيو ۽ چوڻ لڳو شيرازي صاحب مان به ڪامياب ٿيڻ چاھيان ٿو. مان ان کان سوال ڪيو ته محترم اوھان ڪيترن ڏکائين ۽ مسئلن کي منهن ڏيئي سگھو ٿا؟ ڪيتريون ڏکائيون ۽ تڪليفون برداشت ڪري سگھو ٿا؟ ھو حيراني سان مون کي ڏسڻ لڳو. مان ان کي ٻڌايو ته: جناب ڪاميابي اصل ۾ ناڪامين سان مقابلو ڪري اڳيان وڌڻ جو نالو آھي. جيڪڏهن توھان مون کان ڪاميابي جو تعارف پڇندا ته مان اوھان کي گھر، گاڏي ۽ دولت نه ٻڌائيندس، پر ڪاميابي زندگيءَ جي لاءِ وڃڻ واري ھر قدم تي ڏکيائي ۽ ناڪامي باوجود جيڪڏهن اوھان جي دل مطمئن ۽ خوشحال آھي ته منهنجي خيال ۾ اھائي ڪاميابي آھي. منهنجي خيال ۾ ڪاميابي جو مثال جبل تي چڙھڻ جھڙو آھي، جتي بلندي طرف اٿندڙ ھر قدم اوھان کان اوھان جي محنت ۽ ھمت جو سوال ڪندو آھي. توھان کي زور لڳائڻو پوندو آھي ان زور لڳائڻ ۾ جيڪڏهن اوھان خوشي محسوس ڪريو ٿا ته اوھان ڪامياب آھيو. جيڪڏهن ھر قدم اوھان کي ٿڪائي رھيو آھي ته اھا ڪاميابي ناھي، پر ناڪامين جو بار کڻي اڳيان وڌي رھيا آھيو. ڪاميابي جي لاءِ ناڪامي مان سکي ڪري ان جو بار پاڻ تان لاھي اڳيان وڌڻ سکو تڏهن ئي دل مطمئن ۽ پرسڪون ٿيندي سفر سولو ۽ پرسڪون ٿيندو. ڪاميابين کي پنهنجي مصروفيت بڻائڻ وارا ڪڏهن ناڪامين کان ناھن گھٻرائيندا. ياد ڪريو ڪاميابي ڪڏهن آخري ناھي ھوندي ڪنهن ڪاميابي جو سفر ڪڏهن آخري ناھي ھوندو، ھر ڪاميابي پويان نئين ڪاميابي، نئون سفر اوھان جو منتظر ھوندو آھي، پر پاسو نه ڪريو ناڪامين مان سکڻو آھي ۽ اڳيان وڌڻو آھي.