آصف زرداري سياسي بروٽس! اختر حفيظ April 2021
ملڪ ۾ هائبرڊ جمهوريت لا هاڻي سموريون رنڊڪون ختم ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ڊيمو ڪريٽ موومينٽ (پي ڊي ايم) دم ٽُوڙي چڪي آهي، سينيٽ ۾ پ پ ۽ نواز ليگ کي شڪست اچي چڪي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ اپوزيشن واري سيٽ ماڻڻ واري سستي سودي تي راضي ٿي وئي آهي. نواز شريف ملڪ اچي ڪا هلچل هلائڻ لا تيار ناهي ۽ ڪا اهڙي سياسي تحريڪ جيڪا عوامي اڀار سبب پيدا ٿئي ان جا ڪي امڪان پري پري تائين نظر نه پيا اچن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي سانن جي پاڻ ۾ ويڙهه هجي ته عوام ٻوڙن جيان ئي لتاڙبو آهي، سو عوام لتاڙجي رهيو آهي.
پي ڊي ايم ٺهڻ کان وٺي، ان جي گڏجاڻين ۽ پو حڪومت خلاف سياسي جلسا ڪري حڪومت جي وڃڻ جون تاريخون ڏيڻ تائين جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو، ان ۾ اها اميد ضرور پيدا ٿي هئي ته حڪومت خلاف هلندڙ هاڻوڪي سياسي هلچل ڪو رنگ ضرور لائيندي، پر جڏهن پي ڊي ايم جو هاڻوڪو آخري اجلاس ٿيو ته ان ۾ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري وڌيون جو پي ڊي ايم ڪک پن ٿي وکري وئي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف وطن واپس موٽي اچي ته استعيفائون ڏنيون وينديون ۽ هو جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. ان اجلاس کان پو جيڪا صورتحال سامهون آئي، ان کانپو نواز ليگ اڳواڻ ته اهي به ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته آصف زرداري کين چوندو رهيو ته سندس هڪ ئي پٽ آهي ۽ هو اسٽيبلشمينٽ سان نٿو وڙهي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه آصف زرداري ان حوالي سان ڪئي هجي ته هاڻي قربانيون ڏيڻ جو وارو پنجاب جو آهي، پيپلز پارٽي گهڻا ماڻهو مارائي چڪي آهي، پر اهي امڪان روشن هئا ته آصف زرداري پي ڊي ايم لا سياسي بروٽس ضرور ثابت ٿيندو ۽ وقت اچڻ تي هو نه رڳو “ڪمپني بهادر” سان سياسي سودي بازي ڪندي دير نه ڪندو بلڪه سمورين سياسي واعدن کي پٺي ڏئي ڇڏيندو.
ظاهر آهي ته پي ڊي ايم ۾ جيڪي به جماعتون موجود آهن، انهن جا به پنهنجا پنهنجا مفاد آهن ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ انهن کان ان ڪري ڏاڍي آهي جو اهي سدائين ان جا مهرا ٿي استعمال ٿيندا رهيا آهن. پ پ جو پي ڊي ايم کي پٺي ڏيڻ کانپو اهو ته ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلز پارٽي نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ “ڪمپني بهادر” لا بهتر چوائس آهي ۽ اها ئي سدائين “ڪمپني بهادر” جي گڏ ڪيل گند کي به صاف ڪندي آئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي هاڻوڪي پيپلز پارٽي تائين تاريخي طور ائين ئي ٿيندو آيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کي اها غلط فهمي هئي ته هن ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ کانپوءِ 90 هزار فوجي قيدي واپس ڪرايا، ٽٽل ڦٽل ملڪ کي وري پيرن تي بيهاري شڪست جو منهن موڙي ڇڏيو، اها اسٽيبلشمينٽ هن سان دوکو ڪندي اهو ممڪن ئي ناهي، پر پو ائين ئي ٿيو، جيئن پلان ۾ رٿيو ويو هو. پ پ جي هڪ بهترين ڳالهه اها آهي ته اها “ڪمپني بهادر” کان اقتدار ماڻيندي ماڻيندي مارجي ويندي آهي، پر ڪڏهن به اها عوام لا اقتدار ڇڏڻ لا تيار نه هوندي آهي.
سينيٽ وارين چونڊن ۾ جڏهن يوسف رضا گيلاني حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي شڪست ڏني ته پيپلز پارٽي کي لڳو ته “ڪمپني بهادر” غير جاندار ٿي وئي آهي، پر دنيا ۾ ڪوبه فرد يا ڪابه شي غير جانبدار نه هوندي آهي. اوريانا فلاچي بقول ته جڏهن توهان چڱائي برائي واري عمل دوران اهو چئو ٿا ته اوهين غير جانبدار آهيو ته اوهين برائي جي پاسي ئي هوندا آهيو. سو ملڪي اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار ٿي وڃي ته اهو ممڪن ئي ناهي، اها پنهنجا مهرا پنهنجي مرضي سان هلندي آهي ۽ اها جڏهن جتي چاهي، جنهن سياسي مهري کي استعمال ڪري ان لا ڪو مسئلو ئي ناهي. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آ “ڪمپني بهادر” لا بهترين پارٽيون ان ڪري به آهن، جو اهي ڪا مزاحمت نٿيون ڪن ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا سياسي مزاحمت رهي آهي.
پي ڊي ايم کان ڌار ٿي پيپلز پارٽي هڪ پاسي ته عوام سان ته ويساهه گهاتي ڪئي آهي ته ٻئي پاسي هن پنهنجو وزن ايترو ته ڪيرائي ڇڏيو آهي جو هاڻ اها ڪوبه سستو سودو ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ اپوزيشن واري عهدي تي به راضي ٿي وئي آهي. تنهنڪري توب جي درخواست ڏئي بندوق تي راضي ٿيندڙ پيپلز پارٽي پنهنجي پوزيشن ان ڪري به ڪمزور ڪئي آهي جو ان کي سنڌ حڪومت بچائڻي آهي. جيڪڏهن نظام جي هلڻ جي ڳالهه آهي ۽ آصف زرداري نظام کي هلائڻ چاهي ٿو ته ڪهڙو نظام؟ اهو نظام جنهن ۾ عمران خان نيازي ۽ سندس چونڊيل حڪومت جا هٿ پڻ ٻڌا پيا آهن، انهن مان ڪوبه آزادي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي. پارليامينٽ ۾ فيصلا ٿيڻ بدران رڳو آرڊيننس وسيلي فيصلا ڪري مڙهيا پيا وڃن. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اهو اعلى ايوان آهي ۽ اتي ملڪ جا چونڊيل نمائندا ويٺل آهن. هي معاملو نظام کي بچائڻ جو نه بلڪه سنڌ حڪومت کي بچائڻ جو آهي. اڄ نواز شريف جڏهن بنهه گهڻي سخت ٻولي ڳالهائي ٿو ته اهو رڳو ان ڪري جو هن وٽ وڃائڻ لا هاڻ پنجاب حڪومت به ناهي. ڇاڪاڻ ته اتي بوزدار جهڙو “هوشيار” وڏو وزير ويٺو آهي، تنهنڪري نواز شريف پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان سياسي ويڙهه ڪرڻ پئي چاهي.
پر جيڪڏهن ڪوبه اتحاد رڳو سياسي مصلحتن جي ور چڙهي وڃي ۽ ان ۾ موجود اتحادي جماعتن کي به هڪٻئي تي اعتبار نه هجي ته پو اهو ته هاڻوڪي نا اهل حڪومت لا غنيمت ئي ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لا تيار ناهي، پر هن جو سڄو زور ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ نواز شريف توڙي زرداري جي اڳوڻين حڪومت خلاف واويلا ڪرڻ آهي. تنهنڪري جڏهن اپوزيشن پارٽيون ئي ايترو مضبوط نه هجن ته ڪنهن به پارٽي لا حڪومت ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي. پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کان پنهنجون راهون ڌار ڪري چڪي آهي. پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ سان جيڪو دوکو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، پر سياسي بروٽس آصف زرداري کي ايترو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته دوکو ڏيندڙ هڪ ڏينهن دوکي جو شڪار به ضرور ٿيندو آهي.

