حقيقت ڪن خواب ليکڪ: عزيز نيسن ترڪي ڪهاڻي ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو  

ھو پنڌ ڪري ڪري ساڻُو ٿي پيو ھو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پير گيسڙائي گيسڙائي اڳتي رڙھي رھيو ھو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھئس ته؛ انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي موت کان اڳي ان ٻوجھ کان آجائي نٿي ملي سگھي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي، رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگھي پئي ويون، مگر ھي پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو.

”ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھ آهي. جسم جيترو جھيڻو ٿيندو ٿو وڃي، ان ڪمبخت جو ٻوجھ کڻڻ وري اوترو ئي ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. ٿورڙو ھنن گاڏين کي ته ڏس! ڇا ڇا ته رنگ اٿن، ڇا ڇا ته شڪليون اٿن… منھنجو وزن ڪو پنجاھي کن ڪلو ته بيھندو؟ اڙي يار نه! پنجاھ ڪلو ڪاٿي؟ اھو ڪو چاليھ پنجيتاليھ جي لڳ ڀڳ ٿيندو.“

ايئن رستي ھلندي، ھو پنھنجو پاڻَ سان ڳالھائيندو پئي ويو. پاڻ کان پاڻ سوال ڪري ۽ وري پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏيئي رھيو ھو. ٿورو کنگھڻ بعد وري سوچڻ شروع ڪيائين؛

”ڪير سوچي به نه پئي سگھيو ته ڪڏھن منھنجا اھڙا حال به ٿيندا… ڪاش منھنجي کيسي ۾ ايترڙا پئسا ھجن ھا جو ھڪ ويلي جو نانڙو ئي وٺان ھا. اگر ان نان سان گڏ، گرم گرم چانھ جي پيالي به ٿي وڃي ھا ته ڪيا بات ھجي ھا…“

گاڏيون اچي تيزيءَ سان سندس ويجھي کان لنگھيو ٿي ويون. ايتري ۾ ھڪ بلڪل نئين، گھري نيري رنگ جي ڪار، سندس پاسي کان لنگھي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪار کيس ڏسي ڍري ٿي ھجي. چتائي ڏٺائين ته اسٽيئرنگ تي ھڪ عورت نظر آيس. ھڪڙي خوبصورت شعر وانگر حسين عورت. جنھن جا ڪارا وار، ھوا سبب وکريل ھئا. پھرين سَٽ ته کيس ايئن لڳو ڄڻ اھا سھڻي حسينه، پنھنجي گاڏي ڍري ڪري کيس چتائي پئي ڏسي. ھيءُ مشڪيو. مشڪڻ سان ھن جي سُڪل ڳٽن جي گھنجن جي ڳاڻيٽي ۽ گھرائيءَ ۾ واڌارو اچي ويو. سوچڻ لڳو؛ ”پوريءَ حياتيءَ ۾ حسن جي نظر اسان تي پئي ته عمر جي ڪھڙي اڻ سونھندڙ مرحلي ۾ اچي پئي!“

اکيون کيريون ڪندڙ ڀنڀاٽ ڪار، تيز ٿي ۽ اڳڀرو نڪري وئي. ڪو چاليھارو گز کن اڳتي وئي ھوندي جو وري بيھي رھي. مڙھ ڪراڙو، ٿڪاوٽ کان ساڻُو، پير گيسڙائي، رڙھي رھيو ھو. جڏھن نيري ڪار جي ويجهو پُڳو ته حسينه دريءَ منجهئون منڍي ڪڍي غور سان جائزو ورتس. ھاڻي ته شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه بچي ھئي. حسن جي نگاھِ ڪرم، پڪ ئي پڪ ھن ڀاڳ ڀريي تي ئي پئجي رھي ھئي. تنھن ھوندي به ھن مڙھي جي دل، ان حسين حقيقت کي مڃڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿي. ھن سوچيو؛ ”بک، منھنجي مغز تي سوار ٿي، ان کي ڌوڏي رکيو آھي. جنھن ڪري مان ڏينھن ڏٺي جو، ھلندي گھمندي، خواب ڏسڻ لڳو آھيان.“

نيري گاڏي وري چُري ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي وري بيھي رھي. عورت اڃان به کيس ئي تڪي رھي ھئي. مڙھي سوچيو؛

”لاشڪ! ڀُلي آ. ڪنھن ٻئي جو ڀولو ٿيو اٿس يا شايد منھنجي حالت تي ترس پيو اچيس.“

وري پنھنجو پاڻ سان مذاق ڪندي، دل ئي دل ۾، چيائين؛ ”استاد! ھيءَ پڪ ڄاڻ، توتي اڪن ڇڪن ٿي آھي.“

نيري گاڏي، ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳتي وڌي وئي. ٿورو اڳتي وڃي، وري بيھي رھي. حسينه ھاڻي ھن ڏانھن جُوھ وجھي، چتائي تڪڻ لڳي. سندس ايئن ھلي ھلي بيھڻ ۽ بيھي بيھي وري ھلڻ، مڙھي کي ڏاڍو پريشان پڻ ڪري رھيو ھو. ھو ان جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ به ڏاڍو بي چين پئي ٿيو.

”ڇا؟ اھا وڄ توتي ئي ڪرڻ لاءِ آتي بيٺي آهي. اگر نه ته پوءِ ٻيو ڪھڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟“

اھو سوچيندي، ھي رستي جي پرينءَ ڀر واري فٽ پيريءَ تي ھليو ويو. مائيءَ، ڪار جي ٻي دريءَ منجھان، نظرون مٿس کُپائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪراڙي جو شڪ، پڪ ۾ مٽجڻ لڳو.

”ڏٺو وڃي ته مان جوانيءَ ۾ ڪو ايترو ڪوجھو به نه ھئس، بلڪه سھڻو به سڏائي سگھيس پئي.“

ھاڻ ھو، وڏو شاھي رستو ڇڏي، کاٻي ھٿ تي ننڍڙي رستي تي ھلڻ لڳو. نيري گاڏي به اوڏانھن مڙي وئي. ھن دفعي جو ڪار، ڪراڙي جي آڏو پھتي ته حسينه کيس سڏي چيو؛

”دروازو کول!“

ھن دروازو کوليو.

”اندر ويھ!“

مڙھ ڪراڙو، گھٻراھٽ ۽ خوشيءَ جي رل مل جذبن تحت، پھرين ته ٿورو ٽھيو مگر مائيءَ جي مرڪڻ، کيس دل ٻڌرائي ۽ ھو ڪار جو دروازو کولي اندر اچي ويٺو. گاڏي، ھوا سان ڳالھيون ڪندي ھلڻ لڳي. واٽ تي نه مائيءَ ڪجھ ڪڇيو ۽ نه ئي مَڙَھ چپ چوريا. گاڏي، ھڪ شاندار عمارت آڏو اچي بيٺي. حسينه اڳيان اڳيان ۽ مَڙُھ پويان پويان. ٻئي گھر ۾ گھڙيا. ھڪڙي نوڪرياڻيءَ آڌر ڀاءُ ڪين. ان مڙھي کي حيرت منجھئون ڏٺو. حسينه ۽ مڙھو، ھڪڙي ھال نما ڪمري منجھ گھڙيا. عورت، مڙھي کي ويھڻ جي ساھي ڏني بغير، حڪم ڏنو؛

”ڪپڙا لاھ!“

”جي؟ جي ٿوري اجازت ملي ته مان ٿورو…“

ٻڍڙي، ڊڄندي ڊڄندي پنھنجي ڦاٽل، پراڻي ۽ ميري نِڪُ قميص لاٿي.

”پتلون به لاھ!“

مڙھي جا سمورا شڪ، ھاڻي لھي ويا. کانئس سڄي بک ۽ ٿڪاوٽ وسري وئي. سوچڻ لڳو؛

”آخر ماڻھو ئي ته آھي. انسان جي دل جي پورَ بابت، ڇا ٿو چئي سگھجي؟ سو به وري عورت جي دل جي باري ۾. ھن حسينه کي به ضرور منھنجي ڪا نه ڪا ادا پسند اچي وئي آھي، جنھنڪري سندس دل ميڻ ٿي وئي آھي.“

ھن پتلون به لاٿي. حسينه ھڪڙيءَ گھنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. جھٽ پلڪ ۾ ھڪ عورت اندر گھڙي. اھا نوڪرياڻي ھئي، پر مالڪياڻيءَ کان جيڪڏھن وڌيڪ نه ھئي ته گھٽ ۾گھٽ ان جيتري سھڻي ضرور ھئي. مڙھي سوچيو؛ ”اھا ته وڏي بي حيائي آھي. ھن عمر ۾ ٻن حسين پَرِيُن اڳيان، ايئن ھڪڙي گنجيءَ ۽ ھڪڙي ڪڇي ۾ بيھڻ، ڪٿان جي شرافت آهي.“

حسين مائيءَ، نوڪرياڻيءَ کي چيو؛

”آئيءَ کي چئه ته ٻارڙن کي وٺي اچي.“

نوڪرياڻي، ٻاھر نڪري وئي. مڙھو، ڪڇي منجھ ڦَرڪِي رھيو ھو. خبر ناھي ته سيءُ کان پئي ڦَرڪيو يا ھيجاني ڪيفيت سببان. گھڻو اڳي ھن ٻڌو ھو ته؛ ڪنھن عورت، محض پنھنجي مڙس جي بيوفائيءَ سببان ڪنھن واٽھڙو ڌاريي سان معاشقو ڪيو ھو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو؛ ”ڪٿي ھيءَ عورت به مون کي ان ئي مقصد جي لاءِ ھٿيار بنائڻ جو ارادو ته نٿي رکي.“

نوڪرياڻي موٽي آئي. ساڻس ھڪڙي گھر- دائي ۽ ٽي ٻارڙا ھئا. مڙني کان وڏو ٻارڙو، ڏھن سالن جو ھوندو. مڙني کان ننڍڙي ٻارڙي ڇھن سالن جي. ٻه ڇوڪريون، ھڪ ڇوڪرو. ٽئي ٻارڙا، فرشتن وانگر معصوم ۽ خوبصورت. مڙھ ڪراڙي، دل ئي دل ۾ چيو؛

”نوڪرياڻي ۽ گھر- دائيءَ جي ڪا ڳالھ ناھي، پر ٻارڙن کي ھڪڙي نپٽ نانگي ماڻھوءَ آڏو ايئن اچي بيھاري ڇڏڻ، بي حيائي ناھي ته ٻيو ڇا ھي؟“

مڙھي جون ڄنگھون، بانس جي لڪڙن وانگر ٺوٺ سڪل ھيون. ڳچي، ڪاني وانگر سنھي. پاسراٽين جون ھڏيون، پري کان بيٺي ڳڻي سگھجن. ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ، ھڪڙو ھڏائون پڃرو، مٽيءَ مَرُ واري چمڙيءَ ۾ مڙھائي بيھاريو ويو ھجي.

خوبصورت عورت، گھر- دائيءَ کان پڇيو؛

”اڄ نرگس، ماني کاڌي ھئي يا نه؟“

”ٿورڙو گرھ کاڌو ھئائين، بيگم صاحبه!“

”۽ شميمِ؟“

”بيگم صاحبه! ان کي ته مُور بک ئي نٿي لڳي. اڄ به ڪجھ نه چکيائين.“

”۽ منظورَ؟!“

”ھا! ان ٿورو چاڪليٽ چکيو ھو. بس ٻيو ڪجھ به نه کاڌائين.“

خوبصورت عورت، ٻارڙن ڏانھن ايئن نھاريو ڄڻ کين ڊيڄارڻ پئي چاھيائين. وري نپٽ نانگي، ڦَرڪندڙ ڪراڙي ڏانھن اشارو ڪري، ڪاوڙ مان چيائينِ؛

”ڏسو! ھن شخص کي ڏسو پيا نه؟! ان جون ھڙٻاٽيون ڪيئن ٻاھر نڪتل آھن. ياد رکو! جيڪڏھن ڍءُ ڪري ماني نه کائيندئو ته توھان جي حالت به ساڳي ٿي ويندي.“

ٽي فرشتي صفت ٻارڙا، ھيسجي پنھنجي ماءُ جي ماسيرين سٿرن سان چنبڙي پيا. حسين عورت، مڙھ ڪراڙي ڏانھن ڏٺو ۽ چيائينس؛

”چڱو بابا! جلدي ڪپڙا پائي! ۽ ھلڻ جي ڪر!“

(سنڌي روپ: ڪرنل مسعود اختر شيخ جي ڪيل اردو ترجمي تان)

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments