چين پاران جسم کي مفلوج ڪندڙ هٿيار تيار
چين جي سائنسدانن مائڪرو وَيوو ٽيڪنالاجي (Microwave Technology)جي مدد سان هڪ اهڙو هٿيار تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي مدد سان انساني جسم کي مفلوج بڻائي سگهجي ٿو. هن پروجيڪٽ جو نالو مائڪرو وَيوو ايڪٽو ڊنائل سسٽم رکيو ويو آهي. هن هٿيار کي ٻن طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. هڪ ته هن کي سامهون انسان جي جسم جي مخصوص حصي تي فائر ڪيو وڃي ٻيو طريقو اهو آهي ته هن هٿيار کي وڏي پئماني تي دهشتگردن خلاف استعمال ڪيو وڃي. چين جي ماهرن مطابق هن هٿيار سان سامهون واري انسان کي ڪوبه زخم يا مستقل تڪليف نه ٿيندي جنهن کان علاوه اهو نظام ڪنهن به گاڏي ۾ لڳائي سگهجي ٿو ۽ پهرين مرحلي ۾ هن نظام کي چين جي پوليس ۽ ڪوسٽ گارڊ جي عملي جا ماڻهو استعمال ڪندا. چيني ماهرن موجب هي ٽيڪنالاجي زميني ۽ بحري ڪاررواين لاءِ ڪار آمد ٿي سگهي ٿي.