جنهن ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي خريد ڪيو آهي ان جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي: چيف جسٽس
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي خريد ڪيو آهي ان جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شهر ۾ غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ ۽ ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوتگين متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ عدالتي حڪم تي رپورٽ پيش ڪئي، چيف جسٽس گلزار احمد رپورٽ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. چيئرمين نيپرا به ڪيسن جو رڪارڊ پيش ڪيو، چيئرمين نيپرا ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ هر شوڪاز ۽ ڪيس تي حڪم امتناع وٺي رکيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي عدالتي آرڊر کانپوءِ اڌ شهر جي بجلي بند ڪئي وئي، هي ڪير آهن بجلي بند ڪرڻ وارا، اسان انهن کي ڇڏينداسين ڪونه، ماڻهو ڪرنٽ لڳڻ سبب مري رهيا آهن ۽ هي پنجاهه هزارن جي ضمانت حاصل ڪريو وٺن. عدالتي معاون فيصل صديقي چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ تي 20 ڪروڙ ڏنڊ وڌو وڃي ته ٻيهر شڪايت نه ايندي، هن تي پنجاهه لک ڏنڊ وڌو ٿو وڃي جيڪي هو ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ڪمائي ٿا وٺن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو مالڪ جيل ۾ بند آهي، اسان جي حڪومت جو اهو حال آهي ته ٻئي ملڪ ۾ گرفتار ملزم کي ڪمپني ڏيئي ڇڏي آهي.