حيدرآباد ۾ متحده جي ريلي، خالد مقبول صديقي جو خطاب
ايم ڪيو ايم جي حيدرآباد ۾ ريلي جيڪا شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي ڪوهه نور چوڪ تي پهتي، جتي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي حيدرآباد مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي خالقن جو اولاد آهيون، غداري ڪري ئي نٿا سگهون، اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان ٺاهيو، ان پاڪستان کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان ئي پاڪستان جي اصل جدوجهد لاءِ بيٺا آهيون. هن چيو ته جيڪا وفاداري ملڪ سان اسان ڏيکاري اها ٻي ڪابه سياسي جماعت نٿي ڏيکاري سگهي. اسان ايم ڪيو ايم کي وڃايو ناهي متحد ڪري ڇڏيو آهي, هن چيو ته هاڻ تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي. جڏهن به نڪرندا آهيون تقدير بدلائي ڇڏيندا آهيون، هن چيو ته جاگيردار وڏيرا حڪمران هاڻ نه بچندا، هاڻ استعمال نه ٿينداسين، استقامت سان گڏ بيٺا آهيون، ايم ڪيو ايم جي ئي ٻيڙي ڪناري تي پهچندي، جيڪي ڇڏي ويا اهي واپس اچن. ايئن نه ٿئي جو سڀاڻ حقدار بڻجڻ لاءِ حق پرست شرط ٺهي وڃن. هاڻي نه هي بيمار بدبودار نظام بچندو ۽ نه ان جي حفاظت ڪرڻ وارا بچندا. هن چيو ته ڪراچي متروڪه سنڌ جو سِر آهي ته حيدرآباد ان جو چهرو آهي. سنڌ جي 23 مان 21 شهرن ۾ هندن جي اڪثريت هئي، اهي هتان ويا ۽ مهاجر اچي هتي آباد ٿيا. اسان پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ پنهنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏئي چڪا آهيون. هاڻ پنهنجا حق وٺڻ جي فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي. ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ کان جڏهن به حساب گهريو ويندو آهي ته اهي چوندا آهن جمهوريت کي خطرو آهي، ٻنهي جماعتن جمهوريت جي نالي تي ملڪ کي لٽيو آهي. خاص ڪري پيپلز پارٽي سنڌ کي لٽيو آهي. هن چيو ته جڏهن به حساب ڪتاب وٺڻ جو وقت ايندو آهي ته ٻئي پاڻ ۾ ڀائر بڻجي ويندا آهن. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ سنڌو ديش لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پ پ ملڪ مخالف جماعت آهي، جنهن ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪيو. هن چيو ته حيدرآباد ۾ اسان جا 250 لاش ڪيرايا ويا. جيترا به لاش ڪيرايو اسان سينا تاڻي بيهنداسين، صوبو هر صورت ۾ ٺهندو، حيدرآباد مهاجرن جو شهر ۽ قلعو آهي، پ پ هجي يا ڪو ٻيو ايم ڪيو ايم سان گڏ بيٺل عوام جو آواز دٻائي نٿو سگهي، ايم ڪيو ايم متحد آهي ۽ رهندي. مارچ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪراچي جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر، ايم ڪيو ايم حيدرآباد زونل انچارج ظفر راجپوت، چونڊيل نمائنده پڻ موجود هئا.