خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون

همسري جي واٽس ايپ گروپ ۾ محترمه نذير ناز صاحبه سنڌ ايڪٽ 1972ع (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي. جنهن جو متن اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان جي علائقي جي خانگي اسڪولن ۾ رائج پاليسي موجب سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ ”سنڌي لازمي“ ۽ غير سنڌي شاگردن کي ”آسان سنڌي“ نه پڙهائي پئي وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري وٽ پنهنجي شڪايت درج ڪرايو. مون کي ياد آهي ته 1972ع جي ان سنڌ ايڪٽ تحت ان وقت جي سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ سنڌي لئنگويج ٽيچر به ڀرتي ڪيا هئا ۽ باقائدگيءَ سان سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي لازمي مضمون پڙهايو ويندو هو. تقريبن 24/25 سال اڳ پنهنجن ٻن ٻارن کي بهتر تعليم جي حصول خاطر حيدرآباد آٽوڀان ۾ قائم ٿيل هڪ خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هئم. داخلا ڏيڻ وقت اسڪول جي انتظاميه يقين ڏياريو هو ته ٻين مضمونن سان گڏ جيڪي انگلشن ميڊيم هئا، سنڌي ۽ اردو جي مضمونن ۾ ٻارن کي بهتر نموني پڙهايو ويندو. ٻارن جي پڙهائي بابت پروگريس وٺڻ لاءِ اسڪول وڃڻ به ٿيندو هو. اسڪول انتظاميه پنهنجي طلسماتي انداز سان ٻارن جي پڙهائيءَ جي تعريف ۽ سنڌي اردو مضمونن جي درس تدريس جي يقين دهاني ڪرائيندي هئي. اهڙيءَ طرح بورڊ جي امتحان ۾ به سنڌي ۽ اردو جون مارڪون ڏاڍيون اطمينان بخش نظر آيون، پر عملي طرح ٻارن کي پوري طرح سنڌي ۽ نه وري اردو لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ٿي ۽ اها شڪايت هر مائٽ جي آهي. ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي جڏهن مون نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ هڪ خانگي انسٽيٽيوٽ ۾ پرنسپال جي ذميداري سنڀالي ۽ هڪ ڀيري اتي هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو هو، جتي ٻاهرين مهمانن کي به مدعو ڪيو ويو هو. تنهن تقريب جي سٽاءُ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ مون انسٽيٽيوٽ جي فيميل ٽيچر جيڪا انجنيئرنگ گريجوئيٽ هئي تنهن کي اردو ۽ سنڌي ۾ تقريب جي اسڪرپٽ ڊڪٽيڪٽ پئي ڪرائي ته هوءَ بجاءِ سنڌي ۽ اردو لکڻ جي رومن انگلش ۾ لکي رهي هئي. مون کانئس ان بابت پڇيو ته هوءَ صحيح طرح اردو يا سنڌي ڇو نه لکي رهي آهي ته هن ٻڌايو ته کيس آسان سنڌي ۽ اردو لازمي پڙهايو ئي نه ويو آهي. حالانڪه جڏهن هن حيدرآباد جي ان مشهور خانگي اسڪول جو نالو ورتو جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي هئي ته مون کي پنهنجن ٻارن جي سنڌي ۽ اردو مضمونن ۾ ڪمزور هجڻ جي ياد تازي ٿي وئي ته ڪيئن نه خانگي تعليمي ادارا قوم سان ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن. اسان جا اڪثر ٻار سنڌي يا اردو اخبارون يا رسالا چڱيءَ طرح پڙهي نٿا سگهن. مون سان اردو ڳالهائيندڙ دوستن به پنهنجن ٻارن بابت ويچار ونڊيا آهن ته کين چڱيءَ طرح پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ نٿو اچي، هيءُ هڪ وڏو تعليم جو موت آهي. اسان جي سنڌ جي تعليم واري وزير با تدبير سيد سردار شاهه پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀاليندي خانگي تعليمي ادارن کي سنڌي مضمون پڙهائڻ لاءِ سختيءَ سان حڪم ناما به جاري ڪيا ۽ نيڪ نيتي سان ڪوششون به ورتيون آهن، مگر افسوس آهي نظامت خانگي تعليمي ادارن تي جيڪي خانگي ادارن جي انسپيڪشن ۽ رجسٽريشن ڪن ٿا. انهن جا آفيسر ٿوري تڪليف وٺي انهن اسڪولن جو معائنو ڪري سنڌي مضمون پڙهائڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪن ته ڪافي بهتري اچي سگهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو به ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments