خاندان جي فرد جي لاڏاڻي تي عورتن جون آڱريون ڪهاڙي سان ڪَپيون وينديون آهن!

دنيا جي مختلف ثقافتن ۾ ڪيتريون ئي عجيب رسمون ۽ رواج هوندا آهن، انهن مان هڪ انڊونيشيا جي داني قبيلي جي رسم آهي، جتي خاندان جي ڪنهن فرد جي موت تي عورتن جون آڱريون ڪَپيون وينديون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي داني قبيلي ۾ جڏهن به خاندان جو ڪو فرد لاڏاڻو ڪري ويندو آهي ته گهر جي عورتن جون آڱريون ”اڪيپالن“ نالي رسم پوري ڪندي ڪَپيون وينديون آهن. عورتن جي آڱر جو مٿيون حصو ان وقت ڪَپيو ويندو آهي، جڏهن خاندان جو ڪو فرد مري ويندو آهي. قبيلي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان سان ابن ڏاڏن جي روحن کي سڪون ملندو آهي. رپورٽن موجب سڀ کان اڳ رت جي گردش روڪڻ ۽ تڪليف کان بچڻ لاءِ عورتن جي آڱرين کي مضبوطي سان رسي سان ٻڌو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪهاڙي سان آڱرين جون مٿيون حصو ڪَپيو ويندو آهي. داني قبيلي جو مڃڻ اهي ته ان عمل دوران عورتن کي جيڪو سُور ٿيندو آهي، ان سان مري ويل جي تڪليف گهٽ ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مري ويندڙن جي تڪليف گهٽ ڪرڻ جي ذميواري مردن نه پر عورتن جي ڪلهن تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عورتن کي ئي ان تڪليف مان گذرڻو پوندو آهي. رپورٽن موجب انڊونيشيا ۾ ڪجهه ماڻهن ان رسم کي خوفناڪ ۽ وحشياڻو قرار ڏيندي ان خلاف احتجاج به ڪيو ۽ حڪومت به ان رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
smooth jazz
1 month ago

smooth jazz