حالتون سنگين آهن، پيوٽن جي ايٽمي هٿيارن جي استعمال واري ڌمڪي مذاق ناهي: بائيڊن
آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته 1962ع جي ڪيوبن ميزائل ڪرائسز بعد پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو خطرو انتها تي پهچي چڪو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جو ڊيموڪريٽس ميمبرن سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته يوڪرين ۾ وڏي سيٽ بيڪ کانپوءِ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جڏهن ٽيڪنيڪل ايٽمي هٿيارن، حياتياتي هٿيارن ۽ ڪيميائي هٿيارن بابت ڳالهائي ٿو ته هو مذاق نه پيو ڪري، آمريڪا روسي صدر جي ايٽمي ويڙهه جي طريقن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر بائيڊن جو چوڻ آهي ته 1962ع ۾ ڪيوبن ميزائل ڪرائسز کانپوءِ پهريون ڀيرو اسان کي سڌو سنئون ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جيڪڏهن حالتون ائين رهيون ته اهي استعمال به ٿي سگهن ٿا.

