بلاگ

جمهوريت جون اهم خاصيتون ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ April 2021

جمهوريت کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪامياب نظام سمجهيو ويندو آهي. جمهوريت عام ماڻهن کي اهو اختيار ڏيندي آهي ته هو انتخابات ذريعي فيصلا ڪن ته ملڪ کي هلائي سگهجي. ايئن ئي عوامي منتخب نمائندن جي ذريعي حڪومت چونڊي ويندي آهي. جمهوريت جو نظريو ڪافي وسيع آهي، هر ملڪ ۾ ان جي حالتن مطابق هڪ منفرد جمهوري نظام هوندو آهي. ايئن ئي مختلف ملڪن ۾ مختلف انداز سان جمهوريت آهي، جمهوريت جون ڇهه بنيادي خاصيتون آهن. 1- بنيادي انساني حقن جو احترام. 2- سياسي رواداري تي مشتمل هڪ گڏيل پارٽي سسٽم. 3- هڪ ڊيمو ڪريٽڪ ووٽنگ سسٽم. 4- قانون جي حڪمراني. 5- جمهوري طرز حڪمراني. 6- شهرين جي شموليت.

هاڻي سمورين خاصيتن جو جائزو وٺنداسين، جمهوريت جي سڀ کان وڌيڪ خاصيت بنيادي انساني حقن جو احترام آهي.

بنيادي حقن جو احترام:

جمهوريت جي هن قسم جي خاصيت ۾ دنيا جي ملڪن ۾ شهرين جي بنيادي حقن جي وضاحت ڪئي وئي آهي. هن ۾ عمومن ووٽ ڏيڻ جو حق اظهار جي آزادي کان مذهبي آزادي ۽ برابري مڙهڻ جو حق آهي.

  1. گڏيل پارٽي سسٽم ۽ سياسي هم آهنگي:

هن قسم جي خاصيت ۾ مختلف پارٽي نظام آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه پارٽي نظام هئڻ لازمي آهي، جنهن ۾ هن ذريعي چونڊن ۾ منتخب نمائندن ذريعي ووٽنگ ٿيندي آهي جنهن کانپوءِ جيڪا پارٽِي اڪثريت سان کٽي ٿي اها ئي حڪومت ۾ ايندي آهي. جنهن ذريعي پارليامينٽ ۾ مختلف ذهنن جا ماڻهو ايندا آهن جمهوريت ۾ فعال حزب اختلاف حڪمران جماعت يا ان جي اتحادين جي ڪارڪردگي تي گهري نظر رکندا آهن ۽ ايئن ئي ان تي بحث ڪندا آهن، ايئن ئي حڪومت کي پنهنجي احتساب جو خوف هوندو آهي. وڌيڪ سياسي جماعتي نظام ۾ ڪيترائي سياستدان ايندا آهن، جيڪي رواداري سان بحث مباحثو ڪن ٿا ته جيئن هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو برقرار رکن. جمهوريت جي هن قسم ۾ پڻ اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته ايئن نه ٿئي جنهن سان ڪنهن جي بنيادي حقن جي لتاڙ نه ٿئي. اختلافن باوجود هڪ ٻئي کي قبول ڪرڻ ۽ سڀ جي سامهون احترام سان پيش اچڻ ضروري آهي. جمهوريت ۾ ڪنهن به قسم جي معاملي جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيو وڃي ٿو.

  1. جمهوري ووٽنگ سسٽم:

جمهوري ووٽنگ سسٽم ذريعي سمورن بالغ شهرين کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آهي. چونڊ هڪ خاص مدد کانپوءِ باقاعدگيءَ سان ٿئي ۽ انتخابات آزاد ۽ شفاف هجي ۽ جيڪا سياسي پارٽي اڪثريت سان ووٽ کڻي ان جي حڪومت ٿئي.

  1. قانون جي حڪمراني:

هن قسم جي جمهوري خاصيت ۾ هن اصول کي مد نظر رکيو وڃي ٿو ته عوامي عهديدار پنهنجي طاقت جو استعمال ان وقت ڪري سگهي ٿو جڏهن ان کي قانون جي اجازت ڏبي هن ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال نٿو ٿي سگهي. ضروري آهي ته سمورا فيصلا قانون موجب هجن آزاد عدالتن ذريعي قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو صرف آزاد عدالتن کي اختيار هجي ته هو منصفاڻه فيصلا ٻڌائي سگهن، جمهوريت مان فيضياب هئڻ لاءِ ضروري آهي ته قانون جي حڪمراني هجي.

  1. جمهوري طرز حڪمراني:

هن قسم جي خاصيت جو تعلق هن سان آهي ته هڪ چونڊيل حڪومت ڪيئن پاڻ کي منظم رکي ٿي. هڪ جمهوري رياست ۾ اختيارن جي عليحدگي لازمي هوندي آهي. هن قسم جي خاصيت کي ٽن شاخن ۾ ورهايو وڃي ٿو. (1) ايگزيڪيوٽو (2) ليجسليچر (3) جوڊيشري آهن.

ليجسليچر جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ۽ ايگزيڪيوٽو جو ڪم انتظامي معاملا ۽ پاليسيون جوڙڻ آهي. آزاد عدالتون قانون جي تشريح ڪري ان کي لاڳو ڪن ٿيون.

چيڪ اينڊ بيلنس ذريعي اهو ڏٺو وڃي ٿو ته ڪير پنهنجي طاقت جو استعمال غلط نه ڪري جمهوري طرز حڪومت ۾ شفافيت فوري عمل ڪرڻ جي صلاحيت، اهي عمل آهن جن ذريعي عوامي ماڻهن آڏو جوابده هوندا آهن. هڪ ڪامياب جمهوري نظام جي آخري خاصيت.

  1. شهرين جي شرڪت:

جمهوريت ماڻهن کي با اختيار بڻائي ٿي ۽ ماڻهو کي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ حصو وٺڻ ۽ ايئن ئي معاشري ۽ ملڪي معاملن کي متعين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. جمهوريت اتي ڪامياب ٿئي ٿي جتي ماڻهن جي شرڪت جام هجي يعني ماڻهو سياسي جماعتن ۾ شامل هجن.

ان کان علاوه عوام حڪومت جي ڪارڪردگي تي به نظر رکن ۽ ٻين شهرين کي به متحرڪ رکن جتي جمهوريت جون ڇهه خاصيتون موجود هجن.  اهي معاشرا وڌيڪ جمهوري هجن ٿا. جن ۾ مٿين ڇهن خاصيتن جو اطلاق ٿئي ٿو. جيئن ته انساني وقار جو احترام آزادي، برابري، انصاف، سٺي طرز حڪمراني، امن امان ۽ چونڊيل نمائندن جي احتساب جو عمل. جمهوريت نه صرف چونڊ واري ڏينهن ووٽ ڏيڻ جو ڏينهن ناهي. جمهوري معاشري جي تشڪيل ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.