جنگين جا دنيا تي پوندڙ هاڃيڪار اثر ڊاڪٽر پيار علي جتوئي
تاريخ ۾ ڪائنات ۾ رهندڙ هر قسم جي جيوت جو سڀ کاو برو ۽ خوفناڪ عمل جنگ رهندو آيو آهي، پوءِ چاهي اها جنگ پنهنجي ئي نسل واري جيوت سان جوڙيل هجي يا ڪنهن ٻئي جيوت سان، چاهي اها جنگ پنهنجي وجود جي بقا خاطر هجي يا پنهنجو تسلط مخالفن مٿان مسلط ڪرڻ خاطر ڪئي وڃي، پر جنگ هر حال ۽ هر صورت ۾ هاڃيڪار رهندي آهي. جانورن جو هڪ ٻئي سان وڙهڻ، ڪمزورن مٿان طاقتورن جو قبضو قائم ڪرڻ يا ڪمزور جانورن کي ماري کائي وڃڻ تائين جنگي جنون تصور ڪيو وڃي ٿو. جنگ جاندارن ۾ قدرتي جبلت طور تصور ڪئي وڃي ٿي ڇو ته گهوڙو جيڪڏهن گاهه سان دوستي ڪندو ته پوءِ آخر کائيندو ڇا ۽ شينهن وري جيڪڏهن ٻڪريءَ سان ياري رکندو ته پوءِ يقينن بک مرندو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اها جاندارن جي فطرت ليکي وڃي ٿي ته پاڻ کي زنده رکڻ لئه ٻئي کي ماري کائي پنهنجي بک مٽائجي.
ٻين جاندارن جيان انسان ۾ به جنگي جنون فطرتن طور سمايل هجي ٿو. پنهنجي وجود جي بقا خاطر انسان ڪائنات ۾ وسندڙ هر مخلوق کي پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لئه پنهنجي خوراڪ طور استعمال ڪيو آهي، پر هي جيوت انسان ڪجهه وڌيڪ حدون اورانگهي ڪائنات جي هر جيوت جو نسل ناپيد ڪري ڇڏيو آهي. هن جيوت نه رڳو پنهنجي بک اجهائڻ لئه ٻئي جيوت کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي، پر پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ۽ اڍنگن عملن جي ڪري ٻئي جيوت جا نسل تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو اٿئين. نه رڳو فطرت سان انسان هٿ چراند ڪئي آهي، پر فطرت جي قائدن قانونن کي اورانگهي وايو منڊل ۾ اهڙو ته ڀونچال مچائي ڇڏيو اٿائين جو نه رڳو پنهنجي لئه پر ڌرتي گولي تي رهندڙ جملي جيوت جي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي اٿائين. انسان ۾ موجود جنگي جنون ايترو ته وڌي ويو آهي جو هي مخلوق ڪائنات ۾ موجود سڀني مخلوقاتن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ مخلوق تصور ڪئي وڃي ٿي.
هن جيوت جنهن کي انسان سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ نه رڳو پنهنجي کاڌ خوراڪ لئه ٻين مخلوقاتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوي ٿو، پر هن ۾ ڪيئي قسمن جون منفي جبلتون ڪر کڻي بيٺيون آهن جن جي آڌار تي هي نه رڳو ٻئي جيوت لئه پر پنهنجي نسل لئه به انتهائي هاڃيڪار ثابت رهيو آهي. هن وحشي صفت درنده انسان نه رڳو پنهنجو اقتدار ٻين انسانن تي قائم رکڻ لئه هزارين لکين انسانن کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي، پر پنهنجا عقيدا ۽ ان جي پنهنجي طرفان جاري ڪيل تشريح ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي سولي تي لٽڪائي ڇڏيو آهي. نه رڳو ايترو پر ان انسان پنهنجي طرفان قائم ڪيل مختلف قسمن جا تفرقا، چاهي اهي انساني چمڙي جي رنگ جي مختلف هجڻ جي ڪري هجن يا مختلف ٻوليون هجن يا ڌرتيءَ جي ٻئي ڪنهن ڪنڊ جو رهواسي هجن، ٻئي ڪنهن ريت رسم جا پوئلڳ هجن بس انهن فرقن جي ڪري اهو انسان صدين کان هڪٻئي کي ڪُهندو، ڦاهيون چاڙهيندو، ڌڙ تان سسيون لاهيندو، هڪ ٻئي کي باهيون ڏيندو هڪ ٻئي جا اجها رک ڪندو، هڪ ٻئي جون زبانون ڇڪي ڪڍي، سندن جسمن تان کلون لاهيندو، سندن جسمن تان ماس ڪوريندو، سندن جسمن جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڪتن ۽ ڳجهن اڳيان اڇلائيندو، ڪڏهن انهن مٿان پٿرن جي برسات ڪري سنگسار ڪري ماريندو رهيو آهي ته ڪڏهن زندانن ۾قيد ڪرائي، کين زهر پياريو ويندو آهي ته ڪڏهن کين گهاڻي ۾ پيڙهايو ويندو آهي ته ڪڏهن انهن کي تيل ڪڙهائي ۾ ڪاڙهيو ويندو آهي. مطلب ته هي انسان پنهنجي ئي نسل کي معمولي فرقن رکڻ ڪري طرحين طرحين جون تعديون ڪري نيست و نابود ڪندو رهيو آهي.
هن انسان جنگي جنون ۾ هجڻ ڪري عالمي طور پنهنجي پاڻ کي جملي انساني نسل کي ڪاپاري ڇيهو رسايو آهي، جن جو ازالو صدين تائين ٿيڻ ناممڪن هوندو آهي، اهڙن ڪڏهن نه ڀرجندڙ جوکن مان ڪجهه جوکا هيٺ پيش ڪجن ٿا جن انساني تاريخ ۾ انسانيت جو ڳاٽ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي.
املهه انسانن جو قتلام:
انسانن جي جنگي جنون، چاهي اهو اقتدار جي حوس خاطر هجي يا مذهبي هجي يا قومي هجي، ڪنهن نسل پرستي ۾ هجي يا ريتن رسمن تي قائم ٿيل جنگ هجي، پر ان جنگ ۾ ڪيترائي املهه انسان موت جو کاڄ ٿين ٿا جيڪي حقيقي طور تي عالمي انسانيت جا محسن توڙي ڏاها مٿير مڙس هجن ٿا جن جو وجود پوري عالمي انسانيت لئه عطا هو. اهڙن اعليٰ قدر عظيم انسانن ۾ يونان جو پوڙهو سقراط جنهن کي وقت جي جابر حڪمران زهر پياريو، حضرت عيسيٰ عليه السلام جنهن کي جنوني يهودي پادرين ڏاڍين اذيتن سان صليب تي چاڙهي ڇڏيو، عربستان ۾ امام حسين عليه السلام کي پنهنجي ئي مذهب وارن کيس ٻارن ٻچن سميت بي يارو مددگار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو ته وري انهن ئي مسلمانن منصور حلاج کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو. هندستان جي عظيم سياستدان مهاتما گانڌيءَ کي مذهبي ڪٽرپڻي جي شڪار ماڻهن گوليون هڻي سندس سينو پروڻ ڪيو ته بنگلاديش جي شيخ مجيب توڙي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي ناپاڪ ارادن خاطر سندن خاندان سميت مارائي ڇڏيو. نه رڳو اهو، پر ٻين ڪيترن علم جي سمنڊن سائنسدانن، فيلسوفن، صوفين گليلو گليلي کان وٺي مسلمان سائنسدانن جي پنهنجي ئي مسلمان حڪمرانن هٿان ٿيل ذلالتون توڙي اقتدار جي نه کٽندڙ ڊوڙ ۾ پنهنجي هٿان ڀاءُ جو قتل، پٽ هٿان پيءُ جو قتل، عباسي خليفي مامون هٿان سندس ڀاءُ امين جو قتل، هندستان ۾ مغل بادشاهه اورنگزيب هٿان سندس درويش ڀاءُ دارا شڪوه جو بي رحماڻو قتل توڙي سنڌ ڌرتي جي سپوتن مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهائڻ کان وٺي شاهه عنايت شهيد توڙي سورهيه بادشاهه جا ظالماڻه قتل يقينن تاريخ تي ڪاري داغ جيان قيامت تائين اڪريل نظر ايندا. اهي اهڙا عظيم ڏاها انسان هئا، جن تي عالم انسانيت ڪيترو به ماتم ڪري، پر انهن جو صدين تائين خال ڀرجي نه سگهندو.
علمي تباهي:
جنگين لڳڻ سان هن ڌرتيءَ جي گولي تي اوائلي دور کان وٺي انسانن جي جيڪا گڏيل علمي ترقي ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي رهندڙ هر انسان جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پورهيو شامل هوندو آهي، انساني ترقيءَ ۾ ڪنهن هاري مزدور، ڪڙمي ڪاسبي توڙي لوهار واڍي ۽ موچيءَ جي محنت شامل هوندي آهي، اهڙي صدين جي گڏيل محنت جي نتيجي ۾ انسان جيڪا علمي ادبي سائنسي ترقي ڪندو آهي ۽ صدين کان جيڪو اهو علمي پورهيو گڏ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ گڏ ڪري عاليشان لائبريريون اڏيندو آهي ۽ وڏا محل تعمير ڪرائيندو آهي، سخت زمينون هر سال کيڙي انهن کي ذر خيز ڪندو آهي، پر ڪي وحشي درنده صفت انسان ويڙهاڪ، ڏوهي ماڻهو اهڙن محنتي جفاڪش ماڻهن تي هلائون ڪري انهن بي هٿيار بي ضرر ماڻهن کي ماري ڪٽي، سندن زالون کسي انهن سان اجتماعي لڄالٽون ڪري سندن ننڍڙا ٻار بازارن ۾ غلام طور کپائيندا آهن ۽ انهن جون هزارين سالن جون ڪيل محنتون انهن جا املهه لکيل ڪتاب انهن جي لائبريرين کي باهيون ڏئي ساڙي، انهن جا عجائبات محل هڪ پل ۾ ڊاهي مسمار ڪري، سندن تيار ٿيل فصل ڀيلائي انهن جي ذر خيز زمينن کي غريب محنت ڪش ماڻهن جي رت سان ريٽي تاريخ ۾ اهڙا ته بدنما ڪردار پيدا ڪيا آهن جن تي عالمِ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. جيئن ته اهڙو علم گڏ ڪرڻ هزارن سالن جي محنت جو ثمر هجي ٿو، ڪا عاليشان عمارت اڏڻ ۾ لکين هزارن جو پگهر شامل هجي ٿو، پر اهڙن عظيم شاهڪارن کي هڪ پل ۾ ختم ڪندي انهن وحشي صفت انسانن کي ڪا ڪهل ئي ڪانه ٿي اچي. جنگي جنوني سڪندر اعظم يونان کان هلندو سڄو يورپ لتاڙيندو، اولهه ايشيا جا ملڪ ساڙيندو هندستان تائين ڪاهيندو لکين ڪروڙين انسان ماري لکين عمارتون مسمار ڪندو ۽ ڪيئي فصل رڻ پٽ ڪندو آيو، جنگي جنون ۾ مبتلا عرب جيڪي اڌ يورپ کي لتاڙي اسپين ۾ عيسائين ۾ ڪاهي، اوڀر ۾ سنڌ تائين حملا ڪري زرعي ڪمي ڪاسبي سنڌين جي ملڪيتن تي حملا ڪري ڪيئي صدين تائين سنڌ جا والي وارث ٿي ويهي رهيا. توڙي چنگيز خان جا فارس جي عظيم شهنشاهت تي حملو ڪري هڪ ڏينهن ۾ سڄي شهنشاهت تين وال ڪري وري چين جي عظيم ديوار اورانگهي چين جي عظيم سلطنت کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو، وري انهيءَ چنگيز جي پوٽي هلاڪو خان بغداد تي جيڪو ڪيس ڪيو، مسلمان عباسي خليفي المعستصم کي گهلي گهلي مارايو ۽ بغداد جي عظيم الشان لائبريري ساڙائي لکين ڪتاب درياءَ ۾ لوڙاهي ڇڏيائين. چون ٿا ايترا ڪتاب لوڙهيا ويا جو درياءَ جي پاڻي جو رنگ ڪتابن جي مس جي ڪري ڪارو ٿي ويو. وري انهيءَ رهزن چنگيز جي اولاد منجهان هڪ ٻيو ظالم تيمور خان پيدا ٿيو جنهن پنهنجن مسلمانن شهنشاهتن تي حملا ڪري انسانيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. صرف ڪجهه ليمن نه ڏيڻ تان هن سڄي ايران کي پاڙئون پٽي ڇڏيو، تان جو عثمانيه خلافت تي حملو ڪري هڪ ڏينهن ۾ لکين انسان مارائي تاريخ ۾ پهريون دفعو انساني کوپڙين جا مينار اڏائي ڇڏيا. اهڙن ذهني مريض اقتدار جي پوڄاري ماڻهن ۾ جرمنيءَ جو هٽلر به سرفهرست اچي وڃي ٿو، جنهن صرف پنهنجي اقتدار کي وڌائڻ لئه پوري دنيا کي جنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيئي لک غريب انسان بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي اجل جو شڪار ٿي ويا.
عورت:
جنگي جنوني ماڻهن ۾ جتي هر غريب هاري ناري مزدور طبقو انهن رهزنن جو شڪار رهيو آهي اتي خاص ڪري عورت تمام گهڻي حد تائين انهن رهزنن جي هٿان نيست و نابود ٿيندي رهي آهي ۽ انهن جي صعوبتن جو شڪار رهندي آئي آهي. مذهبي ڌريون هجن چاهي طاقت ۽ اقتدار جا پوڄاري توڙي حرص حوس سان سلهاڙيل ماڻهو، عورت کي هر دور ۾ پنهنجي ظلمن جو شڪار ڪندا رهيا آهن. جيئن ته عورت جسماني طور مرد کان نٻل رهي آهي تنهنڪري مرد پنهنجي جسماني طاقت جي ٻل تي عورت کي هيڻو بي هٿيار سمجهي ان تي پنهنجو رعب
ڄمائيندو رهيو آهي. مذهبي ڌريون هجن، حڪمران طبقا هجن يا چاهي هاري ناري ڪڙمي ڪاسبي هجن، مرد چاهي ڪهڙي به شعبي سان سلهاڙيل هجي، مرد هميشه عورت کي پنهنجي ظلم جو شڪار رکيو آهي. عورت کي پاڻ کان گهٽ ترجيح ڏيڻ، عورت کي اڳواڻيءَ ۾ شريڪ نه ڪرڻ کان وٺي، عورت کي عقل کان عاري سمجهڻ يا عورت کي ملڪيتن ۾ گهٽ حصو ڏيڻ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عورت کي پنهنجي غلام سمجهندو آيو آهي. جنگين ۾ ته عورتن سان مردن کان وڌيڪ ظلم ۽ ذلالتون ڪيون وينديون هيون، ڪڏهن انهن کي جنگي غلام بڻائي بازارن ۾ سرعام اگهاڙو ڪري کپايو ويندو هو ته ڪڏهن انهن کي رکيل ڪري سڄي عمر جنسي تسڪين جو مال بڻائي عمر ڀر جي لاءِ غلاميءَ جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر دور ۾ ڏاڍي هيڻي تي ظلم ڪيو آهي، زميندار هاريءَ تي حڪم هلايو آهي، بادشاهه عوام مٿان ظلم ڪندو آيو آهي، پر عورت هر دور ۾ هر شعبي سان سلهاڙيل هوندي پنهنجي دور جي مرد هٿان ظلمن ۽ تشدد جو شڪار ٿيندي رهي آهي.
نظام ۽ قانون جي ڀڃڪڙي:
جيئن جنگيون برپا ٿيڻ سان سڄو سماج ۽ ان جو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو، لاڳو قانون ختم ٿي وڃي ٿو، زراعت تباهه ٿي وڃي ٿي، ملون ۽ ڪارخانا بند ٿي وڃن ٿا جنهن سان انهن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور طبقو بيروزگار ٿي بکون ڪاٽڻ لڳي ٿو، زراعت ۽ معيشت ختم ٿي وڃي ٿي جنهن سان قومن ۾ ڏڪار پيدا ٿي پوي ٿو، وبائون پکڙجي وڃن ٿيون، کاڌ خوراڪ جي قلت پيدا ٿيڻ ڪري ماڻهو بک مرڻ بدران چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ لڳن ٿا جنهن سان سماج ۾ ڏوهن جي شرح وڌي وڃي ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ انارڪي وارو نظام برپا ٿي وڃي ٿو. قانون لاڳو نه هجڻ ڪري جيڪو ڏاڍو سو گابو ٿي پوي ٿو، عورتن جون عصمتون لٽيون وڃن ٿيون، ننڍڙا ٻار تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. نه صرف معاشي مسئلا ڪر کڻن ٿا، پر اتان جي تعليم به تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿي، علمي ادارا ڊهي پون ٿا، لائبريريون سڙي خاڪ ٿي وڃن ٿيون، اتان جا علمي ڏاها دانشور، سائنسدان ملڪ بدر ٿي وڃن ٿا يا انهن کي چونڊي چونڊي ماريو وڃي ٿو، اهڙي طرح سان جنگ لڳڻ سان ان ملڪ جو نه صرف معاشي طور، پر اقتصادي، علمي طور ڏيوالو نڪري وڃي ٿو ۽ اهو ملڪ باقي دنيا کان ڪيئي صديون پوئتي پئجي وڃي ٿو.
تنهنڪري اڄ جي جديد دور ۾ جڏهن سائنس الائي ڪهڙي قسم جا خطرناڪ ايٽمي ۽ ڪيميائي هٿيار ايجاد ڪري چڪي آهي، جنهن سان هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سڄو سارو ملڪ چند منٽن ۾ تباهه ٿي سگهي ٿو، اهڙي دور ۾ ڪي جنگي جنوني ماڻهو، جيڪي جنگين جون ڳالهيون ڪن ٿا يا ڌرين کي جنگين لاءِ اڪسائين ٿا، يقينن اهي ذهني مريض ئي ٿي سگهن ٿا. ڇو ته ڪوبه زي شعور انسان اهڙا موتمار هٿيار رکندي جنگ لاءِ سوچي به نٿو سگهي. ڪو ڌڙڪندڙ رکندڙ انسان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو خيال رکڻ کان علاوه دشمن جي ماڻهن کي به اهڙي موت مارڻ جي همت نٿو ڪري سگهي. ڇو ته اهو ڪڏهن به نه سوچجي ته جنگ ۾ صرف مخالف ڌر کي شڪست ايندي، پر جنگ ته اهڙو عمل آهي جنهن ۾ هارائيندڙ ڌر به ڀوڳيندي ته کٽيندڙ ڌر به ان جو ازالو ڏيندي. جنگين ۾ ڪا ڌر ناهي کٽيندي، پر يقينن ٻنهي ڌرين جي هار ئي سندن مقدر هوندي آهي. تنهنڪري اچو ته اسان هڪ عقلمند ۽ درد دل رکندڙ انسان بڻجي جنگين مان دنيا کي آزاد ڪرايون ۽ دنيا ۾ موجود هر قسم جي جنگ جي مخالفت ڪريون چاهي اها ڪهڙي به مقدس نالي تي ڇو نه وڙهي وڃي، چاهي اها خدا جي پاڪ نالي تي وڙهي وڃي يا اها قومن، رنگ نسل، ٻولي ۽ ذات پات جي نالي تي وڙهي وڃي. اچو ته سڀ گڏجي متحد ٿي پاڻ ۾ سموري انسان ذات هڪٻئي جا ڀائر ٿي کير کنڊ ٿي رهون ۽ ڪائنات جي ٻين مخلوقات کي اگر اها ڪنهن ٻئي ڪائنات ۾ موجود هجي، ان کي اهو ثابت ڪريون ته نظام شمسي جي هن ننڍڙي گولي ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان حقيقي معنيٰ ۾ اشرف المخلوقات آهي جيڪو نه رڳو صرف انسان ذات لاءِ پر ڌرتيءَ تي موجود هر جيوت جي ڍال ۽ انهن جو محافظ آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن ڌرتي کي حقيقي معنيٰ ۾ جنت بڻائي ڇڏيون جنهن جو ذڪر اسان مقدس ڪتابن ۾ ٻڌندا پيا اچون.