جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواريءَ کي 3 ڪروڙ ٽيڪس جمع ڪرائڻ جو نوٽيس
ايف بي آر، سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسى کي ساڍا 3 ڪروڙ رپيا واجب الادا ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سرينا عيسيٰ جو چوڻ آهي ته ايف بي آر مون کي ٻڌڻ کانسواءِ منهنجي خلاف غير قانوني آرڊر پاس ڪيو آهي. منهنجي ڪراچي ۾ وڪرو ٿيل جائيدادن کي به منهنجي آمدني ۾ ظاهر ناهي ڪيو ويو، نه منهنجي زرعي آمدني کي شامل ڪيو ويو ۽ نه ئي منهنجي پگهار کي شامل ڪيو ويو آهي. سرينا عيسيٰ جو چوڻ آهي ته منهنجي بار بار درخواست جي باوجود منهنجي بيانن جا تفصيل نه ڏنا ويا ۽ نه ئي ان آرڊر کان پهرين منهنجو ڪو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ چيو ته هوءَ ٽيڪس فائلر آهن ۽ ڪراچي ۾ انهن جا ٽيڪس ريٽرن فائل ٿي چڪا آهن، پر ان جي باوجود چيئرمين ايف بي آر مون کي ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جمع ڪرائڻ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن صحافين کي ڏنل بيان ۾ سرينا عيسيٰ چيو ته 14 سيپٽمبر تي کيس چيئرمين ايف بي آر ذوالفقار احمد طرفان 164 صفحن تي ٻڌل حڪم نامون موڪليو ويو جنهن مطابق ان تي ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ٽيڪس واجب الادا آهي. سرينا عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اها خبر ناهي ته ڇا واقعي اهو آرڊر ايف بي آر پاڻ لکيو آهي يا نه. هن چيو ته مقرري کان اڳ چيئرمين ايف بي آر ذوالفقار 10 مئي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان هڪ متنازع بيان ڏيئي چڪو آهي. بقول هن جي، مون کي ٽيڪس نوٽيس موڪلڻ جو هنن وٽ ڪو قانوني جواز نه هو. سرينا عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ايف بي آر پاران 25 جون تي موڪليل نوٽيس “خفيه” لکيل هو، پر ان جي باوجود نوٽيس کي لفافي مان ڪڍي ٻاهرين دروازي تي چنبڙايو ويو. هن چيو ته هي ڪهڙو ڪانفيڊينشل ليٽر هو جيڪو عام ڪيو ويو، اهو شرمسار ڪرڻ جو هڪ طريقو هو جيڪو اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته چيئرمين ايف بي آر پاران موڪليل اٺن نوٽيسن کانپوءِ جمع ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت به مقرر نه ڪيو ويو تڏهن به مون نوٽيس ملڻ جي 10 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرايا. هن چيو ته مون هر نوٽيس جو تفصيلي جواب جمع ڪرايو آهي، 25 جون تي منهنجو والد فوت ٿي ويو، انهيءَ ڏينهن ايف بي آر جو نوٽيس به وصول ٿيو. سرينا عيسيٰ چيو ته اڃان تائين ايف بي آر کيس ٻڌڻ لاءِ باضابطه ٻڌڻي مقرر ناهي ڪئي. هن چيو ته منهنجي ايف بي آر کي درخواست آهي ته ٻڌڻي جي تاريخ ۽ هنڌ کان آگاهه ڪيو وڃي، پر چيئرمين ايف بي آر مون کي ٻڌڻ کانسواءِ مون کي حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڏوهي قرار ڏيئي ڇڏيو. هن چيو ته هن عمران خان ۽ سندس مددگارن کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو هوندو. ياد رهي ته 19 جون تي سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان داخل ڪيل درخواست جيڪا صدارتي ريفرنس خلاف هئي، درخواست جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي صدارتي ريفرنس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ايف بي آر کي ٽيڪس معاملن متعلق تحقيق ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي.