ادببلاگ

حيدرآباد ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس 2022

هن سال سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي جي ادبي ڪانفرنس ڀٽ شاھ تي ملهائڻ بجاءِ حيدرآباد شھر جي ممتاز آڊيٽوريم ۾ رکي وئي جيڪو آڊيٽوريم ھاڻي مناسب مرمت نه ٿيڻ سبب پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو آهي. ممتاز آڊيٽوريم جا ايئرڪنڊيشنر مڪمل طور خراب ٿي چڪا آهن، انهن ناڪاره ايئرڪنڊيشنرن کي ھٽائي نوان لڳائڻ جي ضرورت آهي، رڳو ڪانفرنس لاءِ عارضي طور اي سي رکيا ويا. ڪانفرنس جي دعوت صرف هڪ ڏينهن اڳ ۾ سوشل ميڊيا تي پڌري ڪئي وئي، جنهن سان ڪيترائي ماڻهو جيڪي شايد ان ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ دلچسپي رکندا هئا سي پهچي نه سگهيا، ان سان انتظاميه جي مس مئنيجمينٽ وائکي ٿي پئي.

ڪانفرنس جو موضوع، مقررن جو تفصيل هن ريت آهي:

موضوع: درد کان اميد تائين

هن دفعي شاھ جي سرن متعلق اينيميشن يا عڪسبندي ڏيکاري وئي جيڪا هڪ نواڻ هئي.

مذاڪرو: ميزبان- شير مھراڻوي

مقرر: شوڪت اڄڻ، نور احمد جنجهي، اسحاق سميجو

جنهن ۾ هيٺ ڏنل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.

اڪيلائيءَ، جدائي، وصل،

درد ۽ اميد جو ھمعصر پسمنظر

سر سارنگ کي اڄوڪي پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

بيت بطور حوالا ڏنا ويا.

حزن حبيبن جو رڳو ئي راحت

درد تخليق جو بنياد آهي.

ڀٽاِئي درد کي رهنما ڪري پيش ڪيو آهي.

خارجي درد خلاف مزاحمت

قدرتي آفتن جي تاريخ نٿي ملي شايد ان ڪري لطيف جي شاعري ۾ برسات جي تباهي وارو پهلو نه پيو ڏسجي.

بيت:

ڪنڌي اڀا اوپرا ڏٺئي توڏا

زندگيءَ جي ڪندن تي ڪرڻ کي شيلي پسند ڪيو آهي، شوڪت اڄڻ

قومي درد جو مثال:

ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا.

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تاريخ رڳو انگريزن لکي آهي.

بيت:

دل ڌوتائين دک سين

کاھوڙين

ڊوھي سان ڊوھ متان ڪا مون سين ڪري

مقالا:

سحر گل ڀٽي

ڀٽائي جي فڪر جي ساخت، تشڪيل

ڪردارن جي منزل، محبوب تائين رسائي آهي. درد جو اظهار شاندار آهي.

بيت:

نائي نيڻ نهار تون ۾ ديرو دوست جو (سر سسئي)

ڳورا ٻئي پار (سهڻي)

بيکاري کي بر ۾ (سر مومل)

جي تتو تن تلور جيئان (سر يمن ڪلياڻ)

آڻي آڳ ادب سين

لکاءَ

تاج جويو به پنهنجو مقالو پڙهيو.

ايس ڪي ناگپال

ڏک جوڙيندڙ ۽ ٽوڙيندڙ به آهي.

بيت:

اڃ سين اڃ اجھاءَ

ڪنڌي ڪلين وچ ھنيائون

نااميدي آجپو اوڇڻ

اسد جمال پلي

بيت:

پر ۾ پڇائون اسباب عشق جو،

شازيه پتافي پنهنجو مقالو پڙهيو.

احسان دانش به پنهنجو مقالو پڙهيو.

تنقيدي جائزو:

هتي لطيف جي سماجي ۽ سياسي درد ۽ اميد کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو جيڪو سنڌ جي موجوده ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان ڪافي اهميت رکي ٿو. ٻوڏ ۾ عورت جي درد ۽ ان جي لاءِ بچي ويل اميد جو موضوع ڪافي اهميت رکي پيو.

شاعر تمام سماجي ۽ سياسي حقيقتن کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪندو آهي، جنهن جو مقصد متعلقه جابر قوتن تائين داد رسي جو پيغام ڏيڻ هوندو آهي، پر مذاڪري ۾ ڪنهن به مقرر ان بنيادي نقطي کي نروار نه ڪيو رڳو رسمي ڳالھ ڪندا رهيا.

لطيف جي اميد تي به ڪا تحقيقي راءِ نه ڏيئي سگهيا رڳو مٿاڇرو ذڪر ڪيو.

مذاڪري ۽ مقالن ۾ ڪنهن به مقرر لطيف جي سماجي، سياسي دردن ۽ اميد جو تحقيقي ڇيد نه ڪيو ته ڀٽائي دردن مان نجات لاءِ ڪهڙي اميد جو گس ٻڌائي ٿو، جيڪو تحقيق جو اصل مقصد هو.

درد سماجي نابرابري سبب ڏاڍ ۽ ناانصافي مان پيدا ٿئي ٿو. جنهن مان نجات لاءِ لطيف سرڪار مزاحمت، جدوجهد جو عظيم درس ۽ پيغام ڏنو آهي. ان سان گڏوگڏ انهن جابر قوتن جي سخت لفظن ۾ مذمت جو به اظهار ڪيو آهي. درد ۽ اميد جي حوالي سان سُر عمر مارئي ڪافي اهميت رکي ٿو.

بيت:

سونهن وڃايم سومرا، ڪيڏانهن ويم ڪمال

مينڍا ڌوءَ م مارئي، ٿيس ڪرنون وار،

چت جنين جا چور سي، مکي مرڪ نه ڪنديون

محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا، (سر آسا)

هونئي هوند مئي، ٻڏي جا ٻيڻا ٿيا، (سر سهڻي)

جه سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن،

مارو منجھ ٿرن، رهي رهندا ڪيترو (سر مارئي)

ننگا آهيون نڱيا، اسين مارو لوڪ،

گذريل 8 سالن کان لطيف ادبي ڪانفرنس کي ثقافت کاتي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ڪلاس روم بڻائي ڇڏيو آهي. هر سال مخصوص پروفيسر ليکڪن کي گهرايو وڃي ٿو، ادب سان وابسته محققن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي. هر سال ساڳين استادن کان مقالا لکرايا پيا وڃن. جڏهن ته ان کان اڳ ساڳي ثقافت کاتي طرفان ڪانفرنس ۾ مقالن لاءِ اڳواٽ اشتهار جاري ڪيو ويندو هو جنهن مطابق سڄي سنڌ جي دانشمند، اديبن کان مقالا لکرايا ويندا هئا، جن مان هڪ ڪميٽي 15 مقالن جي چونڊ ڪندي هئي جن کي ڪانفرنس ۾شرڪت لاءِ گهرايو ويندو هو.

جڏهن ته هاڻي ان ڏينهن جي حيثيت گهٽائي وئي آهي ۽ پهرين جنهن محنت سان، چڪاس ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري مقالا چونڊيا ويندا هئا هاڻي ڄڻ مخصوص ماڻهن کي چونڊي انهن جا مقالا پڙهايا وڃن ٿا، ڄڻ جان آجي ڪئي ٿي وڃي، جنهن سان هن ادبي ڪانفرنس جي اها ادبي حيثيت جيڪا شايد اڳ ۾ محسوس ڪئي ويندي هئي هاڻي محسوس نٿي ڪئي وڃي. ان عمل سان ڪيترائي ڄاڻو ۽ عالم، دانشور ۽ محقق جن کي ٻڌڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو عوام کان اهو موقعو کسيو پيو وڃي. ٻي ڳالھ ته اڳ ۾ لطيف ڪانفرنس ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن مان به محقق گهرايا ويندا هئا، لطيف ادبي ڪانفرنس وڏي سطح تي ڪوٺائي ويندي هئي جنهن کي موجوده وزير ثقافت، يونيورسٽي جي استادن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ هندستان جي اديبن سان گڏ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي اديبن سان ملاقاتون ٿينديون هيون اتي چند مخصوص ساڳين چهرن کي ڏسي ۽ ٻڌي بيزاري پئي ٿي. ڪو نئون موضوع يا تحقيق سامهون نه پئي اچي. ڪانفرنس ۾ جتي پنج کان ڏھ ڪتابن جي پڌرائي ٿيندي هئي اڄ اتي سڄي سال جي بجيٽ مان رڳو ٻه چار ڪتاب رسمي طور پڌرا ڪيا وڃن ٿا، جن جي ڪابه خاص خوبي نظر نه پئي اچي. ايئن پيو لڳي ڄڻ ڄاڻي واڻي شاھ تي تحقيق جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن. رڳو خانا پوري لاءِ رسم پوري ڪئي پئي وڃي. ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي تي اچي بيٺي آهي. هر سال ساڳين چند چهرن کي سامعين جي منهن تي ٿاڦيو وڃي ٿو ۽ دنيا کي اهو ڏيکاريو ٿو وڃي ته اسان وٽ اديبن ۽ محققن جي وڏي اڻاٺ آهي ڪو نئون چهرو ملي ئي نٿو. حقيقت اها آهي ته هن ڪانفرنس جي لاءِ جتي سڄو سال تياري ڪرڻ گهرجي ان کي تڪڙ ۾ هفتي کن جي تياري اندر بي دلي سان منعقد ڪيو وڃي ٿو.

سيڪريٽري ثقافت نسيم غني سهتو پنهنجي تقرير ۾ بنا نالي وٺڻ جي کيس تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته فرد ڀلي تنقيد ڪن اسان سندن ڪنهن به مخالفت ۾ نه اينداسين، هو ڪنهن غلط فهمي ۾ آهن، اسان کي ڪنهن جي به ڪا پرواهه ناهي.

سيڪريٽري جي رد عمل مان صاف ظاهر آهي ته هو تنقيد جي اثرن کان بلڪل خوفزده آهي يا تنقيد کي پنهنجي ھٺ ڌرمي سبب رد ڪرڻ چاهي ٿو. هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن آفيسر اهڙن خيالن جو اظهار نه ڪيو آهي.

سيڪريٽري ثقافت کي تنقيد کان بچڻ لاءِ پنهنجي کاتي جي ٻڙي ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي نه ڪي تنقيد کي نظر انداز ڪرڻ هن کي زيب ڏئي ٿو. لطيف تي تحقيق ۽ تبليغ ڪرڻ وارا ڪافي آهن، پر ذاتي طور ذري جيتري به تنقيد برداشت نه پيا ڪري سگهن نه وري اختلاف راءِ کي قبول ڪن ٿا. اھڙن مقررن کي سامعين ڀلا ڇو برداشت ڪندا.