حوصلا افزائي ختم ٿي ويندي آهي: اڪثر ماحول ئي اهم هوندو آهي سنڌيڪار: فضا قريشي ليکڪ: جيمس ڪليئر April 2021

اينيٿورنڊيڪ، بوسٽن جي ميساچوسٽس جنرل اسپتال ۾ پرائمري ڪيئر جي طبيبه هئي ۽ کيس هڪڙو عجيب غريب خيال آيو. هن جو چوڻ هو ته هوءَ اسپتال جي هزارن عملدارن ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي کائڻ جي عادتن کي بغير سندن سوچ ۽ حوصلا تبديل ڪرڻ جي بهتر بڻائي سگھي ٿي. ان لاءِ هن ڪنهن سان ان بابت ڳالهائڻ جي رٿا بندي ئي نه ڪئي.

ٿورنڊيڪ ۽ هن جي ساٿي ڇهن مهينن جي مطالعي جو خاڪو ٺاهيو ته اسپتال جي ڪيفيٽيريا ۾ “پسند جي اڏاوت” کي تبديل ڪجي. هنن اهو ڪمري ۾ مشروبات جي ترسيل کي مٽائڻ شروع ڪيو. اصل ۾ ڪيفيٽريا ۾ ڪيش رجسٽر جي اڳيان واقع ريفريجريٽر رڳو سوڊا سان ڀريل هئا. محققن پاڻي کي به هر هڪ ريفريجريٽر ۾ متبادل جي طور تي شامل ڪيو. ان کان علاوه، هنن کاڌي جي اسٽيشنن جي ڀرسان به بوتل واري پاڻي جون ٽوڪريون پوري ڪمري ۾ رکيون. سوڊا اڃا به اڳين ريفريجريٽرن ۾ هو، پر پاڻي هاڻي سڀني پيئڻ وارين جڳهين تي موجود هو. ايندڙ ٽن مهينن دوران، اسپتال ۾ سوڊا جي وڪري جو تعداد 11.4 سيڪڙو گهٽجي ويو. ان دوران بوتل جي پاڻي جو وڪرو 25.8 سيڪڙو وڌي ويو. ساڳيا نتيجا ڪيفيٽريا ۾ کاڌي جي اسٽيشن وٽ به مليا. مزي جي ڳالھ اها ته ڪنهن به ڪنهن کي به اتي نه کائڻ لاءِ ۽ نه پيئڻ لاءِ هڪڙو لفظ به چيو.

هتي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيفيٽريا جي ماحول جي ڊزائين تبديلين کان اڳ (کاٻي) ۽ پوءِ (ساڄي) ڏسڻ ۾ ڪيئن هئي. رنگ سان ڀريل خانا انهن جاين جي نشاندهي ڪن ٿا جتي پاڻي جون بوتلون هر ممڪن جاءِ تي موجود آهن. ڇاڪاڻ ته ماحول ۾ پاڻي جو مقدار ۽ پهچ وڌي وئي، قدرتي طور تي ان ڏانهن رويو به مٽجي ويو ۽ غير متحرڪ طور تي ان تبديلي کي ممڪن بڻائي ڇڏيو.

ماڻهو اڪثر ڪري مصنوعات ان ڪري چونڊيندا آهن ته اهي اهڙي جاءِ تي رکيل هونديون آهن نه ڪي ان ڪري ته اهي مصنوعات خود ڇا آهن. جيڪڏهن آئون رڌڻي ۾ گھمنديس ۽ ميز تي بسڪوٽن جي پليٽ ڏسنديس ته اڌ درجن کڻي ۽ کائڻ شروع ڪنديس، ڀلي پوءِ انهن کي کائڻ لاءِ مون اڳ سوچيو ئي نه هجي ۽ اهو به ضروري ناهي ته مون کي بک لڳي هجي. جيڪڏهن آفيس ۾ ڪافي يا چانهن جي ٽيبل هميشه ڊونيٽس ۽ ماکي ۽ کنڊ وارن بسڪوٽن سان ڀري پئي هوندي ته اهو مشڪل هوندو ته ايندي ويندي ماڻهو ان مان ڪجھ نه ڪجھ نه کائي. اوهان جون عادتون ان تي انحصار ڪن ٿيون ته اوهان ڪهڙي قسم جي ڪمري ۾ آهيو، ڪهڙي جاءِ تي آهيو ۽ اوهان جي سامهون ڪهڙين شين جي قطار لڳل آهي.

ماحول مخفي هٿ آهي جيڪو انساني روين کي شڪل ڏئي ٿو. انسان جي انفراديت پسند شخصيتن جي باوجود، مخصوص رويا اڪثر ماحول جي حالتن هيٺ ٺهندا آهن. چرچ ۾ ماڻهو چپن ۾ ڳالهائيندا آهن. هڪ اونداهي گهٽي ۾ ماڻهو محتاط رهن ٿا ۽ بچاءُ ڪن ٿا. اھڙيءَ طرح تبديلي جو سڀ کان عام روپ اندروني نه پر خارجي آھي، اسان پنھنجي چوڌاري موجود دنيا جي ڪري مٽيل آهيون. هر عادت پسمنظر ۽ مفهوم تي منحصر آهي.

1936 ۾ نفسيات جي ماهر ڪرت ليون هڪ سادو فارمولو لکيو جيڪو هڪ طاقتور بيان ڏئي ٿو: رويو، ڪنهن فرد جو پنهنجي ماحول اندر عمل ڪرڻ جو نالو آهي يا

B=F (P, E)

ليون جي فارمولي کي خريداري ۾ جاچڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳو. 1952 ۾ اقتصاديات جي ماهر هاڪناسٽرن ان کي خريداري ڪرڻ وارو تحرڪ سڏيو ۽ ٻڌايو ته “جڏهن هڪ خريد ڪندڙ پهرين هڪ پراڊڪٽ ڏسي ۽ پوءِ ان جي ضرورت محسوس ڪري.” ٻين لفظن ۾ گراهڪ وقت بوقت اها پراڊڪٽ خريد ڪندا آهن جيڪا کين پيش ڪئي ويندي آهي ۽ ضروري ناهي ته ان جي کين ضرورت به هجي.

مثال طور: اکين جي سطح تي موجود شيون ٻيڻ تي، هيٺ فرش تي پيل شين کان وڌيڪ خريد ڪيون وينديون آهن. انهيءَ لاءِ توهان قيمتي اسٽورن ۾ اهڙين جڳهين تي جتي آساني سان گراهڪن جي نظر وڃي ۽ پهچ  آسان هجي اتي برانڊ واريون مهانگيون شيون رکيل هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته اهي انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندا آهن. جڏهن ته سستا متبادل اهڙين جڳهين تي رکيا ويندا آهن جتي اهي پهچڻ ۾ ڏکيا هوندا آهن. اهي گُر پرچون ڏيندڙن لاءِ پئسو ڪمائڻ واريون مشينون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي واضح جايون آهن جتي گراهڪن جي رش رهي ٿي. مثال: ڪوڪا ڪولا جو 45 سيڪڙو وڪرو ٻاهر مين گيٽ تي رکيل ريڪن تان ٿئي ٿو.

وڌيڪ واضح طور تي جيڪا پراڊڪٽ يا سهولت يا خدمت دستياب هوندي، وڌيڪ امڪان ان ڳالھ جو آهي ته توهان ان کي آزمائيندا. ماڻهو بڊ لائيٽ بيئر پيئندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها هر بار ۾ موجود هوندي آهي ۽ اسٽار بڪس ويندا آهن ڇاڪاڻ ته اهو هر ڪنڊ تي موجود آهي. اسان سوچيندا آهيون ته اسين ڪنٽرول ۾ آهيون. جيڪڏهن اسان سوڊا جي جاءِ تي پاڻي چونڊيو ته اسان اهو فرض ڪيون ٿا ته اسان اهوئي چاهيون ٿا. بهرحال حقيقت اها آهي ته اسان جا اڪثر عمل جيڪي اسين هر روز ڪندا آهيون اهي مقصد واري طريقي سان ۽ انتخاب ذريعي نه، پر هڪ تمام واضح پيشڪش ذريعي عمل ۾ اچن ٿا.

هر جاندار وٽ دنيا کي محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ جا پنهنجا طريقا آهن. عقاب ۾ وڏي ڊگھي فاصلي تي شين کي ڏسڻ جي بصيرت آهي. نانگ پنهنجي ڦڻ ذريعي هوا کي چکي، پنهنجي ڄڀ وسيلي سونگھي ٿو. شارڪ مڇي، ويجهي گذرندڙ مڇي کي پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ حرارت جي ڪري محسوس ڪري سگھندي آهي.

ايتري قدر جو بيڪٽيريا وٽ ڪي مورسپٽرز آهن، جيڪي اهڙا حسياتي خليا آهن جن وسيلي هو پنهنجي ماحول ۾ زهريلو ڪيميائي مرڪب ڳولي سگھن ٿا.

انسانن ۾ احساس حسياتي اعصابي نظام جي ذريعي هلندو آهي. اسان ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگھڻ، ڇهڻ ۽ ذائقي ذريعي دنيا کي محسوس ڪريون ٿا، پر اسان وٽ ان کي محسوس ڪرڻ جا ٻيا به طريقا آهن، جن مان ڪجھ شعوري آھن ۽ گھڻا لاشعوري آھن. مثال طور: توهان ڏسي سگهو ٿا، جڏهن توهان طوفان کان اڳ درجا حرارت گهٽجي وڃي يا جڏهن توهان جي آنڊي ۾ پيٽ جي تڪليف جي سور جي ڪري تڪليف وڌي وڃي يا توهان پٿريلي زمين تي هلڻ دوران توازن وڃائي ويهو. توهان جي جسم ۾ ريسپٽرس، اندروني محرڪن جي وسيع قسمن جي چونڊ ڪن ٿا. مثال: اوهان جي رت ۾ لوڻ جي مقدار يا اڃ لڳڻ تي پاڻي جي ضرورت محسوس ڪرڻ.

سڀني انساني حسياتي صلاحيتن ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ڏسڻ وارو عمل آهي. انساني جسم ۾ يارنهن ملين حسياتي خليا آهن. انهن مان تقريبن ڏهه لک فقط ڏسڻ لاءِ وقف آهن. ڪجهه ماهرن جو اندازو آهي ته دماغ جا اڌ وسيلا اکين تي استعمال ڪيا ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته اسان ڏسڻ تي وڌيڪ ڀاڙيندا آهيون. ان ۾ ڪوبه تعجب نه ٿيڻ گهرجي ته بصري اشارا اسان جي بچاءُ جو سڀ کان وڏو محرڪ هوندا آهن. انهيءَ سبب توهان جي ڏسڻ ۾ ننڍڙي تبديلي، توهان جي ڪرڻ ۾ وڏي تبديلي جو محرڪ بڻجي سگھي ٿي. نتيجي طور توهان اهو تصور ڪري سگهو ٿا ته انهيءَ ماحول ۾ جيئڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڪيتري نه اهميت وارو آهي جتي پيداواري اشارا اکين آڏو هجن ۽ غير پيداواري اشارا اکين کان ڏور.

شڪر جو انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙي خوشخبري آهي. اُها آهي ته توهان کي پنهنجي ماحول جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي. توهان پنهنجو ماحول پاڻ ٺاهي سگھو ٿا. اوهان پنهنجي ماحول جا معمار پڻ ٿي سگهو ٿا.

پنهنجي ڪاميابي لاءِ پنهنجو ماحول ڪيئن ٺاهجي:

1970 جي ڏهاڪي جي توانائي جي بحران ۽ تيل جي بحالي دوران ڊچ محققن ملڪ جي توانائي جي استعمال تي مڪمل توجهه ڏيڻ شروع ڪيو. ايمسٽرڊيم جي ويجهو هڪ مضافاتي علائقي ۾ هنن اهو ڄاڻايو ته ڪجهه گهرن پنهنجي پاڙيسرين جي مقابلي ۾ 30 سيڪڙو گھٽ بجلي استعمال ڪئي آهي، جڏهن ته سندن گھر ساڳئي ماپ جا هئا ۽ کين بجلي ساڳئي ريٽ تي مهيا ڪئي پئي وئي.

ان ڳالھ مان اهو ظاهر ٿيو ته هن پاڙي ۾ گهر هڪڙي ڳالھ کانسواءِ تقريبن هڪ جهڙا آهن: اهو آهي برقي ميٽر جو مقام. ڪجهه گھرن ۾ اهي ميٽر تهه خاني ۾ لڳل هئا ۽ ٻين ۾ مرڪزي دالان ۾ مٿانهين جاءِ تي بجلي جو ميٽر هوندو هو. جيئن ته توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته جن گھرن ۾ ميٽر هال ۾ موجود هئا انهن گهرن گهٽ بجلي استعمال ڪئي، ڇاڪاڻ جو جڏهن انهن جو توانائي جو استعمال واضح ۽ ٽريڪ ڪرڻ آسان هو ته ماڻهن پنهنجو رويو تبديل ڪري ڇڏيو.

هر عادت اشاري جي محتاج هوندي آهي ۽ اسان گهڻو ڪري اهي ئي اشارا ڏسندا آهيون، جيڪي واضح هوندا آهن. بدقسمتي سان اسان جو ماحول جتي اسان رهون ۽ ڪم ڪريون ٿا، اهو ان ڳالھ کي آسان بڻائين ٿا ته ڪجهه ڪم نه ڪجن. ڇاڪاڻ ته باهمي عمل کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪو واضح اشارو ناهي هوندو. مثال: جيڪڏهن گٽار الماري ۾ بند پيو هوندو ته ان جي مشق نه ڪرڻ آسان آهي. جيڪڏهن ڪتاب مهمان خاني جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سٿيو پيو آهي ته ان کي نه پڙهڻ سولو آهي. جيڪڏهن اوهان جي وٽامن جي گوري ڪٻٽ ۾ پئي آهي ته اهو آسان آهي ته اوهان ان کي نه کائيندو. جڏهن اهي اشارا جيڪي عادت کي اڀارين ٿا، اهي لڪيل آهن ته پوءِ انهن کي نظر انداز ڪرڻ آسان هوندو آهي.

چٽا ڀيٽي ذريعي واضح بصري اشارا توهان جي توجهه کي گهربل عادت ڏانهن متوجهه ڪري سگهن ٿا. 1990 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ايمسٽرڊيم جي شيپول ايئرپورٽ تي صفائي ڪندڙ عملي هڪ ننڍڙو اسٽيڪر نصب ڪيو جيڪو هر يورينل جي مرڪز جي ويجهو هڪ مک وانگر لڳو ٿي. ظاهري طور تي جڏهن ماڻهو يورينل ڏانهن ويندا هئا ته اهي ان کي پهرين ته ڪو جيت سمجهندا هئا، پر دراصل ان اسٽيڪر انهن جو ڌيان ان ڳالھ ڏانهن ڇڪرايو ته اهي تيل جي هار وير کي گھٽائين. تجزيي اهو ٻڌايو ته ان سان نه فقط گھربل مقصد حاصل ٿيو، پر هر سال 8 سيڪڙو غسل خاني جي صفائي تي ايندڙ خرچ به گھٽجي ويو.

مون پنهنجي زندگي ۾ واضح اشارن جي اهميت کي ڏٺو آهي. آئون اسٽور تان صوف وٺندو هئس ۽ انهن کي فرج جي خاني ۾ اڇلائي ڇڏيندو هئس ۽ پوءِ ڄڻ ته انهن کي وساري ڇڏيندو هئس. ٿوري وقت کانپوءِ مون کي ياد ايندو هو تيستائين اهي خراب ٿي چڪا هوندا هئا. جيئن ته آئون انهن کي ڏسندو ئي ڪونه هئس ان ڪري آئون انهن کي کائيندو به ڪونه هئس.

اشارو حوالو آهي:

اشارا جيڪي عادت کي تيز ڪن ٿا اهي شروع ۾ ڪنهن مخصوص شيءِ سان لاڳاپيل هجن ٿا، پر وقت سان گڏوگڏ اهي ڪنهن هڪڙي اشاري سان ڳنڍيل نٿا رهن، بلڪه ارد گرد جي ماحول ۾ روين ۽ اشارن جو حوالو ٿئي ٿو.

مثال طور: ڪيترائي ماڻهو ڪڏهن به اڪيلو نه پيئندا آهن، پر سماجي محفل ۾ وڌيڪ پيئندا آهن. ان ۾ اشارو ڪو هڪڙو نه هوندو بلڪه اها سڄي صورتحال هوندي: پنهنجن دوستن کي مشروبات جو آرڊر ڏيندي ڏسڻ، بار ۾ ميوزڪ جو ٻڌڻ ۽ نل مان بيئر جي جڳن جي ڀرجڻ کي ڏسڻ وغيره.

اسان ذهني طور تي پنهنجون عادتون انهيءَ جڳهه سان جوڙي ڇڏيندا آهيون جتي اهي واقع ٿينديون آهن: گهر، آفيس، جم. هر جڳهه ڪجهه عادتن ۽ معمولات جو لاڳاپو جوڙيندي آهي. توهان پنهنجي ڊيسڪ ٽاپ تي موجود شين، پنهنجي رڌڻي جي ميز تي پيل شين، توهان جي بيڊ روم ۾ رکيل شين سان لاڳاپا قائم ڪريو ٿا.

اسان جو رويو ماحول ۾ موجود شين کان نه پر انهن سان اسان جو تعلق متعين ڪري ٿو. اصل ۾ اهو هڪ مفيد طريقو آهي انهي بابت سوچڻ جو. اهو ڄڻ ته ڪنهن رشتي سان لاڳاپيل ۽ ڳنڍيل هجڻ آهي. انهيءَ جي باري ۾ سوچيو ته توهان پنهنجي چوڌاري موجود جڳهين سان ڪيئن رابطو ڪريو ٿا. هڪ ماڻهو لاءِ، هن جو صوفو اها جڳهه آهي، جتي هو هر رات هڪ ڪلاڪ لاءِ پڙهندو آهي. ڪنهن ٻئي لاءِ، صوفا اهو آهي جتي هو ٽيليويزن ڏسندو آهي ۽ ڪم کانپوءِ آئس ڪريم جو پيالو کائيندو آهي. مختلف مختلف يادگيريون ٿي سگهن ٿيون ۽ ساڳي طرح مختلف عادتون هڪ ئي جڳهه سان جڙيل پڻ.

جڏهن مون هڪڙي اينٽر پرينيئر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، مان گهڻو ڪري پنهنجي صوفي تي يا رڌڻي جي ٽيبل تي ڪم ڪندو رهندو هئس. ان صورتحال ۾ شام جو ڪم ڪرڻ بند ڪرڻ ڏکيو هوندو هو. ڪم جي وقت جي ختم ٿيڻ ۽ ذاتي وقت جي شروعات ۾ ڪو واضح فرق يا لائين نه هئي. ڇا رڌڻي جي ميز منهنجي آفيس هئي يا اها جاءِ جتي مون کاڌو کاڌو هو؟ ڇا اهو صوفو جتي مون آرام ڪيو هو يا جتي مون کي اي ميلون موڪلڻيون هيون؟ سڀ ڪجهه هڪ ئي جاءِ تي هو. ڪجھ سالن بعد آئون آخرڪار ان قابل ٿيس جو پنهنجو گھر مٽي سگھان. هاڻي مون وٽ اهڙو گھر هو جنهن ۾ آفيس لاءِ هڪ الڳ ڪمري جي گنجائش هئي. هاڻي ڪم جي زندگي ۽ گهر جي زندگي جي وچ ۾ واضح تقسيم ۽ ليڪ هئي. هر ڪمري جو هڪڙو بنيادي استعمال هوندو هو. رڌڻو پچائڻ لاءِ هو ۽ آفيس ڪم لاءِ هئي.

جڏهن به ممڪن ٿئي، هڪڙي عادت جي مفهوم کي ٻئي سان گڏ ملائڻ کان پاسو ڪريو. جڏهن توهان شين جي مفهومن کي ملائڻ شروع ڪندا، ته دراصل توهان عادتن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ شروع ڪندا ۽ ان طريقي ۾ پوءِ جيڪا آسان ترين هوندي ان جو غلبو رهندو. اهو هڪ سبب آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي وسعت هڪ ئي وقت هڪ طاقت به آهي ته هڪ ڪمزوري به. توهان پنهنجي فون کي هر قسم جي ڪم لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا، جيڪا انهيءَ کي طاقتور اوزار ٺاهيندي آهي، پر جڏهن توهان تقريبن ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو فون استعمال ڪري سگهو ٿا، انهيءَ کي هڪ ڪم سان وابسته ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. توهان ڪارائتو هجڻ چاهيو ٿا، پر جڏهن توهان پنهنجو فون کوليو ٿا ته توهان سوشل ميڊيا برائوز ڪرڻ، اِي ميل کي جاچڻ ۽ وڊيو گيمز کيڏڻ تي پڻ شرط هڻي رهيا هوندا آهيو. اهو اشارن کي گڏ وچڙ ڪرڻ آهي.

توهان شايد اهو چوڻ لاءِ سوچي رهيا آهيو ته “توهان نٿا سمجهو. مان نيو يارڪ شهر ۾ رهان ٿو. منهنجو اپارٽمينٽ هڪ اسمارٽ فون جي ماپ جو آهي. پوءِ به مون کي ڪيترائي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ الڳ ڪمري جي ضرورت آهي.” جيڪڏهن اها صورتحال آهي تڏهن به ڪو مسئلو ناهي. جيڪڏهن توهان جي جڳهه محدود آهي، پنهنجي ڪمري کي سرگرمي جي علائقن يا زونن ۾ ورهايو: پڙهڻ لاءِ هڪ ڪرسي، لکڻ لاءِ هڪ ڊيسڪ، کائڻ لاءِ هڪ ٽيبل. توھان پنھنجي ڊجيٽل جڳھ سان گڏ به اهو ڪري سگھو ٿا. مان هڪ ليکڪ کي ڄاڻان ٿو جيڪو صرف ڪمپيوٽر لکڻ لاءِ، ٽيبليٽ صرف پڙهڻ جي لاءِ ۽ فون صرف سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪسٽ مئسيج موڪلڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. هر عادت لاءِ هڪ مخصوص جاءِ هئڻ گهرجي.

جيڪڏهن توهان هن حڪمت عملي سان قائم رهڻ جو انتظام ڪري سگھو ٿا ته پوءِ هرهڪ ترتيب هڪ خاص عادت ۽ سوچ جي طريقي سان جڙي ويندي. عادتون انهيءَ وانگر متوقع حالتن ۾ اڀرنديون آهن. فوڪس پاڻمرادو ايندو جڏهن توهان پنهنجي ڪم واري ڊيسڪ تي ويٺا آهيو. آرام ان وقت آسان آهي جڏهن توهان ان مخصوص جڳهه ۾ موجود هجو ان مقصد لاءِ. ننڊ جلدي ايندي آهي جڏهن توهان پنهنجي بيڊ روم ۾ هجو. جيڪڏهن توهان مستحڪم ۽ متوقع رويا چاهيو ٿا ته توهان کي اهڙي ماحول جي ضرورت هوندي جيڪو مستحڪم ۽ متوقع هجي. هڪ مستحڪم ماحول جتي هر شيءِ جي جاءِ ۽ مقصد هوندو آهي، اهو هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪندوآهي جتي عادتون آساني سان ٺهي سگهن ٿيون.

باب جو خلاصو:

* جوڙجڪ ۽ ترتيب ۾ ننڍيون تبديليون وقت سان رويي ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگهن ٿيون.

* هر عادت اشاري ذريعي شروع ٿئي ٿي، جيڪي اشارا واضح هجن ٿا اسان انهن جي پوئيواري ڪريون ٿا.

* پنهنجي ماحول ۾ سٺين عادتن جا اشارا ظاهر ظهور رکو.

* تدريجي طور تي، توهان جون عادتون ڪنهن هڪ اشاري سان نه بلڪه گڏيل ماحول سان جڙيل رهن ٿيون. ان ڪري جوڙجڪ يا ترتيب اشارا بڻجي پون ٿا.

* نئين ماحول ۾ نئين عادت ٺاهڻ آسان آهي. ڇاڪاڻ ته توهان کي پراڻن اشارن جي خلاف وڙهڻو ناهي پوندو.

…(هلندڙ)….

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments