حبيب جالب هڪ عوامي شاعر حميد هليو

ڪنهن جھوني يوناني فلسفي چيو شاعري نوجوانن کي يا ته عاشق مزاج ڪري ٿي يا وري باغي. دنيا جي تاريخ ۾ واقعي به جڏهن نوجوانن شاعري کي شعوري طور سيني سان لاتو ته ھو واقعي به مجنون ٿي ليلا جي ڪڍ جھنگ جھر جھاڳيا يا وري تلوار/بندوق کي سيني سان چنبڙيل محبوبا سمجھي انقلاب برپا ڪين، پر ڪي ڪي شاعر عوامي شاعر به ٿيندا آھن ھو پنهنجي شاعري کي عام ۽ سادن لفظن جو لباس پهرائي عام ماڻهن جي آڏو پيش ڪندا آهن. فيض احمد فيض جڏهن حبيب جالب جي شاعري ۾ عام ماڻهن جي اندر ۾ موجود جذبن جو اظهار ڏٺو ته ھن وڏي واڪي چيو حبيب جالب عوام جو شاعر آهي ۽ حقيقت ۾ عوامي شاعر ئي انقلابي شاعر ھوندو آهي. حبيب جالب جي اردو ادب ۾ حيثيت به ھڪ وڏي عوامي ۽ انقلابي شاعر واري آهي.

قتيل شفائي پنهنجي آتم ڪٿا “گهنگهرو ٽوٽ گئي” ۾ لکي ٿو ته، حبيب جالب اسان جو ننڍي ھوندي کان وٺي دوست ھو ۽ شاعري به ڪندو رھندو ھو، پر اسان ڪڏھن به ھن کي پنهنجي ڪيليبر جو شاعر تسليم نه ڪندا هئاسين. جڏھن وڏا ٿيندا وياسين تڏهن به ساڳي ڳالهه هئي. وڏي ڳالهه ته اسان جو ھي دوست ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي ڦاٿو پيو ھوندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو ڇوڪرو اسان کي اچي ٻڌائيندو ھو ته توهان جو دوست ھيٺ ٽانگي واري سان لڳو پيو آهي. وڃون ته ڏسون يار کي ٽانگي جو ڪرايو ٻه رپيا به ڪونھي جو ھو جان ڇڏائي پوءِ اسان ڪرايو ڏيئي ھن جي جان ڇڏائيندا هئاسين، پر اڳتي هلي اسان ھن جي ڪردار کي ڏسي رشڪ ڪندا هئاسين ته حبيب جالب ته ڪمال جو شاعر ۽ شخص آهي. حبيب جالب ڄائو ته انڊيا جي شھر ھوشيارپور جي ڀرسان کي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ھو، پر جڏهن ھندستان ۽ پاڪستان الڳ ملڪ ٿيا ته هو لاهور لڏي آيو. پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات ڪراچي مان نڪرندڙ روزنامه “امروز” کان ڪئي. ھو عام ۽ سادن لفظن ۾ شاعري ڪندو ھو جنهن ۾ ٺھڪندڙ موسيقي ۽ پنهنجو سريلو آواز  ڦوڪي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو ھو.

ائين ھڪڙي پروگرام ۾ اسٽيج تي پنهنجو مشهور نظم:

ديپ جس ڪي محلات هي ۾ جلي

چند لوگون ڪي خوشيون ڪو ليڪر چلي

وه جو سائي مين مصلحت ڪي پلي

ايسي دستور ڪو

صبح بي نور ڪو

مين نهين مانتا

مين نهين جانتا

پڙھي رھيو ھو ته ڀرسان بيٺل ھڪ اديب قميص جي بالي کان ڇڪڻ لڳس ته ھي نظم نه پڙھ، پر ھو وري به اھو نظم پڙھندو رھيو ھن ٻيھر ھن کي ڇڪيو ته جالب ھي نظم پڙهڻ جو موقعو ناهي تون ھي ھتي نه پڙھ. حبيب جالب چيس مان موقعي پرست ناھيان مان حق سچ چئي ڏيندس ڀلي پوءِ آڏو ظالم حڪمران ئي ڇو نه ھجي. پوءِ ٿيو ڇا جو جيئن ئي اسٽيج تان لٿو ته ايوب شاھي جا ڪارندا آيا ۽ ھن کي وٺي وڃي جيل ۾ وڌن. ھو ڪراچي جيل ۾ سلاخن جي پٺيان به پينسل ۽ پنو ملڻ تي لکندو ھو، پر ساھيوال جيل ۾ ته جالب کي پينسل ۽ پني کان به پري رکيو ويو تڏهن به ھو احتجاج طور ٻين کي پنھنجا نظم ٻڌائيندو هو ته جيئن ھڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ھن جو پيغام پھچندو رهي.

شاعر ڏاڍا حساس ٿيندا آهن، سماج ۾ ڪٿي به ناانصافي ٿئي ته هو تڙپي پوندا آهن ۽ ان جي اندر جي اڌمن جي ترجماني ڪندا آهن. اھڙو ئي قصو آهي جڏهن اولھ پاڪستان جي گورنر نواب آف ڪالا باغ وٽ ايران جو بادشاهه رضا شاھ پھلوي مھمان ٿي آيو ھو ته ھن رقص جي لاءِ ان دور جي فلم اسٽار نيلو بيگم کي دعوت ڏني ته هوءَ اچي ۽ ھنن جي آڏو رقص پيش ڪري. جنهن تي نيلو  رقص ڪرڻ کان کُتو جواب ڏنو. بعد ۾ ان جي گهر پوليس موڪلي وئي ته جيئن هن کي رقص ڪرڻ لاءِ کنڀي کڻي اچي، جنهن جي ڪري اداڪارا نيلو خودڪشي ڪرڻ جي به ڪوشس ڪئي، جنهن تي حبيب جالب ڪيئن خاموش ويھندو ھو به تڙپي پيو ۽ شڪايت واري انداز ۾ طويل نيلو نظم لکيو:

تو ڪي ناواقف هي آدب غلامي هي اڀي

رقص زنجير پهن ڪر ڀي ڪيا جاتا هي

بعد ۾ نيلو بيگم جي مڙس رياض شاھد ١٩٦٩ ۾ فلم “زرقا” ۾ ھي گيت رقص زنجير مھدي حسن جي آواز ۾ فلمبند ڪيو ته ھي گانو سپر ڊوپر ھٽ ٿي ويو. نيلو بيگم سان مشابهت رکندڙ ھڪ ٻيو واقعو جڏهن پاڪستان جي مشهور گلوڪارا ۽ اداڪار ممتاز سان ٿيو ته جڳ مشهور ڪمپيئر طارق عزيز آغا گل کي مخاطب ٿي چيو ته اڄ ڪٿي آهي حبيب جالب جنهن نيلو نظم لکيو ھو، اڄ ھڪ ٻي نيلو کان لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ ايران جو شاهه مجرو ٿا ڪرائڻ چاھين ته حبيب جالب لکيو:

ممتاز

قصر شاهي سي حڪم صادر هوا

لاڙڪاني چلو

ورنه ٿاني چلو

اپني هونٽون ڪي خوشبو لٽاني چلو

گيت گاني چلو

ورنه ٿاني چلو

منتظر هين تمهاري شڪاري وهان

ڪيف ڪا هي سما

اپني جلوون سي محفل سجاني چلو

مسڪراني چلو

ورنه ٿاني چلو

حاڪمون ڪو بيحد تم پسند آئي

ذهن پر ڇائي هو

جسم ڪي لهو سي شمعين جلاني چلو

غم بهلاني چلو

ورنه ٿاني چلو

ذوالفقار ڀٽو جي ڪيبنٽ ۾ فيض احمد فيض ثقافت جو وزير ھو. 1974ع ۾ لاهور ۾ فيض احمد فيض جي نگراني ۾ ھڪ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ فيض صاحب شروع ۾ اھو بانور ڪرايو ته ھن مشاعري ۾ ڪوبه نظم نه پڙھندو، پر سڀ غزل پڙھندا. حبيب جالب به ان مشاعري ۾ موجود ھو. ھن اتي جو اتي ھي غزل ٺاھي پڙھيو جيڪو شڪايت سان ڀريل آهي:

جو صدائين سن رها هون

مجهي بس ان هي ڪا غم هي

تمهين شعر کي پڙي هي

مجهي آدمي ڪا غم هي

حبيب جالب جمھوري قدرن جو پاسدار ۽ آمريت ۽ آمراڻي حربن جو سخت مخالف ھو. ھو سدائين آمريت سان پنهنجي آواز ۽ شاعري سان وڙهندو رھيو. ھن جڏهن جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ دھشتگردي، مذھبي جنونيت، ڀنگ، چرس ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جي ڪثرت ڏٺي ته پوءِ ھن آواز بلند ڪيو:

ظلمت ڪو ضيا

صر صر ڪو صبا

بندي ڪو خدا ڪيا لکنا.

ڇو ته اردو لفظ ضيا جي معنيٰ روشني آهي، پر ضيا نالي آمر حڪمران ته سڄي ملڪ ۾ اونداهه ۽ انڌوڪار ڪري ڇڏي هئي. اديبن کان وٺي عام ماڻهن جي ڳالهائڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي هئي. حبيب جالب جڏهن لاهور ۾ ضياءَ الحق جي خلاف نڪتل ريلي ۾ ھي نظم پنهنجي نرالي ڍنگ ۽ آواز ۾ بلند ڪيو ته ھن کي جيل ۾ وڌو ويو، پر ھن سان گڏ ان وقت جي ڪاليج جي شاگرد ۽ موجوده وقت جي مشهور صحافي حامد مير به پنهنجي والد وارث سليم سان گڏ پوليس جي مار به کاڌي ته جيل ياترا به ڪئي.

آمريت پسند حڪمران سدائين پنهنجي خلاف نڪرندڙ آواز کي دٻائيندا آهن ان کانپوءِ پھريون ڪم ئي اھو آواز ڪڍندڙ شاعرن ۽ اديبن کي گرفتار ڪرڻ وارو ڪندا آهن. نيٺ ھن ملڪ جي ماڻهن مٿان آمريت جو طوق ٽُٽو  ضياءُ الحق  هوائن ۾ ئي پرواز ڪري ويو. بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي آمريت جا مخالف شاعر ۽ اديب ننڍڙي جيل مان آزاد ٿي تمام وڏي کليل جيل ۾ آيا ته حبيب جالب به آزاد ٿيو. حڪومت ته جمھوري آئي، پر جمھور جا حال ھيڻا ۽ سور  ٻيڻا هئا. بک، بدحالي، غربت، بيروزگاري ورلڊ بينڪ جي ڳرن شرطن تي مليل قرضن ملڪ جي معيشت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي ته حبيب جالب چيو:

حال اب تڪ وهي هي فقيرون ڪي

دن ڦري فقط وزيرون ڪي

هر بلاول هي ديس ڪا مقروض

پائون ننگي هين بينظيرون ڪي

حبيب جالب به لکين انهن ماڻهن مان ھڪ ھو جن ھن ملڪ کي پنهنجي اکين سان  ٺھندي ڏٺو. ھنن جا خواب هئا ته ھي ملڪ به ھڪ سرسبز چمن ۽ گلستان  ٿيندو، پر جڏھن خواب ساڀيان نه ٿيا. ھڪ ظالم حڪمران وڃي پيو ته ٻيو اچي پيو ته ھن لکيو:

ڪهان ٽوٽي هين زنجيرين هماري

ڪهان بدلي هين تقديرين هماري

وطن ٿا ذهن ۾ زندان نهين ٿا

چمن خوابون ڪا يون ويران نهين ٿا

تم سي پهلي جو شخص يهان تخت نشين ٿا

اسي ڀي اپني خدا هوني پر يقين ٿا.

حبيب جالب واقعي به عوامي شاعر ھو. ھن سدائين پنهنجي شاعري ۾ عام ماڻهن سان ٿيل ويساھ گھاتين ۽ ناانصافين تي لکيو. ھو ھر ان حڪمران تي تنقيد ڪندو ھو جنهن عوام کي سبز باغ ته ڏيکاريا، پر عملي طور ڪجهه به نه ڏنو. ھن ظالم ۽ جابر آمرن جي ظلمن تان پردو کنيو، پر جڏھن ھن ڏٺو ته ڪجهه حڪمران عام ماڻهن جي دلين تي ڇانيل آهن ته پوءِ ھن هينئن به لکيو:

ٽوٽا هي ڪهان اس ڪا جادو

اڪ نعرا بنا هي اس ڪا لهو

ثابت هوا ڌڙڪن ڌڙڪن پر و شخص

 حڪومت ڪرتا ٿا

لڙتا ٿا وه اپني جيسون سي هم سي

تو وه محبت ڪرتا ٿا

يا وري هن بينظير لاءِ لکيو:

ڊرتي هين بندوقون والي

ايڪ نهتي لڙڪي سي.