خبردار متان هن وڻ جي ويجهو ويا آهيو، وڏو ڏنڊ لڳي سگهي ٿو

1866 Shares

دنيا جي سڀ کان وڏي وڻ هائپرون تائين ماڻهن کي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. هائپرون جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي وڻ طور لکيل آهي جيڪو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ريڊ ووڊ نيشنل پارڪ ۾ موجود آهي. نيشنل پارڪ جي انتظاميا طرفان گذريل هفتي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وڻ جي ويجهو وڃڻ واري فرد کي 6 مهينا قيد ۽ 5 هزار ڊالر ڏنڊ جي سزا کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن وڻ کي 2006ع ۾ ماهرن دريافت ڪيو ۽ هي وڻ 115.92 ميٽر ڊگهو آهي. نيشنل پارڪ جي نيچرل ريسورسز چيف ليونل آرگيلو چيو ته هن علائقي ۾ موبائل فون ۽ جي پي ايس سروسز محدود آهن، جنهن ڪري اتي ڪنهن جي گم ٿيڻ يا زخمي ٿيڻ تي فوري طور طبي امداد ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته وڻ جي پاڙ جي ٿيندڙ نقصان کان هٽي ڪري به ماڻهن جي رش ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهو اتي گند پکيڙي رهيا آهن جيڪا سٺي ڳالهه ناهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments