جنرل باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي: وزيراعظم

1874 Shares

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي، پر مان نه عوام کيس ڊيزل چئي رهيو آهي. لوئر دير ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي دوران ماڻهن ڊيزل ڊيزل جا نعرا هنيا، جنهن تي وزيراعظم چيو ته منهنجي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو، ان جو اهو نالو مان نه عوام رکيو آهي، عوام کيس ڊيزل چئي رهيو آهي. سندس موجب پريس ڪانفرنس ۾ ڊيزل چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي ادارن کي ٺيڪ ڪنداسين، معنيٰ فوج کي ٺيڪ ڪنداسين، پاڪستان جيڪڏهن بچيل آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ مضبوط فوج آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments