بلاگ

حصو ٽيون : ترجمي جو فن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل علم ادب جو مطالعو : ذوالفقار علي جلباڻي

ترجمي جو فن ۽ مطالعو:

اسان جي عالمن ۽ ڏاهن مختلف ٻولين مان ترجما انهيءَ خيال کان ڪيا ته اسان دنيا جي ادب ۽ سماج سان پنهنجا علمي، ادبي، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ تحقيقي ناتا جوڙي مقامي ۽ عالمي بنيادن تي پنهنجي ناماچاري، ذهني ۽ فڪري صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمائي هر لحاظ کان اڳڀرا رهون. اسان جي مفڪرن ۽ مترجمن انهن سمورين ڳالهين کي ذهن ۾ آڻي ترجمي وارو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ پنهنجي سنڌيءَ زبان ۾ ٻين عالمي دنيا وارن جا خيال ۽ ڪم اسان جي نسل سان متعارف ڪرائي عجب جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. هي ترجمي وارو فن ايڏو آسان ڪونهي ڇاڪاڻ جو ٻن ٻولين جي لفظن، جملن، اصطلاحن کي پنهنجي مقامي ٻوليءَ جي روپ ۾ پيش ڪرڻ ۽ جنهن ٻوليءَ تان ڪو فن پارو ترجمو ڪيو ويندو آهي تنهن ٻوليءَ جي روح کي به زخمي ناهي ڪرڻو ۽ پنهنجي مقامي ٻوليءَ ڳالهائيندڙن جو به خيال رکڻو پوي ٿو، هي نهايت ئي ڪٺن ڪم آهي. اسان جي مترجمن انهن بنيادي شين جو خيال رکي ڪي بهترين ترجما پيش ڪيا آهن، جيڪو ترجمي نگارن جو اسان جي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن مٿان وڏو احسان آهي. دنيا جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جي علمي ڪارنامن کي ڪتابي صورت ڏئي پنهنجي مقامي ٻوليءَ ۾ جن عالمن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سا سچي ڳالھ آهي ته انهن پوري قوم جو اخلاقي فرض پورو ڪري قوم کي ٿورائتو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو اصلاحي، اخلاقي، مذهبي ۽ سائنسي ڪتابن جي مطالعي سان جيڪو نئون علم ادب تخليق ٿيندو آهي سو معاشري کي بلند کان بلند ترين مقام ڏياريندو آهي. جيڪڏهن اسان دنيا جي علمي شعبي ۾ پنهنجو نالو روشن ٿا ڪرڻ چاهيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي ادب، تاريخ، سائنس ۽ مذهبن تي لکيل مواد جا ترجما ڪريون. جيڪڏهن اسان ايئن نه ڪنداسين ۽ نه ئي وري عالمي ادب جو مطالعو ڪنداسين ته اسان جي حالت وڃي اها بيهندي جو سنڌي ۾ جيڪو ادب لکبو تنهن ۾ گهڻو ڪري اسان ۾ نفاق، تنگ دلي ۽ ماده پرستي يا مايا پرستيءَ جي بوءِ اچڻ شروع ٿيندي. اهڙو علم ادب ماڻهن کي تحفظ ڪونه ڏئي سگهندو! اهو ادب، علم، سياست، سماج، سماجي تنظيمون، ثقافت، ملڪي ادارا، تاريخ، ملڪ، ملت ۽ قوم ڪهڙي ڪم جا جو غريبن، مسڪينن، مزدورن، هارين نارين، ڪمين ۽ ڪاسبين جي گهر، خاندان ۽ ٻچڙن کي نه پنهنجي ملڪ ۾ نه مفت ۾ صحت جي سهولت ملي سگهي، نه روزگار، نه تعليم، نه انصاف، نه تحفظ ته پوءِ اديبن جا قلم ۽ ڪتاب ڪهڙي ڪم جا جيڪي رڳو روحانيت جي بجاءِ ماده پرستيءَ کي اپنائڻ ۽ انهيءَ تي هو اتفاق جي بجاءِ تڪبر ۽ وڏائي ڪري چون ته عقيدو ۽ سائنس مناسب نه آهن ۽ ٻنهي جي مخالفت ڪري پوري قوم جي مُنهن ۾ ڌوڙ وجهي غريبن جا گلا ڪاٽي انهن کي خودڪشين تي مجبور ڪن. اُهي بدخصلتون آهن انهن قومن جون جيڪي غريبن ۽ بي سهارن جي ڪمائي تي پنهنجو گذران ڪن. اُهي قومن ۾ بد عادتون ۽ وحشي هلتون جتي به ظاهر ٿينديون هجن اديبن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن جا قلم تيز ٿين ۽ تقريرون ٿيڻ گهرجن ۽ جلد از جلد انهن کي روڪڻ جا آواز بلند ٿيندا ته ترقيءَ وارو ڦيٿو تيز ٿي ويندو ۽ انهن ئي قومن جا سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ادبي لڏي جا ماڻهو، استاد، ڊاڪٽر مطلب ته پورو معاشرو هڪٻئي جي تڪليفن کي سمجهڻ حل ڪرڻ جو احساس رکي خوشيون پيا محسوس ڪندا. اهڙي عمل سان دنيا جي ڪابه طاقت اسان جي قوم کي لوڏي نه سگهندي، هرڪو پنهنجي پنهنجي پيشي سان سچو وفادار ۽ ايماندار ٿي رهندو. هن وقت حالت هيءَ آهي جو جنهن وڻ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويٺا آهيون ۽ ميوو به کائي رهيا آهيون انهيءَ جون پاڙون کوٽي رهيا آهيون.

جڏهن سنڌ تي ڌارين، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن قبضو ڪيو هو ته انهن اسان جي بهادر ماڻهن کي شهيد ڪرايو ۽ جنهن به انهن سان مهاڏو ٿي اٽڪايو تنهن کي تڪليفون ٿي ڏنيون ويون، جن انهن جا حڪم ٿي مڃيا تن کي وڏا وڏا لقب القاب ۽ جاگيرون ٿي ڏنائون، پر انهيءَ ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ڪو انگريزن جو قائم ڪيل عدالتي نظام ڪمزور هو. انهن توڙي جو وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏياري، پر جڏهن ڪنهن ماڻهو وڏيري يا ڪاموري خلاف شڪايت ٿي ڪئي ته انهيءَ شخص کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي. انگريز عوام لاءِ بهترين ۽ مضبوط عدالتي نظام قائم ڪري عدل ۽ انصاف جو بول بالا ڪيو هو ته ٻئي پاسي نئين نظام تعليم جو بنياد رکي عوام کي ان طرف موڙيو. انگريزن جي دور ۾ ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي تعليمي ميدان ۾ اول درجي جي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب لکي هڪ ڀلي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ انهيءَ کانپوءِ مسلمانن ۽ هندو عالمن درس و تدريس بابت ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. ڪيترائي ڪتاب لکي انعام اڪرام حاصل ڪيا ويا، اِنهيءَ ڳالھ مان هرڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته وقت جا حاڪم پنهنجي نظام سان ڪيڏا نه سچا هئا. پوکي راهي کان ويندي، روڊن، رستن، آبپاشي، ريلوي نظام قائم ڪيو. تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪرايو. ديوان ننديرام ”ليکي جو ڪتاب“ عنوان هيٺ، هندي ڪتابن: هرهڪ ”مڪتب نامه“ جوڙيل محمد ابراهيم مضيه ۽ ”ڦئلاوت“ جوڙيل ”رام سرن داس“ جي ڪتابن تان، سنڌيءَ ۾ ”انگي حساب“ جي نالي سان ترجمو ڪيا.“ ( الانا: 2006، 320) اسان جي مسلمان عالمن جون به سنڌي ترجمي ڪرڻ ۾ اهم ڪم رهيو آهي، جن ديني ۽ اخلاقي ڪتابن جا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ کي خوب ترقي ڏياري. مولوي الھ بخش اٻوجهو پنهنجي دور جو عالم، فاضل ۽ باادب انسان هو جنهن جي علمي خدمتن کي ڪوبه ماڻهو نه وساري ٿو سگهي ۽ نه ئي وري انهن کي فراموش ڪري سگهي ٿو. ”مولوي الھ بخش ‘اٻوجهو’، جنهن جي تربيت مولانا حاليءَ وانگر قومي محبت جي فضا ۾ ٿيل هئي، شايد مولوي حاليءَ جي ‘مسدس’، کان متاثر ٿيل هو. هن ‘مسدس حاليءَ’ کي قوم جي تبليغ لاءِ بهترين آواز سمجهي، اُن جو سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيو.“ الانا: 2006، 328) اهو بلڪل سچ به آهي ته ترجمو ڪرڻ هڪ ڏکيو فن آهي. ترجمي ڪرڻ واري لاءِ رڳو اهو نه هوندو ته رڳو لفظي ترجمو ڪرڻو هوندو آهي، پر ٻنهي زبان جي اصل مفهوم جو به خيال رکڻو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو مترجم جي اڳيان جيڪو فن پارو آهي اهو ڪنهن قوم ۽ ٻوليءَ جي امانت آهي جنهن سر زمين تي اسريو ۽ نسريو آهي، انهيءَ فن پاري ۾ هڪ سماج، هڪ ملڪ، هڪ قوم ۽ هڪ ٻوليءَ جو روح شامل هوندو آهي، انهيءَ خيال کي مدنظر رکي پنهنجي ٻوليءَ کي به مجروح ناهي ڪرڻو. بھرحال انگريزن جو دور هر حوالي سان مٿانهين درجي تي نظر اچي ٿو. هن دور جا ڪي مترجم هئا، جن ۾ ڪي آهن: ديوان نول رام، اڌا رام ۽ ٿانور داس، ڄيٺ مل پرسرام گل راجاڻي، خانچند درياڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل چندن مل، ديوان ڏيا رام گدو مل وغيره جن انگريزن جي دور ۾ دنيا جي بهترين ۽ معلوماتي ڪتابن جي چونڊ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. ”اسان جڏهن مختلف علمي ڪتابن جي تاريخ بابت ڄاڻڻ لاءِ مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيو انهيءَ مطالعي دوران ڪيترن کي ڪتابن کي سامهون رکيو جن جي اڀياس مان پڻ اها معلومات حاصل ٿي ته عربن جي دور کان وٺي اسان جي سنڌي عالمن پنهنجا بهترين ڪتب خانه تيار ڪري عوام جي توسط سان عاليشان نموني جي ديني تعليم لاءِ پنهنجي اڳيان ناياب ڪتاب رکي تن مان شاگردن کي درس و تدريس جو فيض ڏئي تيار ڪندا هئا. اسان هت ڪجھ ڪتابن جو تذڪرو ڪريون ٿا. اسان وٽ سنڌي نظم جا ڪتاب ڪلهوڙن جي دور کان ملن ٿا ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم ميان ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ميان محمد سنڌي پڻ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. سنڌي نثر ۾ جيڪو پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ملي ٿو، جيڪو 18 صدي جي وچ ڌاري آيل نثر ۾ ڪيل ترجمي جو جهونيءَ عربي آئيويٽا ۾ لکيل آخوند عزيزالله ميمڻ جو قرآن شريف جو ترجمو (1746ع) ٿيو. انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ۾ آڻيندڙ، عربي تان لفظي ترجمو ڪيو هو. تنهن هوندي به جملن ۾ اکرن جي ملاوت، هيٺ مٿي ڪري اهڙي ته ڪاريگريءَ سان بيهاري اٿس جو سنڌي نثر مان نظم جو ساءُ پيو اچي. گويا ڄڻ ته جديد زماني جو نظاماڻو نثر (پوئيٽڪ پروس) لکيو ويو آهي. ترجمي جو مثال ڏجي ٿو: ”اي مومنا همراهي وٺو منجھ مشڪلين ساڻ صبر ۽ نماز، تحقيق، خدا ساڻ صبر ڪندڙ آ ۽ چوءِ واسطي تن جي، جي ڪسن ٿا واٽ خدا جي پوءِ مئل آهين، بلڪه جيئرا آهين… او صابر سي آهين جڏهن رسي ان کي سختي، چون اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽون ٿا.“ اسان جي سنڌي اديبن ۽ ترجمي نگارن جيڪي ٻين ٻولين مان شاهڪار ترجما ڪري پيش ڪيا تن ڪتابن مان ڪي قصن ۽ داستانن جا به ڪتاب هئا. عربيءَ ٻولي جيئن ته مسلمانن لاءِ هڪ احترام واري ٻولي ليکِي وڃي ٿي، انهيءَ زبان مان جن ڪتابن جو ترجمو ٿيو، ان بابت ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي وقت کان اهڙا داستان مروج رهيا آهن، جيڪي يا ته عربي، فارسي ۽ هنديءَ تان ترجمو ٿي سنڌي ٻوليءَ جي زينت بنيا يا وري انهن جا بنياد سنڌ جي تاريخ ۾ کُتل آهن. انهن ٻنهي قسم جي داستانن ۾ انسان لاءِ اخلاق، جدوجهد، انسانيت ۽ شرافت جا درس ڏنل آهن. ليڪن گذريل اڌ صديءَ کان وٺي اهي داستان آهستي آهستي گم ٿيندا پيا وڃن. نه صرف ايترو، پر سنڌي ادب جي گهڻگهرن به ان صنف ڏانهن توجھ ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. صرف لوڪ ادب اسڪيم تحت لوڪ ڪهاڻين سان گڏ سنڌ جي نيم تاريخي قصن جي روايتن کي محفوظ ڪيو ويو آهي يا وري انهن ڌارين قصن کي جيڪي نيم تاريخي ۽ نيم مذهبي اهميت جا حامل آهن.“ (قاضي خادم: 21) هن وقت جي تقاضا آهي ته اهي لوڪ داستان يا قصا ماڻهن جي ضرورتن يا حقيقتن کان تمام گهڻو پري آهن، انهن کي پڙهي ڪو استفادو حاصل نٿو ڪري سگهي، ها البته جنهن دور ۾ اهي قصا ۽ داستان پنهنجو وجود مڃرائي چڪا هئا جن ۾ راڻيون، شهزاده ۽ شهزاديون، بادشاهه، وزير، سوداگر، جن، ديوَ، پريون، ڏائڻيون، ڌوتيون، جادوگرَ، جادوگرياڻيون، اڏام کٽوليون، شاهوڪارن، ڏاهن، ٺڳن عام ماڻهن جون ڪهاڻيون ٻارن ۽ گهرن، اوطاقن جي وندر جا ذريعا هئا سي هن جديد دور ۾ پنهنجي اها اڳوڻي مڃتا هن دور ۾ حاصل نه ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ جو جنهن دور ۾ انهن جي ضرورت هئي، انهيءَ دور جي گهرج مطابق انهن داستانن، قصن ۽ آکاڻين وڏي مڃتا ماڻي هئي. ڪو وقت هو جو ماڻهن صرف اهي داستان ۽ قصا ٻڌي پاڻ کي وندرايو ٿي انهن کي اها به خبر نه هئي ته اُهي قصا يا داستان ڪنهن لکيا ۽ قلمبند ڪيا ۽ ڇو لکيائون، جڏهن تحقيق جو دور شروع ٿيو ته محققن ڳولا ڪئي ۽ انهن قصن ۽ داستانن جي جوڙيندڙن جا نالا به هٿ ڪري ورتا. قاضي خادم رقم ٿو ڪري ته: ”جديد تحقيق جي بنياد تي انهن قصن ۽ داستانن جا دور ۽ تاريخون اندازن هٿ ڪيون ويون آهن، نه صرف ايترو، پر انهن ڪتابن ۽ قصن جي ليکڪن ۽ جوڙيندڙن جا نالا به هٿ ڪيا ويا آهن. جيئن ته مها ڀارت جو ليکڪ ”وياس“ چيو وڃي ٿو، هن ۾ اٽڪل ٻه لک شعر آهن. رامائڻ جو ليکڪ ”والميڪي“ سمجهيو وڃي ٿو. (پنج تنتر) دنيا جو مقبول ترين ڪتاب آهي. ڪليله ودمنه جو ليکڪ بيديا (ويدبابا) هندي ۽ ايسپ جون آکاڻيون جو ليکڪ (ايسپ) جو نالو ورتو وڃي ٿو.“ (قاضي خادم: 33) انهن داستانن ۽ قصن کي علمي ۽ ادبي بنيادن تي پرکيو ويو ته هي داستان، قصا يا ڪهاڻيون علم جي ڪهڙي دائري ۾ داخل ٿين ٿا.

فيبل(Fable)  لاءِ ڊاڪٽر جانسن چيو آهي، ”هي اهڙو بيانيه آهي، جنهن ۾ حيوان يا بي جان شيون اخلاقي تلقين لاءِ ماڻهن جيان ڳالھ ٻولھ ڪنديون ٿيون نظر اچن ۽ انسانن جيان ئي ڪم ڪاڄ به ڪن ٿيون. حڪايات لقمان (ايسپ جو آکاڻيون) ان جو بهترين مثال آهن.“ ان کان علاوه الف ليليٰ، طوطي نامو، ڪليله ودمنه به ان جا بهترين مثال آهن.

مٿ(Myth)  ڏند ڪٿا، هي اهي روايتون آهن جيڪي مذهب ۽ ديوَ مالا جي پراسرار عقيدن، وهم ۽ وسوسن سان ڀريل آهن. انهن جي ڪابه سائنٽيفڪ يا سائنسي تاويل ڪانهي، پر ڪي ڪي عقيدي جا ڪچا ماڻهو اڃا به انهن مان ڪن کي تسليم ڪيو ويٺا آهن.

ليجنڊ(Legend)  هيءُ ڪنهن قوم يا گروھ جي نيم تاريخي روايت ٿيندي آهي. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه هوندو آهي يا هوندو به آهي ته تمام مختصر پر عوامي زبان ۾ ۽ ذهن تي هجڻ جي ڪري، ان جي ڪهاڻي ۽ ڪردار به امر ٿي ويندا آهن… خاص ڪري سنڌي داستانن جون سورميون: مارئي، مومل، سورٺ، ليلا، سهڻي ۽ سسئي… ليجنڊ مذهبي به ٿي سگهي ٿو ۽ غير مذهبي به. مثال طور: رستم جي بهادري، ليليٰ مجنون جو عشق، فرهاد جو جبل ٽاڪي کير جي نهر شهر آڻڻ، درو پديءَ جا پنج مڙس هجڻ، يونان جو تختو اونڌو ٿيڻ يا سڪندر جو آئينو ٺاهڻ يا مومل جو جادوئي محل ٺاهڻ، سهڻيءَ جو گهڙي تي درياھ پار ڪرڻ، سسئي جو جبل ۾ داخل ٿي وڃڻ، مارئي جو محل ۽ ماڙيون ٺڪرائڻ، باھ تي هلي امتحان ڏيڻ.

رومانس(Romance)  سڀ کان پهرين فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪنهن غير معمولي واقعي کي نثر يا نظم ۾ بيان ڪرڻ کي رومانس ڪوٺيو ويو. ان جا خاص جزا، جنگ، حسن، عشق، ايمان ۽ مذهب آهي… سنسڪرت ۾ مها ڀارت، رامائڻ، هومر جي ايليڊ ۽ اوڊيسي به رائج الوقت گيتن ۽ مختصر رومانس کي ملائي ترتيب ڏنل آهن. هيروڊوٽس جي تاريخ ۽ فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ ان وقت جي مروج ڪهاڻين تي ئي ٻڌل آهن“ (قاضي خادم: 33)

انهن مٿين ڪهاڻين، داستانن ۽ قصن جا ڪردار به عجيب آهن، جن ۾ وندر ورونهن رکيل آهي. بي جان ڪردار: ٽڪريون، جبل، نديون، ڍنڍون، تلاءُ، جهولا ۽ جهڪون وغيره ۽ وري جاندار، پکي ۽ جانور وغيره اچي وڃن ٿا. ”سنڌ ۾ داستان قصا ۽ آکاڻيون قديم زماني کان مروج آهن. البته ڪتابي صورت ۾ ڇپيل داستان انگريزن جي دور جي پيداوار آهن، جن ۾ گهڻا اردو ۽ فارسي قصن ۽ داستانن جا ترجما آهن. اهڙي قسم جو پهريون ڇپيل قصو ”طوطي نامه سنڌي“ آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1854ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ به ٻه چار ڀيرا ڇپيو. هي داستان حيدر بخش جي اردو طوطا ڪهاڻي تان گل محمد حبيب الله ترجمو ڪيو هو. ساڳيو قصو 1862ع ۾ اڌا رام ٿانور داس هنديءَ تان ترجمو ڪري ڇپايو. 1890ع ۾ ٻيو دلچسپ قصو گل بڪاولي ڇپيو. هي قصو اصل ۾ فارسيءَ ۾ عزت الله بيگ جو لکيل هو، جنهن جو اردو ترجمو نهال چند ڪيو هو. سنڌي ترجمو احمد خان جلباڻي ڪيو. 1892ع ۾ الف ليليٰ ۽ حاتم طائي جا ترجما به ڇپيا. حاتم طائي جو قصو به حاجي امام بخش خادم جو ترجمو ڪيل هو.“ (ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي: 1992، 118)، اسان جيڪڏهن جديد ۽ قديم ترجمن جي فن جو اڀياس ڪنداسين ته انهن ۾ جيڪو نمايان فرق نظر اچي ٿو سو آهي، هڪ اسلوب جو ۽ ٻيو اصطلاحن جو ڇاڪاڻ جو اڄ کان سوا سئو سال جيڪي ترجما ٿيا تن ۾ ميٺاج ۽ دلچسپيءَ جو گهڻو خيال رکيو ويو آهي، جڏهن ته اڄوڪو سائنسي دور آهي، انهيءَ ڪري هر ماڻهو چاهي ٿو اسان جي سامهون سچيون پچيون ۽ حقيقي ڳالهيون بيان ڪيون وڃن جيڪي اسان جي اکيُن اڳيان ٿيندو هجي. جڏهن ته پراڻن قصن ۽ داستانن جا ترجما به انسانن جا وندر جا ذريعا هئا ۽ هر ماڻهوءَ پنهنجي ڪم يا واندڪائيءَ لاءِ وندر جون ڳالهيون ٻڌڻ جي خواهش رکي پيو انهيءَ ڪري ان وقت جي گهرج ۽ تقاضا اها ئي هُئي جيڪا قلمبند ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ”اُهي قصا پوءِ به وقت به وقت ڇپبا رهيا. 1892ع ۽ 1893ع  ۾ ٻيا به ڪجھ قصا ڇپيا… 1902ع ۾ آخوند لطف الله جو لاثاني ۽ لاثاني ‘گل خندان’ ڇپيو. هي داستان اردو جي مشهور قصن جي ڪتاب ”فسانه عجائب“ جي قصي جو آزاد ترجمو آهي. فسانه عجائب مرزا رجب علي بيگ سرور (وفات 1867ع) مير امن دهلوي جي ڪتاب ”باغ و بهار“ (چار درويش) جي جواب ۾ سن 1240ھ ۾ لکيو. مصنف، داستان جو پلاٽ اردو داستان جي مختلف حصن تان اخذ ڪري هڪ خاڪو تيار ڪري، ان تي پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. پلاٽ جي ماهيت نهايت وزن دار، موزون ۽ دلچسپ آهي. سنڌي مترجم انهيءَ کي سهڻي نموني نڀايو آهي.“ ميمڻ، عبدالمجيد: 1992، 118، 119)، تخليقي ۽ سائنسي ترجمن جو وڏو مسئلو اصطلاحن جو آهي. هن وقت جي صورتحال ڪجھ هن طرح آهي ته اهي وڻندڙ رنگ ۽ ڍنگ سان ترجمو ڪيل قصا يا داستان آهستي آهستي گم ٿي رهيا آهن ۽ اُهي شاهڪار ترجمن واريون تصنيفون جن جو ملڻ به هن وقت محال آهي، سي خبر ناهي ڪهڙي ڪنڍ ۽ ڪهڙي حالت ۾ موجود آهن، انهن کان اسان جو موجوده نسل لاتعلق يا اڻڄاڻ آهي. اهو هڪ اهڙو دور هو جو مختلف ٻولين مان قصن ۽ داستانن جا ترجما ٿيندا رهيا ۽ اهڙي طرح ”خود سنڌي غزل جي باڪمال شاعر مير عبدالحسين سانگي به قصا لکيا آهن، جهڙوڪ: قصو قصئه دلچسپ، قصئه گل رنگ وگل انداز (1904ع) وغيره. عربي جو مشهور قصو ”امير حمزو“ به اردو تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ته ڪيترائي ڀيرا ڇپيو. هي قصو قاضي عبدالغفور هالائيءَ ترجمو ڪيو هو. ”گل صنوبر“ ۽ ”سيف الملوڪ“ ۽ ”بديع الجمال“، قصا به اردو تان ترجمو ڪيا ويا، جيڪي اصل فارسي قصن تان ورتل ۽ ترجمو ڪيا ويا هئا… مشهور اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جا به ڪجھ قصا لکيل آهن. 1909ع ۾ ”ممتاز دمساز“ لکيائين، جيڪو اردو تان ترجمو ٿيل آهي. هي قصو اصل ۾ فارسي قصي ”مهرور بانو“ تان ورتل آهي.“ (ميمڻ، عبدالمجيد: 1992: 119) اهڙيءَ طرح، سنڌ جي عالمن، اديبن جن کي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين تي پورو پورو عبور حاصل هو تن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪري پنهنجي علمي ۽ ادبي ذخيري ۾ گونا گون واڌارو ڪيو. پهرين آکاڻي ترجمو ٿي، سا ديو ناگري ۾ لکيل هئي انهيءَ کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ منشي اڌا رام ٿانور داس ترجمو ڪيو، منشي اڌا رام هڪ ڏاهو ترجمي نگار هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ٿيل ناول ”راسيلاس“ جي نالي سان منشي اڌا رام ۽ ٿانور داس ”پرنس آف ايبسينا“ تان ترجمو ڪيو هو. ميران محمد شاهه ”سدا توري ۽ ڪڌا توري“ جي ڳالھ ”سبوڊي ڪبوڊي“ تان ترجمو ڪئي. تاريخ سنڌ (فارسي تاريخ معصومي) تان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي 1854ع ۾ ترجمو ڪئي. هندستان جي تاريخ (اردو تان) قاضي غلام علي 1854ع ۾ ترجمو ڪئي. دنيا جي تاريخ (اردو تان) ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي 1855ع ۾ سنڌي ترجمو ڪئي. ڪولمبس جي تاريخ (انگريزي تان) ڪوڙي مل کلناڻي 1869ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪئي. ”منتخب تاريخ انگلستان“ انگريزي تان واڌو مل چنديرام 1862ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. ”انڊين پينل ڪوڊ“ (انگريزي تان) ديوان هاسا رام 1863ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. فرانس ۾ بورزوا انقلاب 1879ع ۾ آيو، پر بورزوا تمدن سن 1828ع کان اڳي اتي زندگي ۾ رائج نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري بالزڪ پنهنجي ناول جو محور بورزوا طبقي کي نه بلڪه ”رٽيسن“ جي طبقي کي بڻايو. 1885ع پادرتي بمبرج سنڌ ۾ لٽرري سوسائٽي نالي ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ادبي جماعت قائم ڪئي. جنهن جون هفتوار گڏجاڻيون ”ڊينسو هال“ ۾ ٿيڻ لڳيون. انهن گڏجاڻين ۾ سنڌ جي اوائلي اديبن پڻ حصو ورتو ۽ انگريزي ادب مان ڪافي واقفيت حاصل ڪئي ۽ انهن ئي اديبن سنڌي ناول نگاريءَ جو بنياد وڌو ۽ جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ٿيل ناول آيو سو هو ”راسيلاس“ اهو ناول جڳ مشهور اديب ڊاڪٽر جانسن جو لکيل آهي، جنهن کي 1870ع ساڌو نول راءِ ۽ منشي اڌا رام ٿانور داس گڏجي ترجمو ڪيو. هن ناول جي ترجمي جي خوبي هي آهي جو سليس، سپڪ، عام فهم سنڌي زبان ۾ اهڙي طرح آندو ويو آهي جو ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته هي لکيو ئي سنڌي زبان لاءِ ويو آهي. هن ناول جو موضوع تلاش ۽ کوجنا آهي. هن ۾ حبش جي شهزادي ”راسيلاس“ ۽ سندس ڀيڻ ”نيڪايا“ عملاڪ نالي هڪ سائنسدان جي صحبت ۾ اچي شهزادن واري هڪ رخي زندگي مان بيزار ٿي مائٽن کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ لڪ چوري مان نڪري دنيا جو سفر  ڪري وڏو تجربو حاصل ٿا ڪن. هن ناول ۾ سائنس جي ايجاد جي وسيلي هوا ۾ اڏامڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي هئي. ان کانپوءِ مرزا قليچ بيگ دلا رام 1888ع ۾ لکيو جنهن لاءِ چيو ويو ته هي اردو جي ناول ”صحت النساءِ“ جو ترجمو آهي، پر مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا ”سائو پن ۽ ڪارو پن“ ۾ اها غلط فهمي دور ڪري ڇڏي آهي. هي ناول پاڻ دلئون جوڙيو هئائين. ساڌو هيرا نند جي مخزن ”سرسوتي“ سر والٽر اسڪاٽ جي تاريخ ناول ”ٽيلز مين“ جو سنڌي ۾ 1891ع ”طلسم“ قسطوار ڇپجڻ لڳو. هن ناول جو ترجمو شروع ۾ بولچند ڪوڏو مل ڪيو هو، پر پوءِ ان جي گذاري وڃڻ کانپوءِ باقي حصو ڪاڪي ڀيرو مل ترجمو ڪري ناول کي مڪمل ڪيو. ڇاڪاڻ ته ”سرسوتي“ ۾ ترجمي ڪندڙ جو نالو نه هو تنهنڪري اها غلط فهمي پڻ عام هئي ته هن ناول جي شروعاتي حصي جو ترجمو ساڌو هيرا نند ڪيو هو، پر اها حقيقت نه آهي. 1888ع کان هي ترجمن وارو سلسلو ھلندو رهيو. 1915ع ۾ ان وقت سناتن ڌرم سڀا وارن 1901ع ۾ ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي ماهوار رسالو ڪڍيو جنهن ۾ ڪيترائي ناول ترجمو ته ڪجھ اصل لکجندا رهيا. هن رسالي هلائڻ وارن جو مطلب هو سماج جو سڌارو. سو هنن جيڪي ناول ڇاپيا ويا تن ۾ سماجي ۽ گهرو اوڻاين کي چٽو ڪري ڏيکارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 1925ع کان 1940ع تائين سنڌي ساهت ۾ هندستاني ٻولين مان ترجمو ڪيل آکاڻين جي زبردست هوا کلي پئي جنهن ۾ اردو، هندي، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ٻولين مان ڪيتريون آکاڻيون سنڌيءَ ۾ اچي ويون. انهيءَ ترجمي واري دور کي ماهوار رسالن جو دور به چئي سگھجي ٿو. جنهن ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جو ماهوار رسالو ”سندر ساهت“ توڙي ٻين ادبي سوسائٽين ترجمن معرفت سنڌي ڪهاڻين ۽ ناولن جي انگ ۾ اضافو آندو جنهن سان نيون فضائون سنڌ جي ادبي تاريخ جي اڱڻ تي روشني ڦهلائڻ لڳيون ۽ مغربي آکاڻين جا ترجما ٿيڻ لڳا. سنڌ جي ناميارن عالمن جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو معلوماتي ڪتابن جو ذخيرو اچي ويو، جن ۾ مقامي ٻولين جي ادب کان ويندي، مغربي شاهڪارن جا به ترجما ڪيا ويا سڀني مترجمن جو ڪم اهميت وارو هو ليڪن انهن عالمن ۾ مرزا قليچ جو نالو مڙيوئي سرس ۽ اهم جاءِ والاري ٿو. سنڌي زبان ۽ ادب جي اضافي لاءِ، ٻين ٻولين مان ڪيترن ئي علمي ادبي شاهڪارن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب جي ذخيري کي وڌايو. جن ۾ ناول، ناٽڪ، ڊراما، افسانه، آتم ڪٿائون ترجمو ڪري پيش ڪيون ويون آهن. سن 1939ع ۾ ڪهاڻي ”ساهتيه منڊل“ جي بانيڪار جڳت آڏواڻي به چڱائي سهڻا ناول ترجما ڪيا هئا. جن مان مکيه شرت چندر جا هئا. سر هال ڪين جي پهرين مها ڀاري لڙائي بابت دل ڀڄائيندڙ ناول ”وومين آف ناڪا لوئي“ جو ترجمو ”آخري سفر“ 1939ع ۾ ڪيائين. هر زماني جي تقاضا مطابق عالمن ترجما ڪيا آهن. 1940ع  ۾ جيٺا نند لالواڻي جو ڀارت جيون سلسلو. 1941ع ۾ ڏيا رام سڀاڻيءَ جو آشا ماهوار سلسلو ۽ 1947ع ۾ بهاري ڇاٻڙيا جو ”زندگي پبليڪيشن“ انهن سلسلن ۾ گھڻو ڪري هندستان جي ڏيهي ادب سان گڏ پرڏيهي ادب خاص ڪري هندي، سنڌي، گجراتي، مراٺي، بنگالي، روسي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزي ٻولين جي شاهڪارن جو ترجمو ڪيو ويندو هو. منشي پريم چند، رابندر ناٿ ٽئگور، بنڪم چندر چئٽرجي ۽ ڪرش چندر وغيره مشهور ٿي ويا. ٻاهرين ملڪن جي ليکڪن ۾ اوهينري، پرل بڪ، ٽالسٽاءِ، گورڪي، چيخوف ۽ موپاسان جون ڪهاڻيون ۽ ناول ۽ شيڪسپيئر، گوگول ۽ ٻين جا ناٽڪ به ترجمو ٿيا. ولي لام ولڀ لکي ٿو ته: ”ورهاڱي تائين گهٽ ۾ گهٽ 400، 500 ڪهاڻيون، 150 کن ناول، 50 کن ناٽڪ ۽ 200 کن ٻين موضوعن جا ڪتاب ترجمو ٿيا هوندا. اهڙيءَ طرح جديد ادب لاءِ ترجمن وسيلي ميدان هموار ٿيندو ويو. ترجمي نگار ترجمو ڇو ٿا ڪن؟ ان لاءِ ولي رام ولڀ پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت“ ۾ لکي ٿو ته: ”مترجم هڪ ”بلڊ ڊونر“ وانگر هوندو آهي، جيڪو انهن اصلوڪن تخليقڪارن کي پنهنجو رت ڊونيٽ ”عطيو“ ڪندو آهي، جن جو هو ترجمو ڪندو آهي. ترجمي نگارن جا پنهنجي انهن پڙهندڙ تي ٿورا آهن، جيڪي پرڏيهي ادب مهيا ڪري ڏين ٿا. جيئن اڳ ۾ ڪجھ اهڙن معتبر ۽ مانائتن عالمن جا نالا لکي چڪو آهيان جن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. رت ولوڙيو، انهن ۾ ننديرام، مير چنداڻي، ديوان ڪوڙل مل، نگرا جاڻي، لال چند امر ڏنو مل، ميلا رام، ميران محمد شاهه، ڄيٺ مل پرسرام گلراجاڻي، غلام حسين قريشي، ميلا رام وسواڻي، نانڪ رام ڌرم داس، ديوان اڌا رام ٿانور داس ۽ ٻين سڀني ۾ وڏو سرواڻ مرزا قليچ بيگ هو. ورهاڱي کانپوءِ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، جن ورهاڱي کان اڳ جن عالمن ترجما ڪيا انهن عالمن کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، جنهن ادب ۽ ٻولي جي ترجمي جي ڦهلاءُ ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪيو، جيڪي اسان جي ادبي ذوق جا باني ترجمي نگار هئا. هندو توڙي مسلمانن شروعاتي ترجمن واري ڪم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، اُن لاءِ ادارا قائم ڪيا ويا. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته سنڌي مسلمان عالم سنڌ ۾ ڪتابي ادارا، ڪتابي سلسلا ۽ رسالا بند ٿيڻ تي خاموش نه ويٺا. سماجي، سياسي، معاشي، ثقافتي اثر پوڻ ته اڻٽر هئا، پر پنهنجي حوصلي همت سان اڳتي وڌيا. زندگي ارتقا پذير آهي، ماٺار به انقلاب آڻيندي آهي. جلد ئي سرڪار جي اطلاعات کاتي جي سرپرستي هيٺ آڪٽوبر 1948ع ۾ ماهوار ”نئين زندگي“ جو اجرا ٿيو، جيڪو زماني جون لاهيون چاڙهيون ڏسندو رهيو. مولانا عبدالواحد سنڌي جهڙو معتبر عالم هن رسالي جو روح روان هو. جنهن هر وقت پاڻ سان هن جون ڪاپيون رکي ماڻهن کي ورهائي ڏنيون ۽ انهن ماڻهن کي هن رسالي پڙهڻ جي صلاح ڏني. ڏيهي پرڏيهي ڪهاڻيون شاعري ترجمو ٿيون. 55- 1954ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ترجمن جي حوالي سان ڪافي ڪيو. جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. علامه عمر بن محمد خان دائودپوٽي توڙي محمد ابراهيم جويي مرحوم جي وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پنهنجو رت ست ڏئي، سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ نوان رستا نروار ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا ۾ ٽماهي ۾ ”مهراڻ“ رسالي محمد ابراهيم جويي، محمد عثمان ڏيپلائي، حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، نفيس ناشاد، امداد حسيني ۽ ٻين ڪاميٽين جي نگراني هيٺ ڏيهي پرڏيهي ادب ۾، ناول، ناٽڪ، مضمون، شاعري ۽ ٻيو ڪيترو ئي مواد ترجمو ٿي ڪتابي ته ڪن مقالن جي صورت ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه سنڌ جي ناميارن عالمن ۽ گڏجي سڏجي هڪٻئي جي سهڪار سان رسالن ۽ علمي ادارن جو بنياد رکيو، ڪتابي ۽ اشاعتي سلسلا شروع ڪيا، انهن عالمن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن ۾ ”اداره انسانيت“ محمد عثمان ڏيپلائي ”روح رهاڻ“ حميد سنڌي، ”اداره ادب نو“ سهڻي پبليڪيشن ماهوار ”سهڻي“ ۽ مرحوم طارق اشرف ”عالمي ادب“ ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن ”آگم پبليڪيشن“ نثار حسيني ”سنڌي اڪيڊمي“ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، روشني پبليڪيشن، نيو فيلڊس پبليڪيشن. رسالن ۾: اديون، گل ڦل ۽ ٻين رسالن، اخبارن، ادارن مختلف موضوعن تي ترجما ٿيل مضمون، مقالا، ڊراما، ڪهاڻيون، افسانا، ناول، آتم ڪهاڻيون ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب ترجمو ڪيا. انهن ترجمن جي ڪري اسان جي نئين ٽهي، عالمي ادب سان متعارف ٿي. جنهنڪري ترجمي ڪرڻ سان نئين فڪر ۽ نئين شعور کي پنهنجي سماج  ۾ آڻي انهن جي سکيا ڪئي وئي. سنڌي ادب جي ترجمي نگاري واري فن جي مطالعي مان جيڪا ڳالھ واضح نظر اچي ٿي ته هن ڪم سان سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا. جنهن ڪري ترجمي جي وسيلي ڪيترن ئي معلوماتي ڳالهين سان روشناس ٿي اسان جي نوجوانن کان ويندي سينئر شاعرن، اديبن، محققن، نقادن ۽ مورخن پنهنجي علم ۽ اداراڪ سان ڪيئي شاهڪار ڪتاب تخليق ڪرڻ شروع ڪيا. ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ جيڪو واڌارو آيو تنهن ڪيترن ئي ماڻهن کي پڙهڻ، سوچڻ ۽ لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ، اسان پنهنجي تاريخ ۽ ادب کي مقامي ۽ سماجي سرشتي جي روشنيءَ ۾ نهاريو ۽ ان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ وارو عمل ڪري ڏيکاريو. نجم عباسي جو شمار سنڌ جي بهترين مترجمن ۾ ٿئي ٿو، جنهن دنيا جي بهترين ادبي شهپارن جي چونڊ ڪري سنڌي زبان ۾ منتقل ڪيا. نجم عباسي ترجمي بابت لکي ٿو ته: ”ساهت ۽ ٻوليءَ ۾ ترجمي جي اهميت فائدي واري هوندي آهي، تنهن کي مان نه ورجائيندس، مان ترجمي جا پنهنجا ڪجھ تجربا ٻڌائيندس. مون محسوس ڪيو آهي ته ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. ترجمي ڪرڻ وقت ڊڪشنري ۾ لفظن جي معنيٰ ڏسڻ ۽ ان ٻولي جا پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٺهڪندڙ لفظ پرکڻ کانسواءِ ان ٻولي جي اصطلاحن لاءِ پنهنجي ٻوليءَ جا اصطلاح ڳولڻ ۽ اڃا به ان ٻولي جا ويچار پنهنجي ٻولي ۾ آڻڻ واسطيِ وڏي ذهني ولوڙ ۽ دماغ سوزي ڪرڻي پوي ٿي.“ نجم عباسي جيڪي ترجما ڪيا تن ڪتابن ۾ ”ڳاڙهو لالٽين“ جيڪو سندس قابليت ۽ فن جي گواهي پيش ڪري رهيو آهي. نجم عباسي انهن ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن، جن ۾ انقلابي واٽون ۽ رستا ٻڌايل آهن، جڏهن پڙهندڙ سندس ترجمن کي پڙهي ٿو ته اُن مان هڪ طرف حسناڪي ۽ تلخ حقيقتون بيان ڪيل آهن ۽ دل کي وڻن ٿيون ۽ پڙهڻ کانپوءِ ذهن ۾ انقلابي ڳالهيون اڀرن ٿيون دل ۽ ذهن ۾ صاف صاف اها ڳالھ ويهي وڃي ٿي ته انقلاب عام ماڻهو پورهيت ۽ هاري آڻيندا آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ به اهڙيون ڳالهيون موجود آهن. سن 1974ع ۾ هي ڪتاب شايع ٿيو آهي، جيڪو خليل جبران جي پنجن ڪهاڻين جو ترجمو آهي. نجم عباسي 1984ع ”پهاڙن ۾ پڪار“ جي نالي سان به هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو آهي ۽ هڪ ناول ”زلزلو“ جي عنوان سان ترجمو ڪيل آهي، جيڪو هن ڊي ڪين جي انگريزي ناول ”هز فادرس وائيف“ جو سنڌي ترجمو آهي جيڪو، هن سن 1963ع ۾ ترجمو ڪيو. اهڙا طرح نجم عباسي جا ٻيا ترجما آهن: ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ۽ ماسترياڻي مثالي ترجما آهن. عالمي ادب کي جن به عالمن پنهنجي ٻولي ۾ جاءِ ڏني انهن ڄڻ دنيا جي سماج مان سٺي چونڊ ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي ڄڻ ڌٻڻ مان پار ڪيو آهي جنهن مان ذوق، نکار، تازگي، سچ ۽ سونهن جا اهڃاڻ پيدا ٿين ٿا. مون طالب علم جي حيثيت سان پنهنجي استاد محترم ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب وٽان ترجمي جي تاريخ ۽ ڪن ڪتابن جي معلومات ۽ فن بابت سکيا ورتي آهي. قاضي خادم ترجمي جي فن بابت لکي ٿو ته: ”ترجما ڪرڻ هڪ فن آهي هڪ ٻولي کان ڪنهن ادب کي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ کي ترجمو سمجهڻ صحيح نه آهي، مترجم اهو آهي، جيڪو پنهنجي تمام خدا داد لياقت ۽ علم جي زور تي ڪنهن به زبان جي ڪنهن شهپاري کي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهڙي طرح منتقل ڪري ته جيئن هو انهيءَ زبان جي ماحول ۽ مزاج ۾ شامل ٿي، اهڙي جوڙجڪ ڪري جو ايئن لڳي جيئن اصل ٻوليءَ ۾ هو. ٻوليءَ جي بنيادي سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر کي برقرار رکڻ کانسواءِ ٻي ٻوليءَ جي ثقافتي ۽ سماجي پسمنظر سان ٽڪرا به نه ٿئي ۽ پنهنجي پوري معنيٰ سان گڏ ٻي ٻوليءَ ۾ جڳھ ٺاهي وٺي.“ ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب پڻ ڪي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن جن ۾، ناول ”زوال“، ”پيار ۽ سپنا يا جواريءَ“ جيڪي ترجمي نگاريءَ جي فن جا سهڻا مثال آهن، انهن ترجمن ۾ هن پنهنجي مخصوص انداز سان ٻنهي ٻولين جو حق ادا ڪيو آهي. ماحول اهو ئي آندو اٿس، پر پنهنجي ماحول کي به ذهن ۾ رکي حسن بياني جي خوبين سان پنهنجي پڙهندڙن جو خيال ذهن ۾ رکي منظر نگاري، ڪرادر نگاري ۽ واقعا نگاري کي وڻندڙ ٻولي ۾ عبارت آرائي ڪئي آهي. هن وقت جي ضرورت آهي ته اسين سنڌي زبان کي ڪيئن ٿا بچائي سگهون؟ ان جو جواب آهي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بهترين ماحول پيدا ڪري اُتي هن وقت جي تقاضا مطابق سنڌي زبان ۾ جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي تنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ڪي سبق شامل ڪيا وڃن ۽ افسانوي ادب کي سائنسي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي نموني شاعريءَ کي جذباتي قسم مان ٻاهر ڪڍي قومن جي ڀلائي واري دائري ۾ آڻيون. سنڌي قوم کي هن وقت وڏا چئلينج سامهون اچي رهيا آهن، انهن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل مواد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻو پوندو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جي ايندڙ دور ۽ هلندڙ دور جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پراڻا ليڪا نه ڪُٽيون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعن ۾ داخل ڪريون، انهيءَ سلسلي ۾ اسان جون مددگار شيون آهن انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس، علم طبعي، علم ڪيميا، علم الانسان، علم اللسان، جاگرافي، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جا درست معيار مقرر ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪريون ته جيئن ادب جي روح کي رهڙ به نه اچي ۽ ادب جي انفراديت به قائم رهي، اهڙي عمل سان اسين دنيا جي ڪار وهنوار ۾ داخل ٿي پاڻ مڃرائي سگهنداسين. سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن کان ويندي يونيورسٽين تائين جي استادن جو فرض ٺهي ٿو ته هُو پنهنجي تنظيمن کي ياد ڏيارين ته استاد جي ئي ذميواري پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي آهي ۽ ٻاهرين ترقي يافته ملڪن ۾ استادن جون ئي ٽريننگون حاصل ڪري اچڻ جو حق آهي، جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي. هتي اڪثر گهڻائي ۾ ايئن ئي ٿي رهيو آهي ته ملڪ جا آفيسر ئي ٽريننگون ڪري ايندا آهن جيڪي استادن کي ڏيارڻ گهرجن. آفيسرن جي  ٽريننگس سان انتظامي فائدا پنهنجي جاءِ تي، پر قوم جي ٻچڙن کي ڪهڙو فائدو آهي. ٽريننگ يافته استاد ئي معاشري کي سنئين راھ تي آڻي بيهاريندو جنهن ۾ هر شعبي جا ماهر پيدا ٿيندا. هن موضوع تي انهيءَ لاءِ قلم کنيو ويو آهي جو مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پي ايڇ ڊي جي ڪورس ورڪ دوران ترجمي جي فن بابت هڪ اسائنمينٽ ملي هئي. ڪتابن جي مطالعي ۽ استاد محترم استاد قاضي خادم صاحب جي سکيا مون کي هن ڪم ڏانهن گهڻي کان گهڻو ڌيان ڇڪرايو آهي. مذڪوره موضوع تي اسائنمينٽ منهنجي وڏي ۾ وڏي دلچسپي جو سبب بڻي ۽ مختلف لائبريرين مان وڃي ڪتاب هٿ ڪري پڙهيم. انهيءَ مطالعي کانپوءِ وڏي محنت سان هي مقالو لکي سگهيو آهيان. هن ڪم ۾ ڪمي پيشي ضرور هوندي علم بحر آهي ۽ اهو کُٽڻ جو نه آهي، پر تنهن هوندي به اميد ته هي پورهيو يقينن عالمن، استادن ۽ شاگردن اڳيان مڃتا ماڻيندو. ڇاڪاڻ جو مون هڪ هاريءَ وانگر سنگ سنگ ڪري ميڙي ٻار گڏ ڪئي اٿم.

”اَگهيو ڪائو ڪَچُ، جڏهن ماڻِڪن موٽَ ٿِي،

پَلَئه  پايو  سَچُ،  آڇيندي  لَڄَ  مَران“ (شاهه)

حوالا:

  1. ٻوهيو الهداد، ڊاڪٽر، ‘ادب جا فڪري محرڪ’، روشني پبليڪيشن، ڪنڍيارو، 2013ع
  2. خواجه نور افروز پروفيسر: ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر’، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1999ع.
  3. ريحانه نذير، لبنا احمد سومرو: ‘سنڌي افساني ۾ ترجمي جي اهميت’ ساليانو ”سنڌي ادب“ تحقيقي جرنل. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جولاءِ، ڊسمبر، 1995ع
  4. سومرو محمد ادريس ڊاڪٽر: ‘سنڌي ۾ لکيل اسلامي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو’ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ 2012ع
  5. سنڌيڪا ڊڪشنري: انگلش- سنڌي: (جديد ترين جامع لغت)، (ڇاپو پهريون)، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2003ع
  6. طارق محمود، ”اردو جي سائنسي ۽ فنياتي ترجمن جو جائزو“ ڪتاب: روئيداد سيمينار ‘اردو زبان ۾ ترجمي جا مسئلا’ مرتب: اعجاز راهي، (پهريون ڇاپو)، مقتدره قومي زبان اِسلام آباد، 1986ع
  7. عبدالقيوم صائب: ‘گل خندان’ سنڌي ادب انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، يونيورسٽي ڄامشورو جولاءِ، ڊسمبر 1995ع
  8. قاضي خادم: ‘ادبي سفر’ (مضمون، مقالا، افسانا ۽ شاعري) ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2015ع
  9. قاضي، خادم: (سال نه آهي)، ‘سنڌي جا نثر داستان’: تحقيق ۽ تنقيد: ڪراچي، انڊس پبليڪيشن.
  10. قريشي حامد علي، خانائي، ڊاڪٽر، (تحقيق ۽ ترتيب) ‘سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ سوڌيندڙ ۽ سنواريندڙ: بشير احمد هيسباڻي، ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ثقافت ۽ سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ، 2016ع
  11. لاکو، غلام محمد، ڊاڪٽر: ”مرزا قليچ بيگ: بحيثيت تاريخ نويس“، ڪتاب ‘ڪيفي قليچ’ ترتيب ۽ تدوين: زيب سنڌي، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ چيئر فيڪلٽي آف آرٽس، يونيورسٽي آف سنڌ، 2009ع
  12. ملڪاڻي منگها رام: ‘سنڌي نثر جي تاريخ’ (ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن حيدرآباد ڪنڊيارو 1993ع
  13. ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ‘سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس’، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع
  14. نجم عباسي: ‘دل وارن جي دنيا’ مرتب- يوسف سنڌي، ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ 2008ع
  15. ولي رام ولڀ: ‘ادب ۾ ترجمن جي اهميت’ ڇھ ماهي ”سنڌي ادب“ جولاءِ، ڊسمبر 1995ع
  16. هڪڙو انور فگار: ‘سنڌي آئيوٽا تي ٿيل تنقيد جو تجزيو’ ڇھ ماهي ”سنڌي ادب“ جولاءِ، ڊسمبر 1993ع. …(پورو ٿيو)…