جسٽس فائز عيسيٰ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي موقف جي تائيد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي جڊيشل ڪائونسل ۾ مخالفت ڪندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته آئين جي شق 182 ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ بابت آهي، پر اها چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ تي لاڳو نٿي ٿئي. خط موجب شق 182 ۾ واضح آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ان وقت ايڊهاڪ جج مقرر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن اعليٰ عدالت ۾ ڪورم پورو نه هجي، ڪورم مان مراد آهي ته جڏهن ڪنهن ڪيس يا معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن جي ضرورت پئي ۽ سمورا جج مقرر ٿيل نه هجن ته ايڊهاڪ جج مقرر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته هن وقت اهڙي صورتحال بلڪل به نه آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ساڳي شق جي ذيلي شق (ب) چئي ٿي ته هاءِ ڪورٽ جو جج سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ به هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشورو ڪرڻ ضروري آهي، ان مان واضح آهي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي ايڊهاڪ جج مقرر نٿو ڪري سگهجي. جسٽس فائز عيسيٰ ٽيون نقطو اهو کنيو ته جنهن ڏينهن ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ لاءِ جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، ان ڏينهن تائين جسٽس محمد علي مظهر سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف نه کنيو هو، ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو آئيني طور انگ مڪمل نه هو، جڏهن ته چيف جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ آئيني انگ پورو آهي، ان لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪري رهيا آهيون، جيڪو درست موقف نه هو. 28 جولاءِ واري جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جو موقف هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت سينارٽي لسٽ موجب 4 ججن ۾ قابليت نه آهي، ان ڪري پنجين نمبر واري جج کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن جي مون تائيد ڪئي، سوال اهو آهي ته وري اوچتو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۾ قابليت ۽ صلاحيت ڪيئن اچي وئي؟ جنهن ۾ مستقل جج مقرر ٿيڻ جي صلاحيت نه آهي، ان کي ايڊهاڪ جج ڪيئن ٿو مقرر ڪري سگهجي، اها ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي توهين آهي. جسٽس فائز عيسيٰ موجب 13 جولاءِ ۽ 28 جولاءِ 2021 جون جڊيشل ڪائونسل جون گڏجاڻيون به درست نه هيون ۽ انهن کي غلط طريقي سان رڪارڊ ڪيو ويو، انهن آئيني ۽ قانوني نقطن جي بنياد تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ واري راءِ کي رد ڪريان ٿو.