جمهوريت قيمتي آهي
اهو ٻه سئو سالن جي عرصي کان مٿي بنا ڪنهن تعطل جي قائم آمريڪي جمهوريت ۽ معاشري لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ ڏينهن هو. جڏهن 6 جنوري 2021ع تي ڪيپٽل هل تي ڪانگريس جو اجلاس پئي هليو ته جيئن نئين صدر جي ڪاميابي جي حتمي پڌرائي ڪري سگهجي تڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين ڪيپٽل هل تي حملو ڪري ڏنو جن کي خود صدر ٽوئيٽ ڪري ڀڙڪايو هو. هجوم ايترو ته مشتعل هو جو ڪانگريس جي ميمبرن کي حملي آورن کان لڪي جان بچائڻي پئي انهيءَ وڳوڙ ۾ پنج ماڻهو مري ويا. صورتحال کي ضابطي ۾ اچڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳا، پر ڪجهه واقعا تاريخ بڻجي وڃن ٿا. 6 جنوري 2021 وارو ڏينهن جمهوريت جي تاريخ ۾ هڪ زخم جيان ياد رهندو ۽ هڪ اهڙي تلخ ياد جي صورت ۾ جنهن جو رياست هاءِ متحده آمريڪا جي عوام ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
انهيءَ سڄي اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ آئيني ادارا پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. ڪانگريس پنهنجو اجلاس جاري رکيو. محترم جوبائيڊن جي آئنده چار سالن لاءِ ڇائيتاليهين آمريڪي صدر جي عهدي جي حتمي منظوري ڏني. جنهن 20 جنوري 2021ع تي آمريڪا جي صدر جي حيثيت ۾ حلف کنيو. هڪ طرف آمريڪا جمهوريت جي وشال شاهراهه تي پنهنجي سفر جي اڳين منزلن ڏانهن پيش رفت پئي ڪئي ته ٻئي طرف آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ تشويش ۽ خوف هو ته ان ڏينهن ڪا اڻ ٿيڻي نه ٿي وڃي. ڪو حادثو نه ٿي وڃي. ڪيپٽل هل جي زخم جي ياد اڃان تازي هئي. تڏهن ته انهيءَ حلف واري تقريب کي سخت حفاظتي انتظام جي حصار ۾ طئي ڪيو ويو، جنهن کي نيشنل گارڊز سنڀالي رهيا هئا، حلف جي تقريب شانائتي هئي. پهريون دفعو هو جو انهيءَ تقريب کي ماڻهن کان پري رکيو ويو. سڄي تقريب کي ورچوئل طريقي سان ترتيب ڏنو ويو جيئن ماڻهو گهر ويٺي انهيءَ کي ڏسي سگهن. جڏهن ته هن کان اڳ 20 جنوري 2007 تي جمعي جي ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ ٽي لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.
هاڻ حقيقت هيءَ آهي ته محترم جوبائيڊن 46 هون آمريڪي صدر ۽ ڪملا هيريس نائب صدر آمريڪا آهي. جمهوريت 6 جنوري 2021 تي هڪ جهٽڪو کائي به پنهنجي طاقت سان جمهوري روايت جي سگهه کڻي اڳيان وڌي وئي. حلف جو اهو ڏينهن جمهوريت ۽ انساني آزادين ۾ يقين ڪندڙ سموري دنيا جي ماڻهن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هو. جو جمهوريت کٽي ورتو ۽ نراجيت هارائي وئي.
سابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ڪاوڙ ۾ هو جو هن حلف جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. سوال اهو آهي ته ٽرمپ ايئن ڇو ڪيو. ڪن فردن جي اندر ۾ به هڪ آمريت ۽ خود غرضي جي حد تائين خود پسندي پئي رهي آهي. ٽرمپ جي شخصيت انهيءَ نامناسب لاڙي جو شڪار رهي آهي. جڏهن هن جي اقتدار جو سج غروب ٿي رهيو هو انهيءَ وقت به پنهنجي هارائڻ جي حقيقت کان انڪار ڪندو رهيو. هن بلڪل آخر ۾ جمهوري حسن ۽ باوقار انتقال اقتدار جي عمل کان پاڻ کي محروم رکيو، جو آمريڪي جمهوريت ۽ انهيءَ جي شاندار روايتن لاءِ هڪ نه سونهندڙ عمل هو. ٽرمپ جي اقتدار جي ابتدا اسان جو مطلب آهي. 2017ع جون چونڊون جن جي نتيجي ڊونلڊ ٽرمپ 45 هون آمريڪي صدر بڻيو. تڏهن به اهو هڪ تخريبي عمل جي ذريعي ٿيو. هن Post truth جي آڌار تي نفرت تي ٻڌل بيانئي جي زور تي اقتدار حاصل ڪيو. ايڪيهين صدي جي ٻي ڏهاڪي ۾ اهو صرف آمريڪا ۾ نه ٿي رهيو هو، پر ڪجهه ٻين ملڪن ۾ انهيءَ سان ملندڙ عمل جي نتيجي ۾ اهڙي خود پسند ۽ پنهنجو ذاتي سچ رکندڙ قيادتون اڀري آيون. ٽرمپ جي شخصيت ۽ سوچ نرالي هئي هن رنگ، نسل ۽ عقيدي جي هٿيار کي استعمال ڪيو ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته هو آمريڪي عوام کي رنگ، نسل، عقيدي جي بنياد تي ورهائڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ آمريڪا جي جمهوري، آزادي پسند محبوب عوام کي نفرت جي بيانئي تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ته: رنگ، نسل جا تفاوت ٺيڪ آهن. انساني برابري جي ڪا معنيٰ نه آهي.
اڄ 2021ع ۾ به آمريڪي معاشرو رنگ، نسل ۽ عقيدي جي فرق ۾ ورهايل آهي. هن 21-2020ع ۾ آمريڪي صدارتي انتخاب جي عمل ۾ 232 اليڪٽوريٽ ووٽ حاصل ڪيا، پر ايئن تادير نه رهيو ڇو جو نفي جون طاقتون ڪمزور ٿين ٿيون. سندس سامهون جوبائيڊن 306 اليڪٽوريٽ ووٽ کنيا، نفرت ديرپا نه رهندي آهي، جڏهن ته انهيءَ جو ڦهلاءُ ۽ اڀار ڪو گهڻو وقت نه رهندو آهي ۽ نه ئي انساني ۽ جمهوري قدرن ۾ انهيءَ لاءِ ڪا جاءِ آهي. نفرتن ۽ ورهاست جي سياست آمريڪا ۾ 3 نومبر 2020 جي چونڊن ۾ شڪست کائي وئي، ايئن ڇو ٿيو ۽ ايترو جلدي ڇو ٿيو. انهيءَ جو سبب جمهوريت جي آمريڪي تاريخ ۽ انهيءَ جي توانا روايت آهي. آمريڪا دنيا جو پهريون ملڪ آهي جتان جمهوريت پنهنجي شروعات ڪئي. اهو اهڙو ملڪ آهي جتي 200 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جمهوري نظام ڪم ڪري رهيو آهي. ان جي بنياد ۾ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ غير روايتي فيصلي جي قوت آهي جا انهيءَ جي دور انديش قيادت ڪئي. اهو فيصلو ڪندڙ شخص هئا ٿامس جيفرسن، بنجامن فرئنڪلن ۽ جان آدمس ۽ پهرين صدر طور جارج واشنگٽن. 1789ع ۾ تاريخ ٺهي رهي هئي، جمهوريت جو سج اڀري رهيو هو ۽ جارج واشنگٽن انسان ۽ سماج جي معلوم تاريخ جو پهريون جمهوري صدر ٿيو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته آمريڪي قيادت جڏهن دنيا ۾ بادشاهتون هيون. بادشاهتن کانسواءِ حڪمراني جو ڪو تصور نه هو. اهڙي راڄ نيتي جي ماحول ۾ اهو حڪمراني جو نئين طريقيڪار ۽ نئون نظام هو جنهن ۾ عام عوام جي شرڪت برابري جي بنياد تي هئي اهو پهريون ڀيرو هو جو عوام جي حق حڪمراني کي مڃيو ويو.
جمهوريت جي انهيءَ سفر ۾ 16 جنوري 2021 تي ڪيپٽل هل تي متشدد گروهن جو حملو ڇا جمهوري نظام ۽ آمريڪي سماج ۾ موجود ڪنهن انتشار کي ظاهر ڪري ٿو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪٿي ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، سرمائيداري نظام جي بي محابا طاقت ڪٿي ڪمزور ماڻهن لاءِ مسئلا ته نه پيدا ڪيا آهن نتيجي ۾ سماج ۾ ڪاوڙ، بي چيني ۽ انتشار موجود آهي، جو رنگ، نسل ۽ عقيدي جي ذريعي پاڻ کي ظاهر ڪري رهيو آهي. جيئن 6 جنوري 2021 تي ڪيپٽل هل تي حملي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. جيئن اسان اڳ به لکيو آهي ته اهو جمهوريت جي وجود تي ڪنهن زخم وانگر آهي. ڇا آمريڪا کي پنهنجي حڪمرانن جي صورت ۾ ڪي ويڄ ملندا جي انهيءَ کي هڪ صحتمند ۽ حقيقي جمهوري معاشري ۾ بدلائي ڇڏين. ڪجهه ته آهي جو نئون صدر پنهنجي پهرين تقرير ۽ بيان ۾ اتحاد جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ نئين سر سکڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي: اسان وري سکيو ته جمهوريت قيمتي آهي.
هن اتحاد جي ڳالهه ڪئي ته اسان متحد رهياسين ته اسين ناڪام نه ٿينداسين. مٿين بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته رياست هاءِ متحده آمريڪا اندروني انتشار کي منهن ڏئي رهي آهي. دنيا جو جمهوريت پسند عوام هڪ اميد مان دنيا جي سڀ کان پراڻي جمهوريت لاءِ اهو يقين ٿو رکي ته اها وڌيڪ مضبوط ۽ پاڻ ڀري ٿيندي جو اسان جو به اهو يقين آهي ته جمهوريت قيمتي آهي.